• راڻي لاڏي (ڏاھر جي زال)
ھن تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکجندڙ سنڌڻ جي وڌيڪ حسب نسب جي ڪائي خبر نه پئجي سگھي آھي سواءِ ان جي جو سمورن تاريخن ۾ ملي ٿو ته مھاراجا ڏاھر جي راڻي ھئي. ڪنھن جي ڌيءُ ھئي؟ راجا سان ڪيئن ۽ ڪٿي پلئه پيس تنھن جي ڪائي ڄاڻ نه پئجي سگھي آھي.
بھادرانه وصفون:
تاريخ منجھان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنھن به بلند حوصلو رکندڙ ڄاڻو ۽ قابل شخصيت ۾ جيڪي خوبيون ھئڻ گھرجن تن سمورين جو ھيءَ عورت مجموعو ھئي. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ڊگھي عرصي تائين جيسين سان گڏ مختلف قلعا (جي سنڌ جي ئي حدن ۾ ھئا) مٽائيندي پُٽ جي ٻانھن ٻيلي ٿي عربن خلاف جنگ ڪرڻ ڪارڻ فوج تيار ڪندي رھي. آخرين قلعو برھمڻ آباد جو ھيو جنھن ۾ فوج کي گڏ ڪيائين ۽ تلقين ڪرڻ سان گڏوگڏ اھو پڻ احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ھيءَ ئي جاءِ پنھنجو آخري سھارو آھي جنھن تان بيھي پاڻ کي وطن واپس ورڻو آھي. ھن جرئت مند عورت قلعي ۾ گڏ ٿيل وڙھندڙن کي چيو: ”ھيءُ مضبوط قلعو ۽ عيال ڪيئن ڇڏينداسين؟ اسان کي لاچار ھتي رھڻ گھرجي، جيئن دشمن تي غلبو حاصل ڪريون ۽ اسان جو مُلڪ ۽ گھر سلامت رھي.“ نه صرف ايترو پر کين ڪڏھن به ھار نه مڃڻ وارو سبق ڏيندي چيائين: ”جيڪڏھن عرب جو لشڪر غالب رھيو ته پوءِ ڪا ٻي تدبير ڪنداسون.“ (چچ نامو ص 301)
چچ نامي جي غلط بياني:
ھن تاريخ جي صفحي 268- 269 تي ھڪ روايت ۾ لاڏيءَ جي زباني بيان ڪئي وئي آھي ته جڏھن ڏاھر جي قتل کان پوءِ ڏاھر جي زال لاڏي گرفتار ٿي تڏھن محمد بن قاسم ھن سان نڪاح ڪيو، لاڏي ام ولد (نڪاح ۾) ٿي تڏھن محمد بن قاسم کانئس پڇيو: ”تون ڪيئن ڏاھر جي پوئلڳن سان گڏ گرفتار ٿيئنءَ؟ ۽ ڏاھر کان ڪھڙي سبب ڌار ٿينءَ؟“ لاڏيءَ جواب ڏنو ته: ”جڏھن اسلامي لشڪر راجا ڏاھر جي سامھون ٿيو، تڏھن ھن ھر ھڪ زال جي مٿان سخت نگران ڇڏي چيو ته جيڪڏھن اسلامي لشڪر غالب ٿئي ۽ ڪافر شڪست کائين ته ھنن زالن کي ڪُھي ڇڏجو متان مسلمانن جي ھٿان گرفتار ٿين. پوءِ انھيءَ نگران چوبدار، راڻي لاڏيءَ ڏانھن ڏسي پئي چيو: ”ته تنھنجي منھن جو بشرو اھڙو کليل آھي جو (معلوم ٿو ٿئي ته) تنھنجي دل عرب جي بادشاھ ڏانھن مائل آھي ۽ تون ضرور انھيءَ جي راڻي ٿيندينءَ.