• تعارف
سنڌ جي تاريخ کي پڙھندڙن سدائين مٿاڇري نظر سان پئي ڏٺو آھي. گھرائيءَ سان جيڪڏھن ڏٺو به ويو آھي ته صرف مذھبي جنون جي حد تائين. سياڻن جو چوڻ آھي ته ”تاريخ کي ڪڏھن به ھڪ پھلوءَ سان نه جاچيو پر اُن مان ھر پھلوءَ کي ڳوليو ۽ پرکيو - ۽ لِڪل شين کي ميدان تي آڻيو.“
ھن ڪتاب جي خالق ڀاءُ آزاد قاضيءَ تاريخ جي انھن لڪل، لاثاني ڪردارن کي پاتال مان سطح تي آڻي بيھاريو آھي، جن کي يا ته ڪنھن حيثيت ۾ نٿي ليکيو ويو يا وري ڄاڻي واڻي تنقيد جو نشانو بڻائي ختم ڪيو پئي ويو.... پر جن کي ماضي زندھ سڏيو، انھن کي حال ۾ ڪنھن به طريقي سان ڇيھو رسائي نٿو سگھجي.
پنھنجي ھن قريبي دوست ۾ ھڪ خوبي جا مون کي تمام گھڻي وڻندي آھي سا آھي خاموش طريقي سان ڪم کي چنبڙيل رھڻ ۽ ان کي ڪنھن ماڳ تائين رسائڻ.
اسان وٽ عام چوڻي آھي ته ”جيڪي گجندا آھن سي وسندا ناھن ۽ جيڪي وسندا آھن سي گجندا ناھن.“ آزاد، گھٽ ۾ گھٽ انھن ماڻھن کان پرڀرو ٿي بيٺو آھي جيڪي لٻاڙي آھن ۽ آسمان ۾ تراريون ھلائيندا آھن. منھنجي نظر ۾ اِھي ئي ماڻھو جاکوڙ ڪري سگھن ٿا جن کي قومي بقا جو اونو ۽ ادب جي اوسر جو فڪر ھوندو، انھن جي ڪيل کوجنا ۽ فڪري اُپٽار قوم جي صحيح ترجماني ڪندي.
ھن ڪتاب ۾ ڪي ڪردار اھڙا ته آھن جيڪي سچ پچ، پڙھڻ سان اچرج وٺيو وڃي ته ڇا اھي به اسان جا ئي تاريخي ڪردار آھن. ڇوته اسان کي بند دائري ۾ تاريخ پڙھائي وئي جن ۾ قومي ۽ اصلوڪن ڪردارن کي لڪائي، ڦورن، غاصبن ۽ رھزن ٽولن کي ھيرو ۽ مسيحو ڪري پيش ڪيو ويو.
قومي ساڃھ رکندڙ ھن ساٿي جو جيون وچور اڪثر تعارفن جيان ڏيون ھا، پر اسان ان کوکلي روايت جي خلاف آھيون. ڇو ته محنت ئي ڪو مقام ڏياري ٿي. ھونئن به آزاد قاضي ادب ۾ ڪو نئون ناھي جو تعارف ڏجي.... بس ھو سکڻي ميل ميلاپ مان ڪونه ڄاڻي. پنھنجي ڪم سان ڪم اٿس تنھنڪري ھر وقت پنھنجيءَ ۾ پورو ھوندو آھي. ھو جيڪو ڪجھ ڪري سگھيو آھي، انھن ڪاوشن ذريعي ئي ھن کي سڃاتو وڃي ٿو.
اُميد ته سندس ھي ڪتاب مواد جي لحاظ کان انتھائي موزون ۽ وقت جي لحاظ کان اھم ثابت ٿيندو.
ننگر سومرو