• ٻاگھل ٻائي
سنڌ جي ھيءَ عظيم عورت، سنڌ جي قديم قبيلي سومرن مان ھئي. جنھن قبيلي جي فردن ھر دور ۾ ديس جي ننگ ۽ ناموس تان قربان ٿي، پئي پاڻ ملھايو آھي.
ھيءَ سورمي سومرن جي نامياري حاڪم ڀونگر راءِ جي ڌيءُ (ڏاڏي پوٽيءَ مان) ۽ دودي جي سڳي ڀيڻ ھئي.
ڀونگر راءِ کي ٻه گھر ھئا. پھرين گھر واري سومري ھئي. بعد ۾ گجر قبيلي مان روپا نالي ڇوڪريءَ سان 640ھ ۾ عشق مان شادي ڪيائين. (ڪن روايتن ۾ روپا جي ذات لُھر بيان ڪئي ويئي آھي، پر حقيقت ھن طرح آھي ته روپا جا مائٽ اصل ۾ گجر ھئا پر جيئن ته لوھڻ جي ڀرسان اھي سٺيون تلوارون ۽ ٻيو جنگي سامان ٺاھيندا ھئا، ان ڪري لوھر سڏجڻ لڳا. (آزاد)
ڀونگر کي انھن ٻنھي گھرن مان ھن ريت اولاد ٿيو. سومريءَ مان پھريائين ”ٻاگھي“ پوءِ گجر مان ”چنيسر“ پوءِ وري سومريءَ مان ”دودو“ پيدا ٿيو. ڪن روايتن موجب پھريائين چنيسر، پوءِ ٻاگھي ۽ آخر ۾ دودو پيدا ٿيو. (منشي اڌارام جي ڳالھ.) ڪيئن به ھجي پھريائين ٻاگھي پيدا ٿي ھجي يا چنيسر، پر سمورين روايتن منجھان اھا ڳالھ صاف ظاھر ٿئي ٿي ته ٻاگھي دودي جي سڳي ڀيڻ ھئي.
اعليٰ صفتون:
ھن عظيم عورت جي پرورش ن سنڌي عورت جو اعليٰ ڪردار ان وقت عوام اڳيان اچي ٿو، جڏھن 678ھ ۾، ڀونگر راءِ ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ٿو وڃي ۽ راڄ ڀاڳ ۾ حاڪم مقرر ڪري پَڳ ٻڌائڻ جو مسئلو اُٿي ٿو.
سومرن جي سرداريءَ ھيٺ ڪيئي بھادر ۽ جنگجو قبيلا ھئا. جھڙوڪ: جاڙيجا، سما، سوڍا، ڀٽي، گجر، راڄڙ، ھولياڻي، خفيف وغيره. ڀونگر راءِ جي فوت ٿيڻ بعد قبيلن جا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ته پَڳ ڪنھن کي ٻڌائجي چنيسر کي يا دودي کي؟
منڍ ۾ اھو معاملو دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ ڪونه ھو مگر (صرف) راڄن جي وچ ۾ ھو. (منشي اڌارام جي ڳالھ.) جيئن ته دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان ھئو ۽ چنيسر لوھارڻ (گجر) ڌاريءَ مان، انڪري راڄ فيصلو ڪيو ته پَڳ دودو ٻڌي. پوءِ يڪراءِ فيصلو ڪري سڀني گڏجي يا منجھائن ستر چونڊ چَڱن ھلي اچي دودي کي چيو ته: ”تون پَڳ ٻڌ“ پر دودو داناءُ ھو تنھن انھن چڱن جي سَٿ ۾ ويھي چيو ته: ”پَڳ چنيسر ٻڌي جو جو وڏ ڀاءُ آھي.“ (سومرن جو دور ص 22. ڪن روايتن مطابق راڄ پھريائين چنيسر کي پَڳ ٿي ٻڌائي پر ھو راڄ کي وھاري ماءُ سان صلاح ڪرڻ ويو ته پوئتان راڄ فيصلو بدلائي ڇڏيو. چي ”جيڪو پَڳ ٻڌڻ لاءِ به ماءُ کان پڇڻ ويو آھي سو اڳتي ڇا ڪندو!“ (آزاد) دودي ته گھڻو ئي چاھيو ٿي ته جيئن ملڪ اندر انتشار نه پکڙجي تنھنڪري کي ھن راڄ کي صلاح ڏني ته ”چنيسر وڏو آھي ان کي پَڳ ٻڌائي وڃي.“ پر عام راءِ کي وڏي اھميت ھوندي ھئي. تنھن ڪري دودي جي ڪنھن به نه ٻڌي. آخر راڄن پنھنجي ڳالھ پوري ڪرڻ لاءِ، دودي کي نشو ڏيئي پوءِ پَڳ سندس مٿي تي رکي. (سومرن جو دؤر ص 30. ٿي سگھي ٿو دودي جي چوڻ تي چنيسر کي پَڳ لاءِ چيو ويو ھجي پر سندس اھو جواب ڏيڻ تي ته (امان کان پڇي اچان) پوءِ راڄ فيصلو تبديل ڪيو ھجي ۽ دودي کي شراب پياري پَڳ سندس مٿي تي رکي ويئي ھجي. ڊاڪٽر بلوچ ھن طرح ڄاڻايو آھي: ”جيئن ئي راڄ دودي تي زور رکيو، تڏھن چيائين ته ڀلا ترسو، تڪڙ نه ڪريو، جيستائين چنيسر اچي. چنيسر شڪار تي ويل ھو. دودي ماڻھو موڪلي کيس سڏايو، چنيسر جيئن ئي ٻاھران آيو ته دودي کيس پڳ ٻڌڻ لاءِ چيو ۽ سڀني راڄن کي به سمجھايائين، جن به سندس چوڻ نه موٽايو. چنيسر اچي ويٺو ۽ کيس پھريون وَر دودي ڏنو.“ تڏھن چنيسر ماءُ کان پڇڻ واري ڳالھ ڪئي ۽ اتان قصو ڊھي پيو.
