• ڪويل (دودي جي ڌيءُ، ننگر جي منڱ)
سندس مڱڻو سنڌي معاشري جي ننڍي ھوندي نالي ڪري ڇڏڻ واري قديم روايت موجب، ڄمڻ کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ئي ٿيو ھو. ٿيو ھيئن ته چنيسر جي ماءُ ڀونگر راءِ کان، پنھنجي فائدي ۾ ڪا مضبوط سند حاصل ڪرڻ لاءِ کيس بار بار پيئي چوندي ھئي ته: ”جيئري مان عيش ٿي ڪريان، پوءِ الائجي منھنجا ڪھڙا حال ٿيندا، ته مان لھر ۽ ھو سومرا، متان مونکي ڏک ڏين.“ پوءِ جو دودي کي ڌيءُ ڄائي ۽ چنيسر کي پٽ، تڏھن بادشاھ زال واري ڳالھ کي نظر ۾ رکي، چنيسر جي پٽ سان دودي جي ڌيءُ منڱائي ڇڏي.
اڳتي ھلي ھن جو ان وقت ذڪر اچي ٿو، جڏھن چنيسر ڪاوڙجي پئي ويو. سندس ڪاوڙجي وڃڻ تي دودي کيس پرچائي واپس ورائڻ خاطر ميڙيون منٿون ڪرڻ، ملڪ جي وڏي حصي جي حڪومت ڏيڻ کانسواءِ ڌيءُ وارو سنڱ ياد ڏياريو، جيئن ھيٺين بيت ۾ آيل آھي:
ڳل ڏيو ڳرھاٽڙيو، چئي ڀاڪر وڌو ڀاءُ،
ادو ابو توکي چوان، تنھنجي مريم ڀانيان ماءُ،
پنجاھ صدين جي ڀاڳڙي آھي تو سنداءِ،
ننگر ناٺي منھنجو، سونل نُنھن سندياءِ.
آخر چنيسر نه مڙيو ۽ ڌارين کي وٺي آيو تڏھن سومرن سِرَ گھورڻ شروع ڪيا. سر گھور ڪندڙن ۾ ڪويل جي منڱيندي ننگر جو مٿاھون درجو آھي. اھو ننگر جنھن ٻاگھيءَ جي سنڱ گھرڻ تي وڏي جرئت سان چيو ھو: ”اوھان کي ياد رکڻ گھرجي ته، اسان جي رَڳ رَڳ ۾ عزت ۽ غيرت جو خون ڇوليون ھڻي رھيو آھي اسان ڪڏھن به غيرت جو دامن ھٿان نه ڇڏينداسين، سر ڏينداسين پر سنڱ نه ڏينداسين.“ (اخبار صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع) غيرت جي ڀنڊار مڙس ننگر جي انھن مھاڏن تي عالادين جي لشڪر کي خار لڳي ۽ ننگر سان جنگ جوٽي ڏنائون جنھن ۾ ننگر شھيد ٿي ويو.
ننگر جو لاش زنانخاني ۾ آندائون ته ڪويل جو ڪنڌ فخر مان مٿي کڄي ويو، سندس منڱيندو پاڻ ملھائي آيو ھيو. تنھن ويل ڄڻ ته ٻين ھڪ جيڏين سھيلين کي چوندي ھجي:
منھنجو منڱ مٿي، ھن کي گھاءَ گھڻا ھئا،
مُرڪڻ جو حق ناھي ڪو او، سرتِي توکي،
جو تنھنجي منڱ کي، رھڙ نه ڏٺم جسم تي. (تنوير)
اھڙي ماحول ۾ ھن غيور عورت پنھنجو حوصلو برقرار رکيو ۽ ان دور جي رسم مطابق مڱيندي جي مڙھ کي ڦيرا ڏنا ۽ حق بخشيو. (روپا ماڙي ص 21) ڪويل جي اھڙي جرئت مندانه قدم کي ڏسي ٻين عورتن جھڙوڪ سندس ڀيڻ ساران، ھاسي سوڍي جي زال مالھا پنھنجي مڙسن کي وڃي بيدار ڪيو ۽ جنگ جي ميدان ۾ موڪليو.