سچل سرمست جي “اسڪول آف ٿاٽ” جو هڪ اهم شاعر فقير معشوق علي کوکر
دل ڪنهين دستور سان دلـــــــبر لٽـــــــي ڌاڙو هڻــــي،
طرح حمله ڪيا هٿ ۾ حســــــن جو خنجـــــر کڻــــــي.
تيــــــر مزگان جا لڳا، اٽڪي جڏهن اک جــي اڻــــــي،
جان جند چشمن چٽي، گهورن گهٽي گهايئي گهڻي.
ماٺ ڪر معشوق علي، هي ڳالهه جي ڳهلا ڳڻـــــي،
سر صنم کي ڏي سگهو لاهي لڱن تان هي لڻـــــي.
فقير معشوق علي کوکر وٽ به ڪي مروج ته ڪي وري نوان استعارا آهن، پر سندس اظهار پنهنجي مرشد توڙي ساڳي سلسلي جي ٻين شاعرن کان الڳ آهي، جيڪو کيس ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. هن جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪمال جي رواني آهي.
دوبـــدو ديدون ملــن، عيدون ٿين حج اڪــبـــــــــري،
منهن ڏسي محبوب جو سجدو ڪيان قدمين ڪري.
جــــن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا، مولا مـــــــلائيندو وري
دل ســـدا وسندي وري، جيڪا جدائيءَ ۾ جهُـــــري.
فقير معشوق علي کوکر وٽ فڪري گهرائي ته آهي ئي آهي، پر فني اعتبار کان سندس شاعري حرف تجنيس جهڙي شعري صنعت سان سينگاريل آهي. اهڙي شاعري ڳائڻ سان اڃان وڌيڪ خوبصورت ٿي پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ موسيقيت تمام گهڻي ڀريل هوندي آهي، ايئن هن فقير جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي موسيقيت آهي، ٻئي پاسي رواني آهي، ٽئين پاسي لفظن جي خوبصورت چونڊ آهي ته چوٿين پاسي فڪري گهرائي پڻ آهي، جنهن جو مکيه موضوع تصوف آهي.
وات وائي ٻي نه ڪن، وحدانيت واپار ۾،
ســـر سـٽن ۾ ٿا سٽين باقا برهه بازار ۾ .
فقير معشوق علي کوکر پنهنجي مرشد فقير درمحمد هيسباڻيءَ کي پڻ شاعريءَ ۾ زبردست خراج پيش ڪيو آهي، جيڪو پڻ قديم شعري روايت جو تسلسل آهي.
تارڪ وجودي ترڪ و تر بنده علــــي برحق بنيــــــو
ماضي قبل جو ڪالهه گم، حاصل حسيني حال هـو
مــن عرف جو مصداق شد، ثابت قدم سلمان مـــثل
دامــن علي ۾ دل مليل اعــــجاز وڌ اقبال هـــــــو.
فقير معشوق علي کوکر نه صرف پنهنجي انداز بيان ۾ منفرد آهي، پر ڪيترين ئي جاين تي هن پاڻ کان اڳ واري شعري روايت کي جديد انداز ۾ جوابن سان پڻ سينگاريو آهي. جيئن خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جو مشهور شعر آهي:
ڪــــــــيا انصـــــاف آکان تيڏي آوڻ دا،
ڏاڍا لائق ڪيتئــــــي ليئي پاوڻ دا.
جڏهن ته فقير معشوق علي کوکر ساڳي شعر کي جوابي انداز سان ڄڻ ته مڪمل ڪيو آهي.
ڪــــيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا،
ڪــــرين قرب سگها ول آوڻ دا.
اسان جي نوجوان محقق دوست راشد شر جنهن اڳ به فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي تحقيقي ۽ ساراهڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، ان فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام سهيڙي هڪ ٻيو وڏو علمي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. آئون کيس هيءُ اهم علمي ڪم ڪرڻ تي واڌايون ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو ساڳي جذبي سان اڃان وڌيڪ ڪم ڪندو ۽ پنهنجي تر جي قديم شعري روايت کي سهيڙي ادب جي نئين تاريخ رقم ڪندو.
ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي