• ساران (دودي جي ڌيءُ، محمد جي زال)
جڏھن چنيسر ڪاوڙجي پئي ويو، تڏھن به ھيءَ مائي چنيسر وٽ آئي ۽ ميڙون منٿون ڪري، الله جو نالو ڏيئي، پنھنجي ڀيڻ ڪويل جنھن کي سونل به چوندا ھئا، تنھن جو ننگ وجھي واپس ورڻ لاءِ چيو:
ساران آئي سومري، محمد جي راڻي،
اٿئي نام الله جو، ڪو سونل ننگ سڃاڻي،
آءٌ ته تنھنجي گولي آھيان، در سندي ٻانھي،
مان نماڻي ھل چنيسر، محل ھلي ماڻي.
مائي ساران کي، جي ميڙون منٿون ڪرڻيون ھيون ۽ الله جا نالا وجھڻا ھئا، سي ڪري ٿَڪي پر چنيسر نه ورڻو ھو سو نه وريو. آخر ڌارين کي در تي وٺي آيو.
چنيسر عالادين جي لشڪر کي وٺي آيو، سومرن جنگ جوٽي، ننگر پنھنجي يارن سميت مارجي ويو. ننگر جو لاش زنانخاني آيو ته ماحول غمزده بڻجي ويو، اھڙي وقت ۾ ساران پنھنجي ڀيڻ (ننگر جي مَڱ) وٽ اچي ويٺي. تڏھن ٻاگھيءَ چيس ته: جڏھن تنھنجو مڙس به ننگر جيترا انصاف ڪري، تڏھن اچي ”بيگم“ سان ثاني ٿيءُ.“ انھن لفظن ھن غيرت مند ۽ غيور نياڻيءَ جي غيرت کي جاڳائي وڌو، ھو ڀيڻ جي ڀر ۾ ويھي اوسارڻ بجاءِ، ٽپ ڏيئي اٿي، ۽ اچي مڙس مٿان بيٺي ۽ کيس چيائين:
ساران پنھنجي ڪانڌ کي، چئنچل اُڀي چوءِ،
جان مرين، جان مارجين، ڀڄي مَ اچج ڪانڌ،
ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، چٺيندي سونھان،
اوترا ھوندءِ جي پُٺ ۾، ته ڪھڙي لڄ چيٺيان. (دودو چنيسر ص 191)
ھن بيت جي پوين سِٽن ۾ ڪم آيل چيٺيان جي مراد ساڳئي سيڪيان آھي. جيئن شاھ صاحب چيو آھي: ”ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان.“ ھن جي آخري سٽ وڌيڪ ڪارگر آھي جنھن ۾ زال مڙس کي شھيد ٿيل جوڌي جو حوالو ڏيندي چوي ٿي ته: ”جي ان جيترائي تو به گھاءَ جھليا ته ڪھڙي منھن سان انھن کي سيڪينديس اھا مون لاءِ شرم جي ڳالھ آھي، توکي ته وڙھندي وڌيڪ گھاءَ کائڻ گھرجن.
ساران پھلوان ھئي ۽ پنجاھ جو مَٽ پاڻ ھئي. (سومرن جو دؤر ص 120) نھايت دلير ۽ بھادر پڻ ھئي. دودي پاران موڪليل سامن سان ھوءِ به ابڙي ڏانھن ھلي ويئي. روايتن مان پتو پوي ٿو ته اتي به ابڙي جي موت کان پوءِ، جن ٽِن بھادر عورتن جنگ لاءِ ڀير تي ڏونڪو ھنيو ھو، تن ۾ ساران به شامل ھئي.
سومرن پاران جنگ جي آخرين اعلان طور ڀير تي ڏونڪو پڻ ساران ھنيو ھو. ابڙي جي مارجڻ کان پوءِ جو سامون راتو رات وڳھ ڪوٽ ويون ۽ شاھي فوج سندن پيڇو ڪري اچي شھر ۾ پھتي ۽ ان رات ڀونگر راءِ يا ڏونگر راءِ ڄائو، جنھن جي خوشيءَ ۾ ٻاگھي، ساران کان ڀير تي ڏونڪو ھڻايو، جنھن کي عالادين جي فوج، جنگ جو اعلان ڄاتو، ۽ سندن حال ھيڻا ٿي پيا ۽ جنگ ڪرڻ کان دل ئي دل ۾ توبھ ڪري ٻاگھيءَ سان ڳالھين لاءِ ھٿ وڌايائون.