سنڌ شناسي

سنڌ جون انقلابي عورتون

ھن ڪتاب ۾ ڪي ڪردار اھڙا ته آھن جيڪي سچ پچ، پڙھڻ سان اچرج وٺيو وڃي ته ڇا اھي به اسان جا ئي تاريخي ڪردار آھن. ڇوته اسان کي بند دائري ۾ تاريخ پڙھائي وئي جن ۾ قومي ۽ اصلوڪن ڪردارن کي لڪائي، ڦورن، غاصبن ۽ رھزن ٽولن کي ھيرو ۽ مسيحو ڪري پيش ڪيو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 6681
  • 1852
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • آزاد قاضي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ جون انقلابي عورتون

• راڻي ودلا

راڻي ودلا، ھن ديش جو تمام قديم مھاڀارت کان به اڳ جو ڪردار آھي، جيڪو ٻين ڪيترن ئي ڪردارن وانگر ھڪ نسل کان ٻئي نسل تائين زبان در زبان منتقل ٿيندو آيو آھي. ويجھڙائيءَ ۾ ھن راڻيءَ جو تذڪرو شري گنگارام سمراٽ پنھنجي ڪتاب ”سنڌو سؤوير“ ۾ بيان ڪيو آھي. ھن قصي لاءِ ھو پڻ لکي ٿو ته ”ھيءَ تمام پراڻي وارتا (قصو) آھي، جيڪا مھاڀارت “ ۾ ڪنتيءَ واتان ٻڌائڻ ڪري امر ٿي وئي. (سنڌو سؤوير) ڪنتيءَ جي قصي منجھان معلوم ٿئي ٿو ته راڻي ودلا کتري پاڙي جي نھايت ھوشيار ۽ قابل راڻي ٿي گذري آھي. جيڪا پنھنجي دور جي عاقل، داناءُ ۽ روشن خيال رکندڙ دورانديش عورت ھئي. سندس ان ڏاھپ جو راجائن جي درٻارن تائين نالو ھوندو ھو. ھوءَ ڪيترن کي ھٿيارن جي ڄاڻو ۽ عالمن جا خيال ٻڌي ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ واري عورت ھئي.
ان دور ۾ ھي ديش ڪيترن ئي رياستن تي مشتمل ھوندو ھو، جن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا رھندا ھئا. راڻي ودلا جي مڙس جي مرتئي کانپوءِ سندس پُٽ حڪومت تي ويٺو، پر حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ ۾ ودلا جي دانائي ۽ ڏاھپ جو پوري ريت ھٿ ھو.
ھڪ ڀيري ڇا ٿيو جو سندس پٽ ڀر واري حاڪم کان ھار کائي، غمگين ٿي اچي گھر سمھي پيو. ان موقعي تي پٽ کي غيرت ڏيارڻ ۽ دل ٻڌرائڻ لاءِ تنبيھ واري نموني ۾ جا ھدايت ڪيائين تنھن کيس تاريخ ۾ سجاڳي آڻيندڙ انقلابي عورتن جي صف ۾ آڻي بيھاريو. ھن پنھنجي پٽ کي سست، موڳو ۽ ملول ڏسي کيس چيو ”اڙي تون منھنجي گرڀ مان ڄائو آھين ته به مون کي آنند ڏيڻ وارو ڪونه آھين، تون ته مخالفن جي ئي خوشي وڌائيندڙ آھين، ان ڪري ھاڻي مان ائين سمجھڻ لڳي آھيان ته تون منھنجي ڪُک مان ڄائو ئي ڪونه آھين. تنھنجي پيءُ توکي ڪونه ڄڻيو آھي، پوءِ تو جھڙو ڪانئر ڪٿان آيو، تون ڪروڌ کان بلڪل خالي آھين. تنھنجو من وغيره سڀ ڪاريھر جيان آھن ۽ تو سڄي زندگي لاءِ نا اميد ٿي وئين.“
