مهاڳ : مين پريم دا پيالا پي آيا........!!!
فيض گنج جو علائقو به سنڌ جي ٻين علائقن جيان علم، ادب، فن ۽ فڪر سان مالامال آهي. هتان جا نوجوان علم ۽ قلم جي قافلي سان جهڙي ريت سلهاڙجي هلن پيا ان جو ڪو به مثال ناهي. مون کي ان وقت بي انتها خوشي ٿيندي آهي جنهن وقت مختلف شعبن سان وابسته نوجوان خاص طور تي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد مستقبل ۾ ڪجهه ڪرڻ جا خواب اچي اوريندا آهن يا ساڃاهه جي ڪا وک کڻندي نظر ايندا آهن ۽ پنهنجي وس ۽ وت آهر، همت ۽ حيثيت آهر پنهنجي حصي جي ڏات جي ڪا ڏياٽي ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. تازو جڏهن پيارو راشد شر فيض گنج جي ڀلوڙ صوفي شاعر معشوق علي کوکر جو عارفانه ڪلام ”اولاڻا عشق جا“ جي نالي سان سموهي ۽ سهيڙي کڻي آيو ته دل باغ بهار ٿي پئي ڇو ته ان جي همت ۽ حوصلي کي ڏسي مون کي فيض گنج جي نوجوان قلمڪارن جي هار ۾ هڪ خوبصورت جرڪندڙ موتيءَ جو اضافو محسوس ٿيو. پوري ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته جنهن به علائقي جا نوجوان علم ۽ ادب ڏانهن راغب آهن اهو علائقو اڄ نه ته سڀاڻي تاريخ ۾ پنهنجو لازوال ڪردار ضررور ادا ڪندو ۽ راشد جهڙن کوڙ سارن فيض گنج جي نوجوانن جو علم ۽ ادب سان اهڙو چاهه ڏسي مون کي پورو يقين ٿئي ٿو ته فيض گنج جو خطو پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ۾ انشاءَ الله پهرين صف ۾ هوندو. ڇاڪاڻ ته عام طور ڪيترا ئي نوجوان سنڌي ادب ۾ ايم اي ته ڇا پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ به صرف نوڪريءَ لاءِ ڊگريون کڻي پيا ڊوڙندا آهن پر اهڙا چند نوجوان هوندا آهن جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ئي سنڌي ادب جي خدمت لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن. اهي ئي اسان جو حقيقي سرمايو آهن. مانوارو راشد شر به انهن جاکوڙي نوجوانن مان هڪ آهي جنهن کي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب جي مطالعي اهڙو ته دل ۾ ديرو لاتو جو رات ڏينهن مٿس اهو شوق غالب رهيو ته علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪو تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪجي. حالانڪ مان ڄاڻان ٿو ته هو حالات جي بي رحم وهڪري ۾ وهندڙ اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي پيٽ پالڻ لاءِ به پاڻ پتوڙڻو پوي ٿو تنهنڪري هو ڪنهن به شهرت جي شوق کان بي نياز آهي پر سندس ادب دوستي اها آهي جو ادبي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ کي ئي ايمان سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هزار ڀيرا مجبورين جي مٺ ۾ نپوڙجڻ باوجود هن فيض گنج جي هڪ بهترين صوفي لاڪوفي شاعر جي ڪلام کي سنڌي ادب ۾ ڪتابي صورت ۾ سجائي رکڻ جو سانباهو ڪيو آهي ۽ ان لازوال شاعريءَ کي وقت جي گمنام غار ۾ دزي چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي.
فقير معشوق علي جي زندگيءَ تي مان انڪري لکڻ مناسب نٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جي احوال، سندس شاعريءَ جي موضوعن ۽ سندس همعصر شاعرن بابت جيڪو تفصيل راشد بيان ڪيو آهي ان کانپوءِ وري لکڻ ورجاءُ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو. مان بس ايترو اضافو ڪندس ته فقير معشوق علي ۽ سندس همعصر جهڙوڪ در محمد در لعل، صوفي جائي جمال، فقير ظفر سائين، سارنگ فقير لاشاري ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا صوفي شاعر آهن جيڪي فيض گنج جي صوفي رنگ ۾ ڪنهن انڊلٺ ريکا وانگر اڀريل آهن. حقيقت ۾ ايئن کڻي چئجي ته فقير خوش خير محمد جي ڏات ڪرڻا ڪرڻا ٿي مختلف صوفين جي سينن کي روشن ڪندي رهي ٿي ۽ هي سڀ ان ئي فيض مان فيضياب ٿيل آهن. جن جو فڪر ۽ فهم توڻي زندگي ايندڙ دور جي اديبن لاءِ هڪ گس آهي. فيض گنج جي انهن سڀني صوفي شاعرن جو عوامي ميل ميلاپ دوران ورتاءُ، حسن سلوڪ، نوڙت ۽ نياز جو رنگ ۽ ڍنگ اهڙو هيو جو ملڻ واري کي بي اختيار کين فقير سائين سڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نه لڀندو هيو. فقير معشوق علي کوکر هونئن ته تصوف جي هر موضوع تي لکيو آهي پر سندس شاعريءَ جو گهڻو تڻو محور محبوب جي محبت، ساڻس ملڻ جي بي انتها سڪ ۽ اڪير، سندس حسن جي تعريف ۽ ساڻس شڪوا شڪايات آهن جيڪي حقيقت ۾ سنڌ جي اڪثر صوفي شاعرن وٽ موجود آهن پر هر ڪنهن جو انداز بيان الڳ آهي. اهوئي سبب آهي جو فقير معشوق علي پنهنجي سڀاءُ، انداز بيان ۽ سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ دل جي ڳالهه دل تائين پهچائڻ جو شاندار انداز رکي ٿو. مثال طور محبوبن سان اکڙيون اتڪڻ ۽ دلربا جي ديد دلبر سان عاشقن جي عيد ٿيڻ جون ڳالهيون کوڙ شاعرن ڪيون آهن پر فقير معشوق علي جو انداز بيحد وڻندڙ آهي ته:
دوبـــــــــــــدو ديدون مـــلن، عيدون ٿين، حج اڪــــــبري،
منهن ڏسي محبوب جو، سجدو ڪريان قدمين ڪري.
جيئن سنڌ جي اڪثر صوفي شاعرن قاصد، کنياتي يا خاطو کي پرينءَ جي پار پهچي خبر چار آڻڻ لاءِ پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ پئي هيلا هلايا آهن ڪانون ۽ ڪبوترن هٿان پئي چٺيون ۽ نياپا مڪا آهن تيئن فقير سائينءَ به پنهنجي دل گهريئي دلبر جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ هن طرح جون سٽون سرجيون آهن ته:
آ خــبر خاطو ٻڌائـــــج، ڪا پرينءَ جي پار جـــــــــي،
ڏس سڄڻ ڪهڙي ڏني ورندي ورڻ جي وار جـي.
اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪا سڪ ۽ سچائي پراڻي دور جي صوفي شاعرن ۾ هئي سا اڄ جي دور ۾ تمام گهٽ نظر اچي ٿي. ان دور جي همعصر شاعرن جي محبت ۽ سچائي جو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته فقير معشوق ۽ سندس همعصر شاعر مختلف وقتن تي پنهنجي شاعريءَ جي انداز ۾ هڪٻئي کي ڀيٽا ڏيندا رهندا هئا ان جا مثال فقير معشوق جي شاعريءَ ۾ به گهڻين جاين تي ڏسي سگهجن ٿا. جيئن فقير در محمد در لعل جي وڇوڙي تي فقير سائين کيس زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي ته:
اڄ اسان جي اڱڻ تان در لعل محمد ويو لـڏي،
گــڏ گذاري راتڙيون وڇڙيا پرين ويلــــي وڏي.
يا وري فقير خوش خير محمد کي محبت جي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:
سر مٿي سونهين گلابي تاج پوشي شهـنشاهه
خير محمد خوش اسم سلطان ڏس ٻاهر سپاهه.
يا وري سائين ظفر علي بابت لکيو اٿائين ته:
هـــــو اسم طفر علي تارڪ وجود عاشق باالله
دم اناالحق جو هنيومنصور جان معارف آگاهه.
فقير معشوق علي جي شاعريءَ جي خوبين تي غور ڪبو ته منجهس لفظن جو ميٺاڄ، تجنيس حرفي ۽ لفظن جي اهڙي ته سهڻي جوڙجڪ آهي جو سادن لفظن ۾ سندس شاعري ۾ ڪمال جي رواني آهي جو بار بار پڙهڻ سان ڄڻ لفظ پاڻهي زبان تي ايندا وڃن ٿا ان سان گڏ موسيقيت اهڙي جو گنگنائڻ ۾ به مزو ڏئي ٿي.
جيئن سندس هي سٽون آهن:
دل ڪُنهين دستور سان دلبر لـٽي ڌاڙو هڻــي،
هر طرح حملا ڪيا هٿ ۾ حسن خنجر کڻي.
سنڌ ۾ سچل سرمست، خوش خير محمد فقير، حمل فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي شاعرن سرائڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي جيڪا ڏاڍي دلڪش آهي. منهنجي راءِ آهي ته سرائڪي ٻوليءَ ۾ ميٺاڄ ئي اهڙو آهي جو اها ڳائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڌيڪ سرور ڏيندي آهي ته آسانيءَ سان دل ۾ پيهي وڃي من جي تارن کي ڇيڙيندي آهي. فقير معشوق علي به سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيا آهن جيڪي پڻ عشق جي ارڏاين، حسن جي هوڏ، پيار جي پنڌ ۽ محبت جي مامرن سان ٽمٽار آهن. سندس سرائڪي شاعريءَ مان اهوئي ئي پيغام ملي ٿو ته “ مين پريم دا پيالا پي آيا ”. سندس هڪڙي سرائڪي ڪافي جيڪا خوش خير محمد جي ڪافي “ ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا ” جي جواب طور لکيل آهي اها اڪثر ڪري خوش خير محمد جي نالي سان مشهور ئي آهي جڏهن ته اها حقيقت ۾ فقير معشوق علي جي آهي پر سندس انداز، گهاڙيٽي ۽ الفاظ جي چونڊ ۾ اهڙي ته يڪسانيت آهي جو ٻئي ڪافيون هڪ ئي شاعر جون ٿيون محسوس ٿين. اها ڪافي آهي “ڪيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا، ڪرين قرب سگها ول آوڻ دا.”
اهڙي ريت سندس هي به جڳ مشهور ڪافي آهي ته:
آ مل ڍولڻ يار، طرف تساڏي اکيان اڙيان .
يا هن ڪافيءَ ۾ به ڪيڏي نه هيٺاهين ۽ نيازمندي آهي ته:
قاصـدا مين ڪيا ڪران ڦيرا صنم پاندا نــهين،
ڏس سـڄڻ ڪهڙي سبب گڏ جال هُڻ آندا نهين.
مون کي يقين آهي ته صوفي معشوق علي جو هي ڪتاب ”اولاڻا عشق جا“ پڙهي اوهان به ضرور اها راءِ قائم ڪندا ته سنڌي ادبي بورڊ يا ٻين وس وارن ادارن جو اهو فرض آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وکريل اهڙي ناياب شاعريءَ کي هٿ ڪري ڇپرائن. ڇاڪاڻ ته بيشمار اهڙا بهترين اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڏات ڌڻي آهن جن جو لازوال پورهيو وقت جي بي رحم وهڪرن جي رحم و ڪرم تي آهي جيڪي پنهنجي حالات سبب ڇپرائي نه سگهيا آهن، جيڪڏهن وقت سر انهن کي محفوظ نه ڪيو ويو ته سنڌي ادب جو هڪ بي بها خزانو هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. آخر ۾ دعا آهي ته فقير معشوق علي کوکر جو هي ڪتاب ادب دوستن جي دل ۾ هڪ سٺي جاءِ جوڙي ۽ کيس ميڙي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻيندڙ راشد شر جي هي محنت قبول پوي ۽ سنڌ جا اهڙا نوجوان سنڌ جي ادب جي اهڙي طرح آبياري ڪندا رهن، آمين.
سيال حيات
پڪا چانگ فيضگنج