“ آخر جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا تڏھن ھر ھڪ نگران سندس حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو (اھو حال ڏسي) مان پاڻ کي اُٺ تان ھيٺ ڦِٽو ڪيو ۽ وڃي جنگ جي (ميدان) وچ ۾ پيس، منھنجو نگران منھنجي ڪُھڻ جو خيال ڇڏي وٺي ڀڳو. پوءِ مسلمانن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ امير محمد بن قاسم مون کي خريد ڪري پنھنجي نڪاح ۾ آندو.“ اھا روايت جا راڻي لاڏيءَ سان منسوب ڪئي ويئي آھي سا حقيقت ۾ بلڪل غلط، جڙتو ۽ بي بنياد پيئي معلوم ٿئي، جنھن کي تصحيح ۽ تشريح ڪندڙ پڻ لنوائي ويا آھن. مون کي مٿين روايت کي غلط سمجھڻ لاءِ ھيٺيون ٻه ڳالھيون نظر اچن ٿيون:
(الف) روايت ۾ راڻيءَ جي زباني ٻڌايو ويو آھي ته: ”جڏھن اسلام جي لشڪر حملو ڪيو ۽ مشرڪ ڀڄي ويا تڏھن ھر ھڪ نگران (جي خاص بيھاريل ھئا) سندن حوالي ڪيل راڻيءَ کي ڪُٺو.“ مٿيون ذڪر ثابت ڪري ٿو ته سواءِ لاڏيءَ جي جنھن پالڪيءَ مان ھيٺ ٽپو ڏنو ٻين راڻين کي مقرر ڪيل نگرانن ڪُھي ڇڏيو پر وري اڳتي راوڙ جي قلعي مان ھٿ آيل مال جو ذڪر ڪندي ساڳيو مصنف ڄاڻائي ٿو ته: ”ھٿ آيل ٻانھين مان ٽيھ راجائن جو ڌيئرون ھيون.“ (چچ نامو ص 283) ھتي مسئلو اھو آھي ته جيڪڏھن راجا عورتن کي ڪُھڻ لاءِ ماڻھو مقرر ڪيا ته پوءِ ھي ٽيھ راجائن جون ڌيئرون ڪيئن بچي ويون. پر جيڪڏھن ائين کڻي چئجي ته اھي ٽيھ ڏاھر جي ٻين مائٽن جون ھونديون ۽ ھن پنھنجين کي ڪُھرايو ھوندو، تڏھن به اُھا ڳالھ غلط ثابت ٿيندي ڇوته سندس ويجھن واسطيدارن مان سندس ٻئي ڌيئر گرفتار ٿيون، ڀاڻيجي قيد ٿي، ڀيڻ ماين ڏاھر جي مرڻ کان پوءِ به جنگ ڪرائيندي رھي، آخر ڪو چاڙھو نه ڏسي راوڙ جي قلعي ۾ ڪيترين ئي ٻين عزيزياڻين سان گڏجي پنھنجو انت آندائين. آخر اھي ايتريون ساريون ڏاھر سان واسطو رکندڙ عورتون ڪيئن جلادن جي چنبي کان بچي نڪتيون.
(ب) ٻي ڳالھ جا مٿين ڳالھ کي غلط ثابت ڪرڻ پيش ڪري سگھجي ٿي سا آھي راڻي لاڏيءَ پاران سندس پٽ جيسين سان گڏجي برھمڻ آباد جي قلعي تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان وطن واپس وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪندي گرفتار ٿي وڃڻ. ساڳيو مصنف اڳتي ھلي لکي ٿو: ”جڏھن برھمڻ آباد جو قلعو ھٿ آيو (مراد جيسين پُٽ ڏاھر کي ھٿ آيو) تڏھن ڏاھر جي زال لاڏي، جا ڏاھر جي قتل ٿيڻ کان پوءِ ڏاھر جي پُٽ سان برھمڻ آباد ۾ (جنگ لاءِ تيار ٿي) بيٺي. روايت ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڏاھر جي قتل ٿيڻ سان جيئن ئي فوج ۾ ڀاڄ پئي تيئن لاڏي جان بچائڻ ڪارڻ اُٺ تان ٽپو ڏنو ۽ گرفتار ٿي پر ساڳئي مصنف جو اڳتي برھمڻ آباد ۾ لاڏي پاران جنگ لاءِ تياري ڪرڻ ظاھر ڪري ٿو ته پھرين روايت غلط ۽ بي بنياد آھي.