ڪن روايتن ۾ ته ائين به آھي ته ٻاگھي ڀائرن کان وڏي ھئي تنھن ڪري پھريائين پَڳ ان کي پئي ملي پوءِ ھن اھا وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياري. پر ھو جو ماءُ کان پڇڻ ويو ته راڄ فيصلو ڦيرائي ڇڏيو. (آزاد)
اتي ھن عظيم عورت جو صلح پسندانه ۽ ذھانت وارو گڻ ظاھر ٿئي ٿو. ھن نٿي چاھيو ته پَڳ جو معاملو ايتري قدر وڌي وڃي جو ڀائر پاڻ ۾ وڙھي پون ۽ راڄ حصن ۾ ورھائجي وڃي، ڇوته اھڙي ريت قومي شيرازي ڪمزور ٿيڻ جو انديشو نظر پئي آيو. ھن کي جڏھن اھا خبر پيئي ته دودي کي نشو ڏيئي پَڳ ٻڌائي ويئي آھي ۽ چنيسر ڪاوڙيو پيو وڃي، تڏھن ٻاگھيءَ اچي دودي کي اٿاريو ۽ چنيسر کي واپس ورائڻ لاءِ چيائين:
ٻاگھي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاءُ،
پٿراڻي پير ڪري، سُتين ڪھڙي ساءِ،
ڀاءُ وڃئي ٿو ڀَر منجھان، پوئي سڀاءُ ڪونه سماءُ،
سنڌ سُڃي ڪيو سومرو، وڃي سندو راڻين راءِ.
دودي کي نشي مان جاڳائي، چنيسر کي ڌارئي در وڃڻ کان روڪائي، پوءِ ھن ٻنھي ڀائرن کي پاڻ ۾ پرچي صلح سانت سان گڏجي راڄ ھلائڻ جي تلقين ڪئي. دودي کي اھو احساس ڏياريائين ته چنيسر وڏو آھي تنھنڪري توکي ان جي تابع رھڻ گھرجي، ۽ چنيسر کي چيائين: ”ادا جي دودي کي ڀائن پَڳ ٻڌائي آھي ته ھيءُ سڄو ملڪ تنھنجو آھي، ان کي ھٿ سان ٽُڪر ڏي ۽ ھٿ سان اُٿار ويھار، ڀائر آھيو پاڻ ۾ تنازع نه وجھو ۽ وڙھو نه. (دودو چنيسر ص 416) دودي کي جا ڀيڻ ھدايت ڪئي، تنھن تي دودي به ڀاءُ کي چيو: ”ڀائر آھيون پاڻ ۾ مونکي ڀائرن (راڄ وارن) پَڳ ٻڌائي آھي، مون زور سان ڪانه ٻَڌي آھي. ملڪ سڄو تنھنجي حوالي آھي. مان به تنھنجي حڪم ھيٺ ھلندس، مگر ڪاوڙجي نه وڃ.“
تنھن تي چنيسر چيس: ”ڏئين ته پڳ موٽائي ڏي. جي پَڳ موٽائي نه ڏيندين ته وڙھنداسين.“
آءٌ ويندس دھلي شھر ڏانھن، ايندس ڇليون ڇلائي،
دودو ۽ دودياڻيءَ کي، مان ايندس رُڪ چٻائي،
ننڍيون وڏيون سومريون، مان به ايندس رلائي.
(دودو چنيسر ص 417)
ائين چئي چنيسر دھليءَ روانو ٿيو. پوءِ به دودي کيس پرچائڻ لاءِ راڄن ڀاڳن ۽ نياڻين سياڻين جون ميڙيون پويان موڪليون پر ھو نه موٽڻو ھو، سو نه موٽيو.
ھتي ھڪ ڳالھ بحث طلب آھي ته باوجود سومرن پاران ايترين منٿن ڪرڻ جي، پوءِ به چنيسر پنھنجي ھَٺَ تان نه لٿو ۽ اھوئي پئي چيائين ته: ”آءٌ سومريون رُلائي ايندس.“
آخر ائين ڇو؟
جيڪڏھن تاريخي طور تي ڏسبو ته ان ڳالھ جي پٺيان سوچيل سمجھيل منصوبي تحت، سومرن کان حڪومت کسرائي، ملڪ ڌارين جي چنبي ۾ ڏيڻ واريون ڪاروايون ڪارفرما نظر اينديون.
چنيسر جي ماءُ گجر قبيلي مان ھئي. سندس پيءُ جو نالو ”لاڏڻو“ ھو، جو گجر قبيلي جو چڱو مڙس ھو. گجرن ۽ سومرن جي ورھين کان پاڻ ۾ اڻبڻت ھلندي پئي آئي. سنڌ جي تاريخ ۽ سومرن جي دور جي روايتن جي روشنيءَ ۾ چئي سگھجي ٿو ته اندازاً سومرن جي اوائلي دور جي ڏيڍ سؤ سالن (1250- 1100ع) واري عرصي ۾ سومرن جون گجرن ۽ واگھيلن سان لڙايون ٿيون ۽ انھن لڙاين ۾ سوڀ سومرن جي ٿي. (سومرن جو دؤر ص 252)
تاريخ جي ورقن اندر سومري جي پري، پيڙھيءَ ۾ دودي نالي ٽي مڙس ملن ٿا جي ٽيئي ھڪ ٻئي جو مَٽُ ھئا ۽ ٻاگھيون به ملن ٿيون. ٻنھي ٻاگھين تان جنگ لڳي آھي ۽ سومرن غيرت جو ثبوت ڏيندي سر گھور ڪيا آھن.