ھن بھادر عورت پٽ کي وري به آٿت ڏيندي چيو ”اڙي ھينئر به تون اُٿ پنھنجي ڪلياڻ لاءِ ٻيھر جنگ جو بار کڻ، پاڻ کي ھيڻو سمجھي خود ئي پاڻ کي گھٽ نه سمجھ. ھن زندگيءَ جي دولت سان ڀيٽ نه ڪر. من کي مضبوط ڪري، ان کي سندن ارادن سان ڀري بھادر ٿي وڃ، ڀئه صفا ڪڍي ڇڏ. او ڪانئر! اُٿ کڙو ٿيءُ، ھن طرح دشمن کان ھار کائي گھر ۾ آرام نه ڪر. ائين ڪري تون سڀني دشمنن کي آنند ڏيئي رھيو آھين ۽ تون غيرت کان خالي ٿي مِٽن مائٽن کي ڏک ۾ وجھي رھيو آھين.“
جھڙي طرح موجوده دور ۾ ھٿيارن واري ويڙھاند کان وڌيڪ ذھني جنگ جو سوڀ حاصل ڪرڻ ۾ وڏو ھٿ آھي. دنيا جا وڏا وڏا ملڪ ھڪ ٻئي تي رڳو ذھني جنگ وسيلي ئي برتري حاصل ڪري رھيا آھن. جيڪي فرد يا ٽولا ذھني ۽ عقلي جنگ بغير رڳو ويڙھاند تي سندرو ٻڌندا آھن، سي قوم کي ڪنھن به قسم جو ڇوٽڪارو ڏيارڻ بجاءِ، عادي ڏوھاري بڻجي رڳو، چوريون، ڦرون ڪرڻ ۽ ڌاڙا ھڻڻ واري عمل ۾ مصروف ٿي ويندا آھن.
آڳاٽي دور ۾ به جنگيون رڳو تلوار ۽ فوج جي زور تي ڪونه کٽبيون ھيون پر ان وقت به علم، دانائي ۽ جنگي ڄاڻ جو سوڀُن ۾ وڏو ھٿ ھوندو ھو. اڄ جي دور ۾ جنھن کي حالتن کي سمجھڻ، وقت جي نزاڪت سان اڳتي وڌڻ، پوئتي ھٽڻ يا ڪجھ وقت خاموشي اختيار ڪرڻ چون، تنھن کي اُن وقت ۾ دشمن کي دوکو ڏيڻ چوندا ھئا. جنھن تي جنگ جي ميدان ۾ سوڀارو ٿيڻ جو مدار ھوندو ھو. ھيءَ راڻي عقل ۽ دانائيءَ ڪري اھڙين ڳالھين منجھان پوريءَ ريت واقف ھئي تنھنڪري ھن پنھنجي پٽ کي مثالن وسيلي اھا ڳالھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪھڙي ريت دشمن تي سوڀ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھن کيس چيو ”جيئن ننڍي ندي ٿوري پاڻيءَ سان ائين ئي ڏسندي ڀرجي ويندي آھي ۽ ڪوئي جي مُٺ ٿوري اَن سان ڀرجي ويندي آھي. تيئن ئي ڪانئر کي ماٺ ڪرائڻ تمام سولو آھي. ھو ٿوري تي راضي ٿي ويندو آھي، تون دشمن جا ڏنگيندڙ ڏند ڀڃيندي مري وڃ. جان وڃڻ جو کٽڪو ھجي ته دشمن سان ٺاھ ڪرڻ ظاھر ڪر. آڪاس ۾ بي کٽڪي اُڏامندڙ پکيءَ جيان جنگ جي ميدان ۾ ڦرندي، گجندي يا چپ رھي دشمن جون ڪمزوريون ڏسندو رھ“ ھوءَ رڳو ان چوڻ سان خاموش نه ٿي ويئي پر کيس وڌيڪ تنبيھ ڪندي چيائين: ”ڪانئر تون ھن وڄ کان مري ويل مُردي وانگر ھتي ڇو مُردار ٿيو پيو آھين بس اُٿ دشمن کان ھارائي، ھتي پيو نه رھ تون ويچارو بڻجي سست نه ٿي وڃ. پنھنجي بھادريءَ وارن ڪمن سان مشھوري ظاھر ڪر، تون وچولي، گھٽ خواھ ڪريل خيالن جو سھارو نه وٺ، پر جنگ جي ميدان ۾ شينھن جيان گجگوڙ ڪندي ڄمي وڃ. تو ڪک جھڙي ٻرندر ڪاٺي جيان ٻن گھڙين لاءِ به ڀڙڪي اُٿ، پر جيوت واري جوت جيان ڀنڀٽ ڪر، باھ جيان دونھون نه ڪر. (ٻه گھڙيون به ڀنڀٽ ڪري ٻرندو رھڻ سٺو پر دير تائين دونھون ڪڍندي دُکڻ چڱو ڪونھي) ”سندس ھيءَ چوڻي بنگال جي بھادر ٽيپو سلطان جي مشھور چوڻي ”گدڙ واري سؤ سالن جي زندگيءَ کان شينھن جي ھڪ ڏھاڙي واري زندگي بھتر آھي“ وارو مطلب ظاھر ڪري ٿي 'آزاد' ڪنھن به راجا جي گھر ۾ بلڪل ظالم يا صاف نرم سڀاءُ ٻالڪ جو جنم نه ٿيڻ گھرجي. بھادر ماڻھو جنگ ۾ جادوءَ سان اعليٰ صفتون ظاھر ڪري ڌرم جي فرض کان آجو ٿيندو آھي ۽ پنھنجي گلا ڪونه ڪرائيندو آھي.
ھن عاقل عورت پنھنجي مڇو ۽ ملول پُٽ کي وطن خاطر بنان خوف ۽ خطري، لالچ ۽ لوڀ جي مرڻ جي تلقين ڪندي چيو: ”غلام انسان کي گھربل ڦَل جي حاصلات ٿئي يا نه ٿئي، ھو ان لاءِ ڏک ڪونه ڪندو آھي. ھو جيسين ساھ سان آھي، تيسين تائين چرپر ڪندو آھي ۽ پنھنجي لاءِ دولت جي آس ڪونه ڪندو آھي.“
گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رِڻ جا.
دنيا ۾ بھادر انسانن پنھنجي لاءِ ھڪ ئي رستو اختيار ڪيو آھي. يا بھادريءَ سان جيئڻ يا پنھنجو پاڻ قربان ڪري ڇڏڻ. ھو پنھنجي مقصد ماڻڻ ڪارڻ آخري گھڙيءَ تائين جدوجھد ڪندا آھن، پر پوءِ جيڪڏھن ناڪام ٿي پوندا آھن ته دشمن جي چنبي ۾ اچڻ کان اڳ پنھنجو انت آڻي ڇڏيندا آھن. ھن بھادر عورت پنھنجي پٽ کي پڻ اھڙي ھدايت ڪندي چيو: ”پُٽ! ڌرم کي اڳيان رکي يا ته مطلب ظاھر ڪر يا ته ان باھ جي حوالي ٿيءُ! ڇالاءِ جي رھيو آھين. ڪانئر! تنھنجا مھان ۽ اتم ڪرم ختم ٿي ويا، سمورو ناموس ڌوڙ ۾ ملي ويئي، ھاڻي تون ڇالاءِ جي رھيو آھين. ماڻھو ٻڏندي وقت، مٿان کان ھيٺ ڪرندي وقت به دشمن جي ٽَنگ ھر هال ۾ پڪڙي ۽ ائين ڪندي جيڪڏھن پنھنجي جان به ھلي وڃي ته به ڪا پرواھ نه ڪري، سٺي ذات جا گھوڙا نه ته ٿڪجندا آھن ۽ نه ئي ڍِلا ٿيندا آھن. انھن جي ان ڪم کي ياد ڪري پنھنجي مٿان رکيل جنگ جو بار ھمٿ سان کڻ پٽ! تون صبر ۽ غيرت ڌار، پنھنجي مقصد کي سمجھ ۽ ان جي سھاري ھن ٻڏندڙ قوم جو تون ئي بچاءُ ڪر. ھن کيس وڌيڪ تلقين ڪندي چيو ”جنھن جي مھان ۽ حيرت انگيز مقصد ۽ سڀاءَ جي سڀ لوڪ چرچا نه ٿا ڪن، اھو ماڻھو پنھنجي طرفان فقط جنس وڌائيندڙ آھي. منھنجي نظر ۾ نه اھو عورت آھي ۽ نه ئي مرد! سخاوت، عبادت، سچ ڳالھئائڻ، علم ۽ ڌن ڪمائڻ ۾ جنھن جي نانءَ جي ھر ھنڌ واکاڻ ڪانه ٿيندي آھي، اھو ماڻھو پنھنجي ماءُ پيءُ جو پٽ نه پر ڍڳي جي مٽ برابر ئي آھي.
”جيڪو ديني علم ۽ عبادت، ڌن، دولت خواھ پنھنجن خدمتن رستي ٻين کي جيتي ٿو وٺي، اھو ان ئي ڪم دوران ماڻھپي وارو ماڻھو سڏبو آھي.“
ھن کيس وڌيڪ ھن ريت ھدايت ڪئي ”توکي گدڙن، فقيرن، ڪرڙن ۽ ڪانئرن جي بيک وغيره گھٽ درجي واري ڳالھ جو سھارو ڪڏھن نه وٺڻ گھرجي، ڇوته اھا بدنامي ڦھلائيندڙ ۽ دکدائي (ڳالھ) ٿيندي آھي. جنھن بزدل ماڻھو جي دشمن جي پاسي جا ماڻھو تعريف ڪندا ھجن، جيڪو سڀني اڳيان بي مانو ٿيندو ھجي، جيڪو ٿوري لالچ تي ئي وڪامجي حيرت ظاھر ڪندو ھجي. جيڪو ھر طرح ھيڻو ۽ ڪنگال جيون گذارڻ وارو ۽ ھلڪي سڀاءُ جو ھجي اھڙي مائٽ کي حاصل ڪري ان جا مٽ مائٽ سکي ڪونه ھوندا آھن.“
”تون سڄڻ ماڻھن جي وچ ۾ اڻ وڻندڙ ڪم ڪرڻ وارو آھين، قوم ۽ نسل جو مان ۽ عزت ناس ڪندڙ آھين. لڳي ٿو ته تنھنجي روپ ۾ پٽ جي نالي مون ڪنھن ڪانئر ماڻھوءَ کي جنم ”ڏنو“ آھي. سنسار جي ڪابه عورت اھڙي پٽ کي جنم نه ڏئي جيڪو امرتا کان خالي، سچائي، بھادري ۽ محنت کان خالي ٿي دشمنن جو آنند وڌائيندو ھجي.
اڙي! دونھين جيان نه اُٿ زور زور سان باھ وانگر ڀڙڪو کائي اٿ ۽ زور سان حملو ڪري دشمن جي فوج کي ناس ڪري ڇڏ. تون ھڪ گھڙيءَ لاءِ به دشمنن جي مٿي تي ٻرندڙ باھ بڻجي ڇانئجي وڃ. ديا، بي ھمتي ۽ ڊپ اھي ملڪيت جو ناس ڪندڙ آھن، بي ھمت ماڻھو ڪڏھن به ڪو اھميت وارو ڪم نٿو ڪري سگھي.
ھار کائڻ ڪري جيڪا لوڪ ۾ تنھنجي بدنامي ۽ ندا ٿي رھي آھي، تن سڀني ڪمزورين کان تون خود ئي پنھنجو پاڻ کي آجو ڪر ۽ پنھنجي دل کي لوھ جيان مضبوط بڻائي وري پنھنجي مقصد جي ڳولا ڪر. جڏھن بھادر ۽ بي ڊپو سؤروير ۽ شينھن جيان گجندڙ راجا جنگ ۾ اتفاق سان مري به وڃي ته به ان جي راڄ ۾ عوام سُکيو رھندو آھي.
ھر ماءُ پنھنجي اولاد کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي آھي. سندس آس ھوندي آھي ته منھنجي ٻچي کي ڪڏھن به ڪوسو واءُ نه لڳي، جتي به ھجي شال خوش گذاري. ان مامتا واري جذبي تحت اڪثر عورتون قومي فرض به وساري وھنديون آھن. جيئن موجوده وقت ۾ سنڌي عورت ڪري رھي آھي. حقيقت ۾ اھا عورت جي بنيادي ڪمزوري آھي.
ودلا جي ڪمزور ۽ سست پٽ سنجيه کي جڏھن ماءُ ايتريقدر بي عزتو ڪيو، تڏھن ھن سندس مامتا واري ڪمزوريءَ مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس چيو ”امان، اگر تون مونکي نه ڏسين (يعني مان مري وڃان) ته ھيءَ ساري پرٿوي ملڻ تي به توکي ڪھڙو سُک ملندو؟ منھنجي نه رھڻ تي توکي زيورن جي به ڪھڙي ضرورت پوندي.“
پُٽ جي اھڙي ڪانئرانه جواب تي راڻي ودلا پٽ کي ھيٺئين ريت دليلن ۽ ثبوتن سان جواب ڏيندي چيو ”پٽ! اڄ ڇا کائبو؟ اھڙي پرڪار جي چنتا (ڳڻتي) ۾ پيل ڪنگالن جي جيڪا حالت ٿيندي آھي سا اسان جي دشمنن جي ٿئي ۽ ھر ھنڌ رسوا ٿيندڙ ماڻھن وانگر اسانجي دشمنن جي حالت ٿئي، سنجيه! نوڪرن چاڪرن کان خالي، ٻين جي اَنَ تي جيئندڙ ھيئن بکين جي عادت نه ڌار.
پڪي ڦل واري وڻ جيان جنھن ماڻھو جو سھارو وٺي سڀ دنيا وارا گذارو ڪن ٿا ان جو ئي جياپو مطلب (مقصد) وارو آھي. جيئن اندر جي عبادت سان سڀ ديوتا سکي رھن ٿا. اھڙي طرح جنھن بھادر ماڻھو جي طاقت ۽ ھمت سان سندن مِٽ مائٽ سک سان گذارو ڪن ٿا. ھن سنسار ۾ انجو ئي جيون اوچو آھي.
جيڪو کتري پنھنجي جيون واري ڪوشش سان پڄندي ساري عبادت ڪري پنھنجي قابليت جي ڄاڻ نٿو ڏئي، ان کي سڀ چور سمجھندا آھن. جھڙي طرح مرڻ ڪنڌيءَ تي پھتل ماڻھوءَ کي ڪابه دوا ڪم نه ڪندي آھي تھڙي طرح ھي دليل گڻ ۽ بھترين وچن به تنھنجي دل تائين نٿا پھچن.
ڏس سنڌو راڄ جو عوام کانئس خوش ڪونھي، ته به تنھنجي ڪمزورين سبب اھا اداس ويٺي آھي، ۽ ان تي مصيبت اچڻ جي واٽ ڏسي رھيا آھن، ٻيا راجا به تنھنجي ھمت ڏسي، ھِتان ھُتان خاص ھٿ پير ھڻي، پنھنجي طاقت م واڌارو ڪري ان جا دشمن ٿي سگھن ٿا. تون انھن مڙني سان پنھنجائپ ڪري موقعي سارو پنھنجي دشمن تي آفت اچڻ جو انتظار ڪندي جبلن جي غارن ۾ گھمندو رھ، ڇوته اھو سنڌوراج ڪو اجر، امر ته آھي ڪونه، ارادو مڪمل ڪر، ڪنھن جي اڳيان سِر نه جھڪاءِ، توڪل جو ترھو ٿيندو آھي. بي وقت ڀلي مارجي وڃ پر ڪنھنجي اڳيان ڪنڌ ھيٺ نه ڪر.
ماءُ جي اھڙن غيرت ڏياريندڙ بھادرانه قولن سنجي جي دل ۾ غيرت جو جذبو ضرور جاڳايو پر خطري ڪري سندس ڌيان دولت ۽ سپاھ واري طاقت ڏانھن ويو. اھو سوچي ھن ماءُ کي چيو، امان مون وٽ نه ته خزانو آھي ۽ نه ئي پختا سپاھي پوءِ منھنجي سوڀ ڪيئن ٿيندي. پنھنجي اھڙي ھيڻي حال تي ويچار ڪري، مون راڄ جو خيال ختم ڪري ڇڏيو آھي..... (جي) تون ڪو اُتم اپاءُ ڏسين ته پوءِ مان تنھنجيون سڀئي اميدون پوريون ڪندس.
ودلا پنھنجي پٽ جي ڪانئرتا پروڙي ورتي تنھنڪري کيس وري به دل ٻڌائڻ ڪارڻ ھيٺين ريت ھدايت ڪندي چيائين ”پٽ، اڳين ملڪيت لٽجي وئي آھي، اھو سوچي توکي پاڻ کي گھٽ نه سمجھڻ گھرجي، ڇوته ڌن، دولت ته ناس ٿي وري حاصل ٿيندا آھن ۽ حاصل ڪري وري به ناس ٿي ويندا آھن. بھادرن کي فقط راين کان ڌن جي حاصلات لاءِ لالچ نه ڪرڻ گھرجي.
پٽ! سڀني ڪرمن جو ڦل ۾ سدائين خاطري نه رھندي آھي، ڪڏھن ان جو ڦل ملندو آھي ۽ ڪڏھن نه به ملندو آھي، ان ڳالھ کي ڄاڻندي به عقلمند انسان جدوجھد ڪندا آھن، ۽ اھي ڪڏھن ڪامياب به ٿيندا آھن ته ڪڏھن ناڪام به ٿيندا آھن پر جيڪي پورھئي لاءِ ڪوشش ئي نه ٿا ڪن، اھي ته ڪڏھن پنھنجي مقصد م ڪامياب ڪونه ٿيندا. پورھئي کي ڇڏي ائين پيو رھڻ جو اھوئي نتيجو ٿيندو آھي ته ماڻھوءَ جو مقصد ڪڏھن به پورو نه ٿيندو پر پورھئي ۾ شوق سان لڳو رھڻ سان ئي مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيندو، ڪڏھن ڪامياب ڪڏھن ناڪام، ڪاميابي آخر ٿيندي. اھڙوئي پختو ارادو ڪري، مسلسل بنا کٽڪي جي توکي ھر وقت سجاڳ رھڻ ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ وارن ڪمن ڪارين ۾ جنبي وڃڻ گھرجي. ان لاءِ توکي خاص ترڪيب ڪرڻي پوندي. جيڪي مخالف ڌر تي ناراض آھن، جن جي مَن ۾ ڌَن (ملڪيت) جي لالچ ھجي، جيڪي مخالف راجا جي ڪري ھيڻا ٿي ويا ھجن، جن کي پنھنجي ٻل ۽ مردانگيءَ تي ناز ھجي يا جن جي تنھنجي دشمنن اڳيان بي عزتي ٿي ھجي ۽ کانئس بدلو وٺڻ جي تاڙ ۾ ھجن، تن سڀني کي تون ساٿ ڏيندڙ بڻجي مانَ ۽ دان سان پنھنجي طرف ڏانھن ڪر. اھڙي ريت تون وڏي ۾ وڏي سينا کي به ٽوڙي سگھندين، جھڙي ريت تيز ھوا ڪڪرن کي ٽوڙي ڇڏيندي آھي. تون انھن کي اڳواٽ ئي ڌَن جو عيوضو ڏيئي ڇڏ.“
راڻيءَ، پٽ کي اڃان وڌيڪ عاقلانه نموني ھدايت ڪندي ماڻھن جي دلين جيتڻ جو سبق ھيٺين نموني ڏسيو. ”صبح جو سوير اُٿ، ۽ سڀني سان مِٺو ڳالھاءِ، ائين ڪرڻ سان ماڻھو تنھنجا ھمدرد ٿيندا ۽ پڪ توکي پنھنجو اڳواڻ بڻائيندا.