جيڪڏھن روايت غلط ته ڇو؟
پيش ٿيل روايت کي تاريخ جا ڄاڻو ۽ پڙھندڙ غلط ئي ڄاڻندا پر ان غلط بياني ڪرڻ جا به ڪي سبب ٿي سگھن ٿا. منھنجي خيال ۾ ان غلط بياني ڪرڻ ۾ سواءِ ان جي ٻي ڪائي رمز رکيل ڪانھي جو ان مختلف قسمن جي غلط بيانن سان مھاراجا ڏاھر جي شخصيت کي ڇيھو رسايو وڃي. چالاڪ فاتح جو اھو پھريون ڪم ھوندو آھي ته مختلف نمونن سان مفتوح قومن منجھان سندن روح جي آواز برابر رھبرن ۽ ليڊرن جو عزت ۽ احترام ختم ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان ئي ھو آسانيءَ سان پنھنجو قبضو قائم رکي سگھندا آھن. مھاراجا تي مڙھيل اڪيچار الزامن ۽ تھمتن منجھان ھيءُ به ھڪ اھڙو ئي جڙتو قصو سندس ئي راڻيءَ جي زباني پيش ڪيو ويو آھي.
قربانيءَ جو جذبو:
قومن مٿان قربان ٿيڻ واريون جي وصفون ڳڻايون وينديون آھن، تن سان پڻ راڻي لاڏي سرشار نظر اچي ٿي. وطن وٺڻ واريون ڪوششون ڪندي ڪڏھن به حال ھيڻو نه ڪيو اٿائين اڃان به ٻين کي ھمٿائيندي نظر اچي ٿي. جڏھن ٻيا سڀ رستا بند ٿيندي نظر اچنس ٿا تڏھن اھا تجويز پيش ڪري ٿي ته: ”جيڪڏھن قلعو فتح ٿيو ته مان پاڻ کي ٻارن ۽ پوئلڳن سميت ساڙيندڙ باھ جي خوراڪ بڻائيندس.“ (چچ نامو ص 303) ڦورو فاتحن کان بچڻ ڪارڻ، پنھنجو پاڻ انت آڻڻ واريون ڪاروايون آخرين سھارو ھونديون آھن، جي پڻ ڪن کان سرزد ٿينديون آھن! راڻي لاڏي پڻ انھن ۾ شمار ٿيڻ ٿي چاھيو پر افسوس جو اوچتو قلعو فتح ٿي ويو ۽ ڏاھر جي واسطيدارن کي ھڪدم گرفتار ڪيو ويو، اھڙي ريت سنڌ جي ھيءَ عورت وڙھندي ۽ وڙھندڙن جي قيادت ڪندي برھمڻ آباد جي قلعي ۾ قيد ٿي ويئي.
عربن جي چنبي ۾:
برھمڻ آباد جو قلعو فتح ٿي ويو. راڻي لاڏي نڪري نه سگھي ۽ نه وري باھ جو بَک بڻجي سگھي. فاشي فاتحن جي چنبي ۾ اچي ويئي. قلعي فتح ٿيڻ کان پوءِ، جي ماڻھو عربن اڳيان پيش پيا تن کي محمد بن قاسم شرطيه امان ڏيندي چيو: ”ڏاھر جا لاڳاپيدار جتي به ھجن انھن کي ھٿ ڪندا.“ (چچ نامو ص 303) تڏھن پوءِ باقي برھمڻن سان امان ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو جن مان ڪن کي پنھنجي مذھب ۾ آندائون ۽ ڪن تي مختلف طريقن سان ڍل مقرر ڪيائون پر انھن ۾ ڏاھر جي واسطيدارن جو خاص خيال رکيو ويو. [يعني ڏاھر جي واسطيدارن کي معافي به ملي نه سگھي. ڪن جو خيال آھي ته معافي ورتائون ئي نه پئي. ڪجھ به ھجي پر عربن جي لکت موجب معافيءَ دروازا سندن لاءِ بند ھئا.] ”آزاد“ تاريخن ۾ اچي ٿو: ”برھمڻن ھن مضبوط عھدنامي جي بناءِ تي ڏاھر جي زال لاڏي کي بُھري مان ٻاھر ڪڍيو ۽ باقي ماڻھن تي رسول الله صلي الله عليہ وسلم جي طريقت موجب ڍل مقرر ڪيائين.“ (چچ نامو ص304) تنھن بعد جڏھن باقي قيدين کي آندو ويو جن ۾ راڻي لاڏي پڻ شامل ھئي. تڏھن محمد بن قاسم سندس سونھن تي موھجي پيو ۽ کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻڻ لاءِ حجاج کي خط لکي اجازت گھري. (مٿين ڳالھ ”اجازت گھرڻ واري“ پڻ بي بنياد پئي معلوم ٿئي ڇوته ان وقت پيغامن پھچائڻ وارو ڪم گھوڙن ۽ ٻيڙن رستي ٿيندو ھو جنھن ۾ وڏو عرصو لڳندو ھو. فاتح ڪنھن مفتوح تي موھجي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ويھي انتظار ڪري. سا ڳالھ سمجھ کان ٻاھر معلوم ٿئي ٿي تنھن کان سواءِ گھڻي وقت کان عربن اندر اھڙي قسم جون حرڪتون ھلندڙ ھيون جنھن ۾ ھو غلامن کي بغير نڪاح جي پڻ وھاري ڇڏيندا ھئا.) چچ نامي جي لکت مطابق حجاج اھڙو احوال خليفي وليد جي خدمت ۾ عرض ڪري لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جي فرمان ڏيڻ جي خواھش ڏيکاري. (چچ نامو ص 278) اھڙي ريت محمد بن قاسم کي دارالخلافت مان لاڏيءَ جي خريد ڪرڻ جو حڪم مليو ۽ ھن کيس پنھنجي نڪاح ۾ آڻي زال بڻايو. (مولانا دين محمد وفائي پنھنجي ڪتاب نو مسلم ھندو راڻيون ۾ تصديق ڪندي ڄاڻايو آھي ته محمد بن قاسم کيس مسلمان بڻائي شادي ڪئي ۽ سندس اسلامي نالو ”خديجه“ رکيو ويو.) ”آزاد“ بعد ۾ جيڪي برھمڻ آباد جي پسگردائيءَ ۾ فتحون ڪيون اٿائون تن ۾ معلوم ائين ٿو ٿئي ته لاڏي سندس سان شامل آھي پر انھن ڪارواين ۾ لاڏيءَ جو ڌار ڪوبه ڪردار ڪونه آھي، تان جو مھاراجا ڏاھر جي تخت گاھ اروڙ جي قلعي کي ويجھو پھتا جتي ڏاھر جو پٽ گوپي قبضو ڄمايو ويٺو ھيو جنھن کي پيءُ جي مري وڃڻ واري ڳالھ تي ويساھ نه پئي آيو ۽ کيس يقين ھو ته ڏاھر ھندوستان جي ٻين بادشاھن کان مدد وٺڻ ويو آھي جو اجھو ڪي آيو. محمد بن قاسم ھڪ مھينو انھيءَ قلعي سامھون ھڪ ميل پنڌ تي ڇانوڻي ھڻي ويٺو رھيو. (چچ نامو ص 327) ھوڏانھن گوپيءَ کي پيءَ جي زندھ ھئڻ جو يقين ويٺل ھو ان ڪري سندس ماڻھو قلعي جي مٿان نعرا ھڻندي، عربن کي ڊيڄاري رھيا ھئا ته: ”توھان کي جان ۽ مال جي معافي ڪانه ملندي، جو ڏاھر مدد وٺيو پيو اچي، ھاٿين سوارن ۽ پيادن جو بي انداز زبردست لشڪر توھان جي پويان ايندو ۽ اسين قلعي کان ٻاھر نڪري توھان جي لشڪر کي شڪست ڏينداسون. (چچ نامو ص 327) پوءِ جڏھن محمد بن قاسم سنڌين جي اھڙي سورھيائي ۽ جانفشاني ڏٺي ۽ سندن مقابلي کي نظر مان ڪڍيائين تڏھن قلعي وارن کي ڏاھر جو ڪسجي وڃڻ قبول ڪرائڻ لاءِ کيڏ کيڏي راڻي لاڏيءَ کي اُٺ تي چاڙھي پنھنجي اعتماد جھڙن (ھيءَ ڳالھ سمورين تاريخن ۾ ملي ٿي ۽ ان مان ظاھر ٿو ٿئي ته راڻيءَ سان زور تي شادي ڪئي وئي ھئي جنھنڪري اعتماد پڻ پورو پُنو ھوس. ”آزاد“) ماڻھن سان قلعي جي دروازي تي کين سمجھائڻ لاءِ موڪليائين جنھن ويجھو وڃي بلند آواز ۾ کين چيو: ”اي قلعي وارؤ! توھان کي چڱائي چوڻي اٿم، سامھون اچي بيھو ته چوان.“ (چچ نامو ص 327) سندس سڏڻ تي قلعي وارن کيس سڃاتو ۽ خاص ماڻھن جو گروھ سندس ڳالھ ٻڌڻ لاءِ قلعي جي ڀت تي چڙھي آيو جن کي ڏسي راڻيءَ ھن ريت قصو بيان ڪيو: ”مان آھيان ڏاھر جي زال لاڏي، اسان جو راجا ڪسجي ويو ۽ سندس سِر جھنڊن سان گڏ عراق ڏانھن ۽ ڇَٽ دارالخلافت ڏانھن موڪليائون، توھان پاڻ کي برباديءَ ۾ نه اڇلايو.“ (چچ نامو ص 327) ان ڳالھ ٻڌائڻ کان پوءِ ھوءَ بيحد رُني آھي. (ھتي روئڻ واري ڳالھ ڏيکاري ٿي ته راڻيءَ کي زوريءَ نڪاح ۾ آندو ويو ھو. ھن کي جا ديس وارن سان محبت ھئي، تنھن کيس روئڻ تي مجبور ڪيو ورنه شاديءَ ۾ راضي ھجي ھا ته روئي ڇا جي لاءِ ھا؟) پر تڏھن به قلعي جي محافظن سندس ڳالھ تي اعتبار نه ڪيو ۽ کيس ڪوڙو چوندي گاريون ڏيئي چوڻ لڳا: ”تون پڻ ھنن چندالن ۽ ڍڳي کائيندڙن سان ملي ھڪ ٿي ويئي آھين، اسان جو راجا اڃا جيئرو آھي.“ (چچ نامو ص 328) اھڙي ريت جڏھن عربن جي اھا چال به نه ھلي تڏھن قلعي فتح ڪرڻ لاءِ زور شور سان تياري ڪرڻ لڳا.
وطن واسين لاءِ سندس ڪردار:
راڻي لاڏيءَ جي چوڻ تي في الحال ته قلعي وارن اعتبار نه ڪيو پر بعد ۾ ان ڳالھ تي سوچڻ لڳا ۽ ان ڳالھ جي حقيقت کي جاچڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر ۾ ھڪ جادوگرياڻيءَ کان معلوم ڪيائون جنھن کين ٻڌايو ته ڏاھر ھن جھان مان يقينًا لاڏاڻو ڪري چڪو آھي، جنھن تي قلعي وارا دلشڪسته ٿي پيا ۽ عربن اڳيان پيش پوڻ جو پڪو پھ ڪيائون. اھو حال ڏسي گوپي راتو رات واسطي دار ماڻھن کي پاڻ سان وٺي قلعي مان نڪري ويو، جا خبر علافين مان اروڙ ۾ رھندڙ ھڪ ماڻھوءَ لکي تِير رستي موڪلي ته ڏاھر جو پُٽ قلعي مان نڪري فرار ٿي چڪو آھي. ھيڏانھن عربن تياريون زور شور سان ڪيون ھيون پر حملي ڪرڻ جي جرعت ڪين پئي ٿين پر جڏھن کين تِير رستي خط پڳو تڏھن قلعي تي حملو ڪري ڏنائون. جنھن تي قلعي وارن معافي وٺڻ لاءِ پيغام موڪليو. ان ڳالھ کي محمد بن قاسم پنھنجو فخر ڄاڻندي کين چيو: ”مون اوھان ڏانھن پيغام ڪونه موڪليو ھو، ۽ نه وري ڪو قاصد روانو ڪيو ھو توھان پاڻ ۾ اتفاق ڪري امان گھرو ٿا ۽ پڪو انجام ڪريو ٿا. جيڪڏھن توھان جو اسان جي خدمت ڏانھن لاڙو ۽ رضامندو سچو آھي ته جنگ کان ھٿ جھليو ۽ پڪي انجام ۽ پوري اعتماد سان لھي اچو.“ (چچ نامو ص 332) اھڙي اعتماد جوڳي ڳالھين تي قلعي وارن قلعو عربن جي حوالي ڪيو. اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ محمد بن قاسم کان پنھنجو ڪيل واعدو ڄڻ ته وسري ويو ۽ حڪم ڪيائين ته: ”لڙائي ڪندڙ ماڻھو اگرچ فرمانبرداريءَ لاءِ ڪنڌ جھڪائين ته به کين نه ڇڏيو وڃي.“ (چچ نامو ص 324) ان جاءِ راڻي لاڏيءَ جو تمام نيڪ نيتي وارو ۽ اھم ڪردار ادا ڪيل نظر اچي ٿو جنھن جي ٻن اکرن ڪري ڪيترن سنڌين جون جانيون بچي وڃن ٿيون. محمد بن قاسم جو حڪم ٻڌي راڻي لاڏيءَ عقل ۽ فھم سان ماڻھن جو بچاءُ سوچي کيس صلاح ڏني ته: ”ھن ملڪ (قلعي) جا ماڻھو رازا آھن ۽ ڪي واپاري آھن. ھيءُ شھر انھن جي ڪري ئي آباد ۽ سرسبز آھي. سندن ئي ڪمائي ۽ کيتيءَ ڪري خزاني ۾ مال موجود ٿو رھي. جيڪڏھن انھن کي قتل ڪندين ته تنھنجو مال ھليو ويندو. (چچ نامو ص 334) محمد بن قاسم جو راڻيءَ جي جمال تي اڪن ڇڪن ٿيو عشق ۾ ٻُڏو پيو ھو تنھن راڻيءَ جي راءِ کي ٽارڻ مناسب نه سمجھيو ۽ حڪم ڪيائين ته: ”راڻي لاڏيءَ ھيءُ فيصلو ڪيو آھي ته انھن سڀني کي ڄڻ امانَ ڏنائين.“ (چچ نامو ص 334) تنھن بعد راڻيءَ جو ڇا ٿيو تنھن باري ۾ ڪٿي به ذڪر ملي نه سگھيو آھي.