مختلف موضوع

ڪفايت شعاري

سنڌ يونيورسٽي جي 1957ع جي دور ۾ رهندڙ رجسٽرار خانصاحب آغا تاج محمد خان جو لکيل ڪتاب ”ڪفايت شعاري“ 1957ع ۾ آر ايڇ ۽ برادرز پاران ڇپايو ويو. ڪفايت شعاري جي اڄ به ساڳي ئي اهميت آهي جيڪا ان دور ۾ هئي.
Title Cover of book ڪفايت شعاري

• ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت

دنيا ۾ ھر انسان خواه مرد ھجي يا عورت، پوڙھو ھجي يا جوان، عالم ھجي يا جاھل، حياتيءَ جي بقا جو خيال ٿو رکي ۽ قوت قائم رکڻ لاءِ کاڌو ٿو کائي. پنھنجي جسم کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا ٿو پھري. پنھنجي آرام ۽ آسائش لاءِ مڪان ٿو جوڙائي. جيڪڏھن خدانخواسته بيمار ٿو ٿئي ته فوراً علاج جو بندوبست ٿو رکي. مطلب ته ھر ڪنھن گھٽ ۾ گھٽ تڪليف جي دفع لاءِ قِسم قِسم جون تدبيرون ۽ تجويزون ٿو اختيار ڪري. انجو صرف ھيءُ مقصد آھي ته منھنجي عزيز زندگي قائم رھي، جو اھا انکي سڀ کان وڌيڪ پياري چيز آھي. پر افسوس آھي، جو اھڙي چيز ڏي سندس مطلق خيال نٿو ٿئي، جا زندگيءَ لاءِ ضروريءَ ۾ ضروري چيز آھي! اھا آھي ڪفايت شعاري!!
سڀڪو ڄاڻي ٿو ته پنھنجي زندگي لاءِ مختلف قسمن جون ضرورتون پيش اينديون رھن ٿيون. کائڻ لاءِ غِذا گھرجي، پھرڻ لاءِ ڪپڙو گھرجي، رھڻ لاءِ جاءِ گھرجي. اھڙي طرح بيماريءَ لاءِ دوا گھرجي. اھي ضرورتون جيڪڏھن پوريون نه ٿين ته زندگي خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. پر انھن مان ھڪ به پوري نه ٿيندي. جيڪڏھن اوھان وٽ پئسو موجود نه ھوندو ته اوھان وٽ پئسو جمع ٿي نه سگھندو، جيستائين اوھان ڪفايت شعاري کان ڪم نه وٺندا.
تنھنڪري انجو لازمي نتيجو نڪتو ته ڪفايت شعاري ھر انسان لاءِ نه فقط ضروري آھي، بلڪ شرط زندگي آھي. ازانسواءِ انسان جو فرض فقط زندگيءَ جي بقا تائين محدود نه آھي، پر ان کان وڌيڪ ٻين انسانن جي زندگي به ان جي ذات سان وابسته ٿي رھي. جھڙوڪ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ، زال ۽ ٻار ٻچا. جن جي پرورش جو بار به اخلاقاً توڙي شرعي ان تي واجب ٿو رھي. ان صورت ۾ سندس فرضن جو دائرو يا ان کان زياده وسيع ٿي وڃي ٿو. يعني ڪفايت شعاري جي پابندي ڪرڻ اُن تي بدرجه اوليٰ لازم ٿي ٿئي.
جيتوڻيڪ انسان انھيءَ قدرتي ذميداريءَ کي محسوس نٿو ڪري يا ان تي عمل نٿو ڪري ته يقين سان ٿو چئجي ته ھو پنھنجي انساني فرض ادائيءَ کان ڄڻ ته قاصر رھيو.
ڪيتريقدر نه اھو حيرت انگيز ۽ عبرتناڪ منظر آھي، جو ھڪ شخص جو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪمائي ٿو، سو اُڏاري ڇڏي ۽ پنھنجي لاڳاپي وارن انسانن جو ڪوبه خيال نه رکي ۽ مرڻ وقت پنھنجي بيوھ عورت ۽ ننڍن ٻَچن کي اھڙي بيڪسيءَ ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ ڇڏي وڃي، جو اُھي ويچارا ٽُڪر لاءِ محتاج ٿي وڃن ۽ ھڪ ھڪ ماڻھوءَ جو مُنھن تڪيندا رھن. ليڪن انھن جي ڪوبه دستگيري ۽ مدد نه ڪري!
افسوس جو اُھو شخص پنھنجي زندگيءَ ۾ نفس کي تڪليف ۾ رکي عيش پسنديءَ ۽ فضول خرچيءَ کان پري ڀڄي، پنھنجي عيال لاءِ ڪجھ پونجي يا سرمايو ڇڏي وڃي ھا ته پوءِ جيڪر انھن جي مٿين حالت ڇو ٿئي ھا!! ۽ پوءِ ڇو گداگرن وانگر دربدر رُلن ھا!!
ان لاءِ الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:-
ولا تسرفو- ان الله لا يحب المسرفين.
يعني اجايو خرچ نه ڪريو. تحقيق الله پاڪ اسراف (اجايو خرچ) ڪندڙن سان محبت نه ٿو رکي.
مطلب ته الله پاڪ اجائي خرچ ڪرڻ کان منع ٿو فرمائي، ڇو ته اجائي خرچ ڪرڻ وارا شيطان جا ڀائر ٿا ڪوٺيا وڃن، جنکي الله پاڪ دوست نٿو رکي.