ھڪ جُوءِ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان،
اھڙا ڀي انسان، جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.
(سچل)
روايتن جي روشنيءَ ۾ پھريون ڪارو دودو ٿيو، جنھن وڳھ ڪوٽ جي بادشاھي ورتي. ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن ملڪن ۾ گھڻو آڳاٽو گُجرن جي حڪومت ھئي. وڳھ ڪوٽ اصل گُجرن جو ھو پوءِ اھو سومرن ھٿ ڪيو ۽ ان کي پنھنجي گاديءَ جو شھر ڪيائون. (سومرن جو دؤر ص 261) ٻيو دودو جيڪو نھري دودي سان مشھور آھي، اھو سومرن جي وچئين دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جي ئي دور ۾ سومرن گُجرن سان لڙايون لڙيون ۽ کين شڪستون ڏنيون. ٽيون دودو ان کان پوءِ ٿيو جيڪو چنيسر جو ڀاءُ ھيو ۽ دھليءَ جي فوج سان وڙھندي شھيد ٿيو.
اھڃاڻن مان اھڙي تصديق ٿئي ٿي ته گجرن جون رياستون سنڌ جي سرحد سان لاڳيتو ھيون ۽ پڻ گجر سومرن سان سڱيڻا ھئا. (سومرن جو دؤر ص 257) روايتن ۾ آھي ته جئيسنگ گجر جوڳين کان پڇيو ته: ”اوھين ملڪ پيا گھمو، منھنجي جوڙ جيس ڪا عورت ڪٿي ڏٺَوَ؟“ جوڳين جواب ڏنو ته: ”ٻي ڪا عورت ته جوڳي اسان کي ڪانه سجھي، باقي وڳھ ڪوٽ ۾ شھزادي ٻاگھي (پھرين) تنھنجي لائق آھي.“ اھو ٻڌي گجر ميڙ ڪري وڳھ ڪوٽ ۾ حاڪم ڀونگر راءِ سومري وٽ ٻاگھيءَ جي سَنڱ لاءِ آيا، پر اچي پنھنجي طاقت ڏيکاريائون ۽ سنڱ لاءِ زور رکيائون، ڀونگر ڪجھ ڏينھن جي مھلت وٺي، دودي ڏانھن نياپو ڪيو جو ڪاوڙجڻ ڪري ڀر واري بادشاھي ۾ رھندو ھو. ان اچي گجرن سان جنگ جوٽي، ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڀونگر جنگ جوٽي ۽ گجرن کي شڪست ڏنائين. ڀونگر جي وقت ۾ گجر ھارائي ڀڳا پر ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ گجر وري وڳھ ڪوٽ تي ڪاھي آيا، تڏھن ٻاگھي (پھرين) دودي (وڏي) ڏانھن قاصد موڪليو. (سومرن جو دؤر ص 264) ۽ انھيءَ اچي جنگ لڙي.
اھڙي ريت ان سلسلي ۾ مختلف روايتون آھن پر سڀني جو مرڪزي خيال وڏي ٻاگھيءَ تان گجرن ۽ سومرن جي جنگ تي مبني آھي. اھا اڻبڻت دودي ٽئين جي دور تائين ھلندي آئي.
ساڳي ريت سومرن جي واگھيلن سان پڻ اڻبڻت ھئي. واگھيلا اوڀر ڪَڇ جا حڪمران ھئا. ”سنبت 1238 کان پوءِ واگھيلا ڪڇ ۾ حڪمران ٿيا. سومرن واري دؤر ۾ ڪڇ ۾ آباد سنڌ جي قبيلن ۽ ڪڇ جي واگھيلن جي وچ ۾ صلح ۽ سنڱابندي جا رشتا پڻ ھئا.“ (سومرن جو دؤر ص 251) سومرن جي اوائلي دور جي ڏيڍ سؤ سالن واري عرصي ۾ سومرن جو واگھيلن سان لڙايون لڳيون، جن ۾ سومرن سوڀون ڪيون.
مٿي بيان ڪيل جھيڙن ۽ اختلافن جي ڪري ٻنھي قبيلن (گجر ۽ واگھيلن) جي سومرن سان دشمني ٿي پيئي ھئي. ڊگھي ويڙھ وڙھڻ کان پوءِ ھنن سڌي طرح سامھون ٿيڻ کان شايد لھرايو پئي، ان ڪري پلاند وٺڻ خاطر ھنن اھا چال ھلي جو ڀونگر (چنيسر جو پيءُ) بادشاھ سان مِٽي ڪري في الحال خاموش ٿي ويا. ڀونگر بادشاھ 640ھ ۾ روپا سان لائون لڌيون ۽ 678ھ ۾ وفات ڪيائين. ان حساب سان 38 سال ھو بلڪل خاموش رھي، اندروني انتشار وجھڻ لاءِ سومرن سان سنڱابنديون ڪري شرارتون سِٽيندا رھيا. ان منصوبي تحت چنيسر جي ماءُ پنھنجي نُنھن يعني چنيسر جي زال به گجرن مان ورتي. چنيسر جي زال مريم، محمد نالي گجر سردار جي، جو دودي جو دوست ھو، پڦي ھئي. (سومرن جو دؤر ص 259)
اھڙي طرح ھو سومرن ۾ گھرو انتشار وجھڻ ڪارڻ راھون ھموار ڪندا رھيا ۽ پوءِ ڀونگر جي وفات ڪرڻ بعد اصل ڪاروائي شروع ڪري ڏنائون. انھن ڪارواين ۾ واگھيلا سندن مددگار ھئا. جيئن روايتن ۾ ملي ٿو ته چنيسر ڪرن واگھيلي جي وزير ماڌوراءِ سان گڏجي دھليءَ روانو ٿيو ۽ ان جي ئي معرفت بادشاھ جي درٻار تائين پھتو. (شاھي لشڪر 698ھ/ 1208ع ۾ گجرات فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ڏانھن رُخ رکيو، سنڌ تي لشڪر ٻن ھنڌن تان حملو ڪيو. ھڪ بکر کان ۽ ٻيو ننگرپارڪر کان. ننگرپارڪر واري حملي ۾ ماڌوراءِ جو وڏو ھٿ ھو.) ڪافي وقت اڳ گجرن چنيسر کي سومرن کان بدظن ڪري وڌو ھو ۽ انھن جي چُرچ تي سپھ سالار سٻڙ تان سندس اعتماد ختم ٿي ويو ھو.