دشمن کي جيئن ئي معلوم ٿيندو آھي ته ان جو مخالف حياتيءَ جي لالچ ڇڏي، جنگ لاءِ تيار آھي ته ڀر ۾ رھندڙ، نانگ وانگر، اُن (دشمن) جي ڊپ کان ٿڌو ٿي ويندو آھي. جيڪڏھن دشمن کي فتح مند سمجھي پنھنجي ڪمزوريءَ ڪري ان کي وس ۾ نه ڪري سگھجي ته ان کي پنھنجي ڀروسي جوڳن ماڻھن رستي سھارو ڏيڻ ۽ پئسي جي لالچ جو استعمال ڪري حالتن کي موافق بڻائڻ گھرجي. [ جيئن ھو (دشمن) حملو نه ڪري خاموش ويٺو رھي] ائين ڪرڻ سان به ڪجھ نه ڪجھ ٿيندو آھي. اھڙي ريت دشمن کي خاموش ڪري ڇڏڻ سان بي خوف سھارو ملي ويندو آھي. جيڪو حاصل ڪري جھڳڙي ۾ نه ڦاسڻ ڪري پنھنجي خزاني جو واڌارو ٿيندو آھي. پوءِ خزاني واري راجا جا ڪيترائي عزيز سھارو وٺندا آھن ۽ ان جي خدمت ڪندا آھن جنھن جي ملڪيت ۽ وقار ناس ٿي ويندو آھي، ان جا عزيز، ڀائر ۽ مائٽ به ان کي ڇڏي ويندا آھن. مٿس ڀروسو ڪونه ڪندا آھن ۽ اھڙن جي گلا به ڪندا آھن.
پٽ! ڪھڙي به آفت ڇونه اچي، راجا کي ڪڏھين خوف نه ڌارڻ گھرجي، نه ئي گھٻرائڻ گھرجي، جيڪڏھن ڊنل ھجي تڏھن به ظاھر نه ڪري. راجا کي خوف ۾ ڏسي سندس رعيت جا سڀ ماڻھو گھٻرائجي ويندا. حڪومت جو عوام، فوج ۽ سپاھ به ٻيو ويچار ڪرڻ لڳندا آھن. انھن مان ڪي ته راجا جي دشمنن سان ملي ويندا آھن، ٻيا کيس ڇڏي ويندا آھن ۽ ڪي، جن جي راجا ھٿان بي عزتي ٿيندي آھي، سي ان حالت ۾ مٿس حملو ڪرڻ جو سوچيندا آھن. جيڪي فقط خاص ھمدرد ھوندا آھن، اھي ئي اھڙي تڪليف جي وقت ان راجا وٽ رھجي ويندا آھن، پر اُھي به لاچار ھئڻ ڪري ڪجھ به نه ڪري سگھندا آھن فقط من ئي من ۾ ان لاءِ نيڪ خواھشون رکندا آھن.
سنجيه! جيڪڏھن مان ھي سڀ ٺيڪ چئي رھي آھيان ۽ جيڪڏھن تون به منھنجي ڳالھين کي پوري ريت سمجھي رھيو آھين ته پنھنجو پاڻ مضبوط ٿي، فتح جي لاءِ اُٿي کڙو ٿيءُ، اسان وٽ اڃان گھڻو خزانو آھي، جنھنجي توکي ڄاڻ ڪانھي. مون کي ئي خبر آھي، ٻئي ڪنھن کي ڪانھي، اھو خزانو مان توکي سونپيان ٿي.
ماءُ جي ايتري ھدايت ۽ تنبيھ ڪرڻ کان پوءِ پُٽ وراڻيو، امان، تنھنجا اھي امرت جھڙا خيال ڏاڍي ڪٺنائيءَ سان ٻڌڻ لاءِ مليا، ھاڻ ڏِس مان دشمنن جي ختم ڪرڻ ۽ سوڀ لاءِ تياري ڪري رھيو آھيان.
مٿين سڄي بيان منجھان اھو ظاھر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه راڻي ودلا جي جرئت پيدا ڪندڙ عاقلانه گفتن، سست ۽ ڪاھل پُٽ ۾ بھادريءَ جا ڳُڻ پيدا ڪري ڇڏيا ۽ ھو سستي ۽ ڪاھلي ڇڏي قوم جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو*