• ڪفايت شعاري مان فائدا
ڪنھن شخص ھڪ حڪيم کان پڇيو ته عقلمند ۽ بيوقوف ۾ فرق ڪھڙو آھي. تنھن تي حڪيم فرمايو ته عقلمند حال تي ۽ مستقبل تي نظر ٿو رکي ۽ بيوقوف فقط حال کي ٿو ڏِسي. يعني عاقل خيال ٿو ڪري ته ”اھو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي“ ۽ بيوقوف جو فقط ھي حال آھي ته ھينئر ته کائي پي ۽ عيش آرام ڪري وٺجي اڳتي جيئن قسمت.
”اب تو آرام سے گذرتی ھے،
عاقبت کی خبر خدا جانے.“
اھوئي ساڳيو فرق انڌي ۽ اکين واري انسان ۾ آھي. اکين وارو جنھن رستي ھلي ٿو ته ان کان پرئين رستي جي به خبر ٿو رکي، پر انڌو پري ڏسي نٿو سگھي ته کَڏ آھي يا کوٻو آھي. انھيءَ ڪري ھلاڪت ٿي رَسيسِ.
اھڙي طرح ڪفايت شعاريءَ وارو انسان ھلندڙ خرچ جي ته نظر رکي ٿو، پر آئينده جي ضرورتن جو به خيال ٿو رکي. انجو نتيجو اھو ٿو نڪري، جو جڏھن کيس اوچتو ضرورتون پيش ٿيون اچن ته ھو انھن کي منھن ڏئي ٿو سگھي ۽ سندس وقت خوش گذري ٿو وڃي. پر فضول خرچ انسان فضول خرچيءَ سبب اھڙو اوچتو وقت ٽپائي نٿو سگھي. پوءِ اھڙي وقت ۾ ٻئي جو محتاج ٿو بڻجي پوي. اھوئي وقت آھي جو انسان کي بلڪل بيوس ڪري اڻ ٿيڻ جھڙا ڪم به ڪرايو ڇڏي ۽ اھوئي وقت آھي، جو گھرج وارو انسان ٿوري پيسي تي پنھنجي ملڪيت ناس ڪري ڇڏيندا آھن. تڏھن سمجھڻ گھرجي ته عقلمندي ۽ دورانديشي اھا آھي، جو انسان آمد ۽ خرچ کي نظر مان ڪڍي. ازانسواءِ موجوده خرچ سان گڏ اوچتيءَ ضرورت جو به خيال رکي. جيڪڏھن سندس آمدني گھٽجي وڃي ته پنھنجون ضرورتون ۽ گھُرجون به گھٽائي ڇڏي. جيڪڏھن اِئين ڪندو ته ھو ھر حال ۾ ھميشہ خوش ۽ خورم گذاريندو ۽ سڀڪو ان تي رِيس ڪندو رھندو. اھڙو انسان سڀ ڪنھن لاءِ مثال ٿي ٿو سگھي. گھڻيءَ ڪمائيءَ واري فضول خرچ کان ٿوري ڪمائي وارو ڪفايت شعار انسان ھزار دفعا بھتر آھي. ھزار روپيه پگھار واري قرضيءَ انسان کان 50 روپيه پگھار وارو ڪفايت شعار انسان وڌيڪ خوش آھي. ڇو ته حقيقي خوشيءَ کي اُن ئي انسان ڳولي لڌو آھي، جو ”سوڙ آھر پير ٿو ڊگھيري.“ ھڪ فلاسافر جو قول آھي ”دنيا ۾ فقط اھو شخص خوش ٿو رھي، جنھن جون گھرجون گھٽ آھن.“ ڪفايت شعار انسان ئي آھي جي ٿوري ڏني تي ئي راضي ۽ قانع رھي، ان جو صحيح تصرف ٿو ڪري ۽ بيشڪ اھو آسودو انسان آھي جو صحيح تصرف ڄاڻي ٿو.
مطلب ته حتي الوسيع جيترو ٿي سگھي ته ڪجھ نه ڪجھ بچائي رکڻ تمام ضروري آھي، جو بيماريءَ، بيڪاريءَ ۽ مھانگائيءَ ازانسواءِ اتفاقي وقتن تي خرچ ڪري سگھجي. اھي شخص ڪم فھم ۽ ڪوتاھ انديش آھن، جي اڳ ۽ پوءِ نٿا جاچين. نه ٿا آمدنيءَ جي خبر رکن ۽ نه ٿا خرچ جي خبر رکن. اھڙا انسان ضروري ۽ فضول خرچن ۾ ڪابه تميز نٿا رکن.
اُھي فقط موجوده حالت کي ڏِسن ٿا ۽ اتفاقي ضرورتن جو ڪوبه خيال نٿا رکن. جي شخص اُھو خيال نٿا رکن ته اھي بچائڻ جو قدر به ھرگز نٿا ڄاڻن ته پوءِ يقين رکو ته اُھي ئي شخص آھن، جي جلد مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ گرفتار ٿا ٿين.
جو شخص ڪفايت شعاري ڪري ڪجھ سرمايو گڏ ٿو ڪري (پوءِ اھو کڻي ڪيترو به ٿورو ھجي) ته ان کي ھر وقت ھر طرح جي تقويت ۽ خوشي ٿي رھي.
اھو انسان زماني ۽ قسمت اڳيان فقط رانديڪو نه ٿو بڻجي پر مڙس ٿي اُن کي منھن ڏئي ٿو سگھي. اھو به سچ آھي ته محتاج انسان کڻي ڪيترو به عاقل ھجي، پر اُھا عزت حاصل ڪري نٿو سگھي، جنھنجو ھو حقدار آھي. محتاجيءَ ڪري ھن کي خسيس ۾ خسيس ماڻھوءَ جي ڪاڻ ڪڍڻي ٿي پوي. جا ذات ۽ ضمير واري انسان لاءِ موت کان گھٽ نه آھي.
ڪفايت شعار (قناعتي) انسان دنيا وارن سان اک ۾ اک ملائي ھلي سگھي ٿو. پر جي محتاج انسان آھي ته پوءِ ڪيڏو به خاندان يا ملڪيت وارو انسان آھي، ته به اک ۾ اک ملائي نٿو سگھي. پر وقتن تي اھڙن انسانن جو ئي ڪنڌ شرم کان ھيٺ جھڪيل نظر ايندو آھي. سڀڪو انسان پاڻ کي عزت وارو بڻائي سگھي ٿو ته بي عزت به بڻائي سگھي ٿو. سو ھِن ريت جي ھُو ڪفايت شعار آھي ۽ وقت تي ڪنھنجو محتاج نه آھي ته بلڪل عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. جي فضول خرچ آھي ۽ ننڍي وڏي جو محتاج ۽ دست نگر آھي ته ھو ڪنھن به حالت ۾ عزت جو حقدار نه آھي ۽ کيس عزت ملي نٿي سگھي.
ڪفايت شعار ھر معاملي ۾ خودمختيار آھي ۽ وقت راحت ۾ گذاري سگھي ٿو.
فضول خر چ ھر حالت ۾ نفس جو پابند ۽ گوناگون مصيبتن جو شڪار آھي.