پَڳ تان اڻبڻت ٿيڻ وقت، چنيسر جو ماءُ کان پڇڻ لاءِ وڃڻ اھو ظاھر ڪري ٿو ته گجرن ڪيتري قدر نه چنيسر کي چنبي ۾ ڪري ورتو ھو، ۽ چنيسر جي ماءُ ۽ زال ٻئي پنھنجي قبيلي (گجر) جي مفاد ڪارڻ ڪم ڪري رھيون ھيون. اھوئي سبب آھي جو پَڳ واري اختلاف کي دودي ۽ ٻاگھيءَ ختم ڪرڻ ٿي چاھيو، چنيسر به ان تي راضي ٿي ويو ھو پر عورتن کيس طعنا ڏيئي دھليءَ وڃڻ تي مجبور ڪيو. (ڪن روايتن ۾ ائين آھي ته ھن اختلاف ڪيو ئي ڪونه، جڏھن کيس اھو معلوم ٿيو ته پَڳ دودي کي ٻَڌائي اٿن تڏھن چيائين: ”شڪر ڪريان الله جو، آئي اسان جي گھر ڏانھن.“ دودو چنيسر ص 794. ذاتي طور تي ھو (چنيسر) تحمل وارو ماڻھو ھو جو پھريائين چيائين ته: ”جي دودي کي پَڳ ملي ته ڄڻ اسان جي گھر آئي.“ (سومرن جو دؤر ص 31.)
چنيسر مُلڪ مٿان ڌاريو وٺي اچڻ ٻڏي مرڻ جي برابر سمجھيو ٿي. ھن نٿي چاھيو ته ڪنھن ڌارئي کي آڻي مُلڪ ڀيلائجي، ان ڪري جڏھن طعنن تپائي ڏنس ته لاچار ٿي چيائين:
اڳي وڃان ته ٻڏي مران، ٿي پويان ساڙي باھ،
اڳيان آھن دور درياءَ جا، ٿو پويان ٻري آڙاھ،
ضايع ٿيان زمين ۾، مون کي ڌرتي ڏئي جاءِ.
چنيسر جي ڪانه ھلي، جوڻس ۽ ماڻس گڏجي ايترا ته طعنا ڏنس جو، آخر مجبور ٿي دھليءَ روانو ٿيو ۽ ڀاءُ ڏانھن نياپو ڪيائين:
منھنجا دودل ڀاءُ کي، ساري سلام ڏجانءِ،
ته طعنن ماريس سومرا، ھاڻي عالادين آڻيان.
مٿين ڳالھ جي تصديق ھيٺين روايت مان پڻ ٿئي ٿي.
جڏھن چنيسر روانو ٿيو ٿي ته پٽس محمد پڇيس، تڏھن چيائين:
ڏاڏھين جي مھڻن کان، وڌ ماريس تنھنجي ماءُ،
چيم ماڻھين جي مھڻن کان وڃي، ڀالين ٽَنگايان ڀاءُ.
گجر تلوارون سٺيون ٺاھيندا ھئا. وزير ماڌوراءِ جي معرفت چنيسر ھيٺيون ڪم ته ٺاھي ورتو، پر جيستائين شاھي فرمان نه پئي ٿيو، تيستائين ڪجھ به ٿي نٿي سگھيو. چنيسر به ھڪ طعنن جو تپايو، ٻيو وري ميڙن منٿن کي پڻ موٽائي ڇڏيو ھئائين سو چپ ڪري وھڻ يا موٽي وڃڻ وارو ڪونه ھو، تنھن پنھنجي ڳالھ اڳي ڪرڻ لاءِ عالادين کي ٻاگھيءَ جو سَنڱ باسي راضي ڪيو. (دودو چنيسر مستي نالي شاعر جي روايت ص 33)
مڙني روايتن مان ائين معلوم ٿو ٿئي ته چنيسر جي چوڻ تي به عالادين راضي ڪونه پئي ٿيو، پر چنيسر ھڪڙي ٻي اٽڪل ڪئي، جنھن کي عالادين پنھنجي عزت جو مسئلو ڪري سمجھيو. چنيسر عالادين کي چيو ته: ”منھنجي پيءُ ٻاگھي توکي ڏيڻ لاءِ وصيت ڪئي ھئي پر دودو نٿو ڏئي.“ آخر گجر (چنيسر) سومرن کان انتقام وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. (مختلف روايتن جي روشنيءَ ۾ گمان ڪري سگھجي ٿو ته عالادين پوئين پيڙھيءَ ۾ گجرن جو ويجھو مِٽُ ھيو. عالادين ۽ ڪڇ ۾ رھندڙ گجرن جي پيڙھي پوئتي ترڪن سان ٿي ملي تنھن ڪري عالادين به سنڌ ۾ گجر ۽ ترڪ ٻنھي قبيلن سان سڏيو ويو آھي. جيئن سومرن کي ملڪ تان آزار ٽارڻ جي صلاح ملي ته ٻاگھيءَ بجاءِ نوڪرياڻي ڏيئي جند ڇڏايو، تنھن تي دودي وراڻيو:
گولي ويندين گجرين، سڏبي دودي ڀيڻ،
سومريون ڏيندم مھڻا، جن جا وڍن مونکي ويڻ،
ھو تُرڪ اسين سومرا، ڪيئن سما ٿيڻ سيڻ.
۽ عالادين سنڌ تي چڙھائي ڪئي.
مٿين سموري بحث ڪرڻ مان مطلب اھو ظاھر ڪرڻ ھيو ته عالادين ڪھڙن سببن ڪري سنڌ تي ڪاھ ڪئي. منھنجي نظر ۾ اھو ھڪ قبيلي جو ٻئي قبيلي کان انتقام وٺڻ جو نتيجو ھو. ان سلسلي ۾ اھو پڻ نظر اچي ٿو ته چنيسر ٻاگھيءَ لاءِ جتي به ذڪر ڪيو آھي، اتي ٻاگھي دودي جي ڀيڻ ڪري چيو اٿس. پنھنجي ڀيڻ ھئڻ جو ذڪر ڪٿي ئي ڪونه ٿو ڪري! جيئن ھڪ ھنڌ عالادين کي مخاطب ٿي چوي ٿو: ”پَڳ وٺي ڏنئي ته وڳھ ۾ دودي جي ڀيڻ ٻاگھيءَ جو سَنڱ به ڏيندوسئين.“ (دودو چنيسر ص 126)
قوم خاطر قرباني:
قومي عزت ۽ غيرت اھا وَٿ آھي جنھن تان ڪيئي جانيون قربان ٿي وڃن تڏھن به پرواھ ناھي ڇوته عزت ۽ غيرت آھي ئي قومي (سموري قوم جي) ذاتي عزت، (ڪنھن ھڪ فرد جي) قومي عزت جي ڀيٽ ۾ ڪائي حيثيت نٿي رکي. ان سلسلي ۾ ٻاگھيءَ جو ڪردار تمام مٿاھين درجي تي آھي. قربانيءَ واري راھ ۾ ٻاگھيءَ جو ٻٽو ڪردار نظر اچي ٿو.
(الف) قومي عزت بچائڻ خاطر ذاتي عزت جي قرباني:
قومي وقار جي سلسلي ۾ ٻاگھيءَ جو ڪردار اٽليءَ جي مونا وانا سان ملندڙ آھي. مونا وانا اٽليءَ جي پسا پرڳڻي جي حسين، جميل، من موھندڙ عورت ھئي. سندس پرڳڻي تي فلورينس وارن حملو ڪيو. مونا وانا وارن جي لشڪر جو سپھ سالار سندس مڙس وانا ھو ۽ فلورينس جو اڳواڻ پرنزي ھو. جنگ ۾ مونا وارن جو بارود تباھ ٿي ويو خوراڪ کٽي ويئي، جنھن ڪري مجبور ٿي ھنن صلح جون ڳالھيون ڪيون. صلح جي ڳالھين ۾ پرنزيءَ ھڪ شرط رکيو. چي: ”ھڪ رات لاءِ مونا وانا منھنجي حوالي ڪئي وڃي.“ وانا اھو ٻڌي باھ ٿي ويو پر مونا وطن جي بچاءَ خاطر اھو شرط قبول ڪيو ۽ ھن پنھنجي عزت تان ھٿ کنيو. مونا جي ان قربانيءَ کي ڏسي پرنزي اُن شرط تان دست بردار ٿيو ۽ مونا جو مول غلاميءَ کان بچي ويو.
سومرن ۽ دھليءَ جي حاڪم وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾، ھاسي سوڍي جي مارجڻ کان پوءِ جڏھن دودي جنگ جي تياري ڪئي، تڏھن سندس زال، ٻاگھيءَ کي طعنو ھڻي چيو: ”ھي معاملو سڀوئي جو ٿيو آھي سو توتئون ٿيو آھي. جيڪڏھن دودو تنھنجو سڱ بادشاھ کي ڏئي ته جھڳڙو لھي پوي.“ (دودو چنيسر ص 22) اھا ڳالھ ٻاگھيءَ کي ذھن ۾ ويٺي ۽ کيس احساس ٿيو ته مون ھڪڙيءَ جي ڪري پوري قوم ڇو ٿي تباھ ٿئي ھيءَ سون ورني ڌرتي ڇاڪاڻ تاراج ٿئي. تنھنڪري دودي کي گھرائي چيائين:
مون ڀائڙا دودل، ڳالھ سڻيج،
جو ڏَرُ ڀائين ڏاکڙو، تِتي مون کي ڏيج،
وير م ھڏم ڪيج، متان پوي ڏولاھو راڄ ۾.
(دودو چنيسر ص 22)
ٻاگھيءَ جي ان چوڻ تي دودي راڄ مان پريا مڙس گڏ ڪيا ۽ انھن کان پڇيائين ته: ”ڇا اڳ به ڪنھن سومري اِئين سنڱ ڏنو آھي؟“ تڏھن ڀاڳ نالي مڱڻھار چيس: ”اڳ ته ڪنھن ڪونه ڪيو آھي پر جي اوھان ڪيو ته مرضيءَ وارا آھيو.“ اھڙيءَ ريت دودي ڪافي ماڻھن کان صلاح مصلحت کان پوءِ اھو فيصلو ڪيو ته: ”اھو قومي ننگ ۽ ناموس جي خلاف آھي جو دشمن کان ڊڄي سندس عذاب کان بچڻ لاءِ، کيس پنھنجون عورتون آڇيون وڃن. آخر سنڌ جي سڀني راڄن جو اھو فيصلو ٿيو ته مڙس ٿي ننگن تان نثار ٿبو. ان فيصلي کان ٻاگھيءَ کي به آگاھ ڪيو ويو ته اھو رڳو تنھنجو مسئلو نه آھي بلڪ سڄي قومي ننگ ۽ ناموس، عزت ۽ غيرت جو سوال آھي، تڏھن ٻاگھي مسئلي کي پوري ريت سمجھي ويئي ۽ خاموش رھي.
(ب) ذاتي عزت بچائڻ سان قومي عزت جو بچاءُ:
ٻاگھيءَ لاءِ پھريون مرحلو اھو ھيو ته پاڻ ڏيئي قوم بچائي پر پوءِ جيئن حالتن ڦيرو کاڌو ته نوبت بدلجي ويئي. پوءِ حالت اھا ھئي ته قومي ننگ ۽ ناموس بچائڻ لاءِ ھن کي پنھنجو پاڻ بچائڻ اولين فرض ۾ شامل ھو.
عالادين سان جنگ ۾ سنڌي سورھيه شھيد ٿيندا ويا. دودو، جو وڳھ ڪوٽ جو آخري وسيلو ھئو، تنھن به آخر شھادت جو جام پيتو. تڏھن چنيسر پنھنجي لاءِ حالتون ھموار ڏسي ٻاگھيءَ ڏانھن نياپو ڪيو ته: ”اسان تنھنجو سڱ عالادين کي ڏيڻو ڪيو آھي، اميد ته تون انڪار نه ڪندينءَ.“ ٻاگھيءَ کي ان ڳالھ تي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ پنھنجي غدار ڀاءُ کي چوائي موڪليائين: ”اسان سنڌ جا رھاڪو ڪنھن ٻئي ملڪ، يا ٻي ذات واري سان ڪڏھن به مائٽي نه ڪندا آھيون. عالادين جيئن ته اسان جي ملڪ، قوم ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان، ھر حالت ۾ ڌاريو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجو ست وڪڻي، پنھنجي ملڪ تي اِھو ڪارنھن جو ٽِڪو ھرگز نه لائينديس.“ (صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع)
ٻاگھيءَ مٿيون جواب ڏيئي قومي وقار کي برقرار رکيو ۽ اھو سندس دليري، بھادري ۽ قومي غيرت جو زندھ ثبوت ھو. لطيف سائين اھڙن ئي ڪردارن لاءِ چيو آھي:
ھڏ نه پڙان ھيڪڙي، ٿوري ٿر ڄاين،
مون کي ماروئڙن، ميري ڪري نه مٽيو.
(شاھ)
بلند حوصلو:
عورت کي اڪثر ڪري ڪمزور، ڪم عقل ۽ سست شمار ڪيو ويندو آھي پر ٻاگھيءَ جو ڪردار ان سلسلي ۾ بلڪل انوکو ۽ نرالو آھي.
قديم توري جديد دور ۾ اھا جنگي حڪمت عملي رھي آھي ته دشمن کي پنھنجي وسيلن ۽ مال ملڪيت منجھان فائدو وٺڻ نه ڏجي، ان ڪري جتي دشمن قابض ٿي ويندو آھي ته اتي ھر شيءِ پھريان تباھ ڪئي ويندي آھي. ٻاگھي پڻ ان وقت ساڳيو ڪردار ادا ڪيو، ھوءَ سنڌين جي شڪست جي خبر ٻڌي سست نه ٿي بلڪ بلند حوصلي جو مظاھرو ڪندي، ھن ”سڄي شھر ۾ ھيرن جا جند ڏرايا ۽ ٻي ملڪيت ساڙي، شھر مان رواني ٿي.“ (رکيل راڄڙ جي روايت ص 253)
ابڙي ڏانھن سام ٿي وڃڻ:
سام پوڻ جو قديم اخلاقي رواج صرف سنڌ سان وابسته آھي، جنھن موجب ھارائيندڙ ڌر جي، عورتن جي عصمت جي نگھداشت کٽندڙ ڌر تي لازم ھئي، يا وري جنگ ڪندڙ حاڪم جو دوست انھن عورتن جي ذميواري قبول ڪندو ھو، جنھن جي پوئواري ھر قسم ۽ نقصان جي حالت ۾ لازم ھئي. (صبح سنڌ 6 سيپٽمبر 1970ع )
جيستائين کٽندڙ ڌر پاران ھارائيندڙ ڌر جي عورتن جي نگھداشت جو سوال آھي ته اھو سنڌي ماڻھن جو ثقافتي ورثو ھيو پر دودي جو جيئن ته مقابلو ڌارئي حاڪم سان ھيو تنھن ڪري ھن اھوئي بھتر سمجھيو ته سامون ڪنھن دوست ڏانھن موڪليون وڃن جيڪو سامن تان سِر ڏيڻ جھڙو جوان ھجي. ان لاءِ دودي ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اھو فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته سامون ابڙي ڏانھن موڪلبيون. ان ڪري جيئن ئي دودي جي موت جي خبر پھتي تيئن ٻاگھي ملڪيت ساڙائي رواني ٿي.
روايت آھي ته ابڙي ڏانھن سامون نيڻ لاءِ ڪوئي ڪونه ھيو تڏھن ٻاگھيءَ پَٽڪو ٻڌي (ڪن روايتن ۾ نوڪر ساڻ ڪري لکيل آھي) سامون وٺي ابڙي ڏانھن ھلي. (دودو چنيسر ص 640)
دَٻُسَ جن جا سون جا، ڪاجاوان آرٽِ،
سام وڃي ابڙي ڏي، ڇڏي ڇانوَ ۽ کٽ،
گھر، ماڙيون ۽ پٽ، ساڙي ھليون سومريون.
سومريون ابڙي ڏانھن ويون پئي ته واٽ تي سٻڙ سامن کي مليو تنھن کي ٻاگھيءَ چيو:
ابو ڀانيان ابڙو، سٻڙ ڀانيان ڀاءُ،
دود ڇڏيم سنڌ ۾، آيس ادل مٿاءُ.
سٻڙ جواب ڏنس:
ابو تنھنجو ابڙو، سٻڙ تنھنجو ڀاءُ،
ھوندا جاڙيجا جوءِ ۾، ته ڏسي پوءِ ڏينداءِ.
تنھن تي ٻاگھيءَ کيس چيو:
نڪي جاڙيجا جوءِ ۾، ھيکڙين اسين.
سٻڙ جواب ڏنو:
جھجھا جاڙيجا جوءِ ۾، اجھي آياسون،
سومريون سلطان کي سمجھي ڏينداسون.
(دودو چنيسر ص 331 – 332) عورتن جي تعداد متعلق تاريخ ريگستان م ڄاڻايل آھي ته: ”سومرن جو ڪٽنب 140 راجائي ڪل جي زالن سميت، ڪَڇ ڏي ڄام ابڙي وٽ پناھ لاءِ موڪليو“ ص 63
اڳتي ھلي ٻاگھيءَ ابڙي ڏانھن نياپو ڪيو ته: ”سام اچي ٿي، تون جھليندي يا اسين پٺتي موٽي وڃون؟“
تڏھن ابڙي اوٺي چاڙھيو، پاڻان ڀلو ڀاءُ،
ته سُرنَجڻ سومرين جو، ادا وٺي آءُ.
ابڙي جو ڀاءُ ھار سينگار ۽ تيل سرما ڪري سامن اڳيان آيو تنھن تي ٻاگھيءَ کي خار لڳي. (دودو چنيسر ص 461) چي: ”اھا اسان تي ٺٺول آھي، تنھن ڪري اڳتي نه وڃبو.“ ابڙي ڀاءُ موڪلڻ کان پوءِ خيال ڪيو، مان ڀليو آھيان، ڀاءُ ته موڪليو اٿم پر پاڻ اٿي وڃان. تڏھن ابڙي پاڻ اچي سامن کي پرچائي واپس ورايو.
تڏھن اڌ ۾ آيو، ابڙو ھيئور ھلائي،
نَوَ سَوَ سومري گڏي، ٿو ڳر ڳچيون لائي.
اتي ٻاگھيءَ ابڙي کي چيو:
ابو اسان جو ابڙو، سٻڙ ڀانيون ڀاءُ،
ڳوري لاڻو ڳھڻو، ٻاگھل ھار ڳواڙ،
ته ھيترو وٺ اسان جو، توکي سوڀان ڏيندو الله (دودو چنيسر ص 389)
ٻاگھي ٻيھر ابڙي کي چيو:
ڊڄي ڏيج م ابڙا، سومريون سلطان،
جي تو سام آئيون، وَرُ مارائين پاڻ،
ڏسي مَرُ جھان، ته ابڙي پاڻ ملھائيو.
تڏھن ابڙي چيو:
ساھ ته منھنجو سومرين، جي مون سامون آئيون،
آءٌ پڻ ڪارڻ تن، جنگيون ڪيان جُھد مون.
انھن سوالن جوابن کان پوءِ سومريون ابڙي جي محل ۾ ويون. عالادين جي اچڻ تي جنگ لڳي ۽ پھريان اَبُلَ ابڙي جو پٽ مَـمَٽُ ۽ پوءِ سٻڙ جنگ تي چڙھيا. جنھن وقت ابڙي جو پٽ ممٽ مارجي ويو تڏھن ٻاگھي پار ڪڍي روئڻ لڳي:
ممٽ منھنجا ڀائڙا، مون ڀانيو ھڏ نه ائين،
تون ويندين ھليو، جيئن دودو ويو تيئن،
ھاڻي ڪنديس ڪيئن، دلبر بنا ديس ۾.
آھستي آھستي ٿي ابڙا به يارن دوستن سميت ماريا ويا. آخر ۾ جڏھن اَبُـل ابڙو به مارجي ويو، تڏھن ڏونگر راءِ نالي ابڙي جي پٽ کي سومرين چيو: ”پڻھين مري ويو ھاڻ عالادين پيو اچي.“ تڏھن ھو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ چيائين: ”اڃان آءٌ زندھ آھيان.“ ان دليرانه وصف ڪري لطيف سائين کيس ھن طرح ياد ڪيو آھي:
ٻئن مڙني ڏنيون، ڏي نه ڏونگر راءِ،
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏي ڪئاءِ،
لوڙيون لک مٿاءِ، ان مٿيري موٽائيون.
جرئت منديءَ جو مظاھرو:
باوجود ايترين تڪليفن اچڻ ۽ شڪستن ملڻ جي، ھن حوصلي مند عورت ڪڏھن به شڪست نه قبولي، ھن آخرين وقت تائين بلند حوصلي ۽ جرئت منديءَ جو مظاھرو ڪيو. اھائي سندس جرئت مندي ھئي، جنھن ڪري سنڌين جي شڪست فتح ۾ تبديل ٿي ويئي. ابڙي جي ھار کان پوءِ ھن راتورات وڳھ ڪوٽ ڏانھن واپسي ڪئي. عالادين جو به گھڻو لشڪر مارجي ويو ھو، باقي ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا ھئا، تن کي جو اھا خبر پيئي سي به سامن جي پٺيان پيا. پنڌ جي تڪليفن ۽ ڏکن، ڏولاون جي ڪري محمد جي زال ساران جا دودي جي ڌيءُ ھئي، تنھن کي وڳھ ڪوٽ پھچڻ تي پٽ ڄمي پيو، جنھن جو نالو ”ڀونگر“ رکيائون. (ڪن روايتن ۾ ڏونگر راءِ لکيل آھي. سومرن جي سامن متعلق پڻ مختلف رايا ملن ٿا. جيئن امر ڪوٽ اتھاس ص 20 تي لکيل آھي: ”سومريون ڪڇي راجپوتن سان گڏ باھ ۾ جلي ميون. يعني جوھر ڪيائون.“ يا اھو پڻ تاريخ ۾ ملي ٿو ته اھي زمين ۾ غرق ٿي ويون، پر اھا ڳالھ سڀني سومرين سان لاڳو ڪانھي، خاص طور تي ٻاگھيءَ جو ان ڳالھ سان واسطو نه آھي ڇوته سندس ڪردار آخر تائين ملي ٿو. البت ائين ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ عورتن ائين ڪيو ھجي. جيئن تحفة الڪرام واري لکيو آھي: ”سندن عورتن منجھان ڪي پاڪدامن، ڇڄي، شاھي فوج جي چنبي ۾ اچي ڦاٿيون جي خدا ڏانھن متوجه ٿي زمين ۾ غرق ٿي ويون“ ص 127.)
لڙيءَ رات عالادين وڳھ ڪوٽ جي در تي آيو تڏھن اندران ٻاگھل ھڪل ڪري چيو: ”جي عالادين آھين ته ھلي اوطاق ڀيڙو ٿي! اڃان اسان جو ھڪ سومرو حيات آھي، اھو جنگ ڪندو، صبح ساڻ ايندو. (دودو چنيسر ص 464) ان وقت ٻاگھل دھل دمام وڄرائي ھڪ پاسي ڀونگر جي ڄمڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪرايو ته ٻئي پاسي جنگ جي ماريل بي ستي عالادين کي يقين ٿي ويو ته برابر اڃان سومرا جنگ ڪندا ۽ اھو جنگ جو اعلان آھي.
تاريخ ۾ اھڙا ڪيترائي مثال آھن جن ۾ حاڪمن جي راڻين مرداڻا ڪپڙا ڪري فوجن جي اڳواڻي ڪئي ۽ جنگ لڙي فتح حاصل ڪئي آھي. تيموريه خاندان جي امير سعد جي زال بيبي آغا بيگي دشمنن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻئي سامان کان سواءِ ٻانھين ۽ نوڪرياڻين کي به مرداڻو لباس ڍڪائي ھٿيارن پنھوارن سان تيار ڪيائين ۽ پاڻ مرداڻو لباس ڍڪي فوج جي سپھ سالار بڻي. (سگھڙ زالون ص 13)
جنگ جي ھن فيصله ڪن موڙ تي اسان جي ھن سورميءَ پڻ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو. ھن ڇا ڪيو، جو سڀني عورتن کي مرداڻا ڪپڙا ڏياري (پھرائي) پوءِ (راتورات) ڪوٽ جي ٻانھين ڀڃائي، پرھ ڦٽيءَ اتان (جنگي جوڌن جي) قطار ڪرائي، اوطاق آڏو لنگھايائين ۽ ائين ڦيرن تي ڦيرا ڏنائون جو لشڪر کٽي ئي نه پيو. اھو ڏسي عالادين جي بچيل فوج دھلجي ويئي ۽ وڌيڪ وڙھڻ جي سگھ نه ساري ۽ عالادين ڊڄي ٻاگھيءَ کي چيو (چوايو) ته: ”تون منھنجي قيامت تائين ڀيڻ ٿئين پر ڏونگر راءِ ٻاھر ڳنھي آءُ ته ڏسيو وڃان.“ ٻاگھي اھو پيغام ٻڌي اگھاڙي ترار ھٿ ۾ جھلي، ڇوڪر کي ھنج ۾ کڻي ٻاھر ڪڍي آئي. عالادين ٻارڙي کي ڏسي چيو: ”افسوس ڇا ڪيم ھن ٻارڙي اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيم.“ ان وقت ٻارڙي آرس ڀڳو ته پَٽ جا ٻنڌڻ جن سان سان سندس ھٿ پير ٻڌل ھئا، سي ٽٽي پيا، تڏھن عالادين چيو: ”برابر ھي اسان کي شڪست ڏئي ھا!“ تنھن بعد عالادين اھڙو اقرار نامو لکيو ته: ”سنڌ سومرن جي آھي، مون جنگ ڇڏي.“ (ننڍڙي ٻار جي آرس ڀڃڻ تي، پَٽ جي ٻنڌڻن جو ٽٽڻ، اھا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر آھي. لڳي ٿو ته روايتون ڪندڙن، چنيسر سان منسوب ديون، پرين ۽ جادوءَ جي ڳالھين وانگر ھيءَ به ائين بيان ڪري ڇڏي آھي. ”آزاد“)
اھڙي ريت ھن عظيم عورت جي بلند حوصلي ۽ بھادريءَ ڪري سنڌ ڌارين جي راڄ کان بچي ويئي ۽ ڇيڙي نبيري پنھنجن جي ھٿ ھيٺ رھي.
مَرُ مائر سي مُرڪن، جي اھڙيون ڌيئر ڄائيون.
(شاھ)