• ڪفايت شعاريءَ ۾ عورتن جو حصو
اڪثر ڏٺو ويو آھي ته جيڪڏھن ڪا رسم مرد فضول سمجھي روڪڻ چاھيندا آھن ته عورتون اُن ڳالھ ۾ رنڊڪ وجھن ٿيون ۽ بدشگونيءَ جي خيال سان مَردن کي مجبور ڪن ٿيون ته اُھي رسمون جاري رکيون وڃن. عورت تي پڻ زور آندو وڃي ۽ انھن کي سمجھايو وڃي ته اھو زمانو نه رھيو آھي. اجايون رسمون ترڪ ڪريو ۽ جيترو ٿي سگھي ته پئسو گڏ ڪريو، جو اوھان جي ۽ اوھان جي اولاد جي ڪتب اچي. اھي اوھان جا ننڍڙا ننڍڙا ٻچا جن تي اجائي طرح بي دريغ پئسو خرچ ڪيو وڃي ٿو. ائين چڱو نه آھي جو انھن کي دربدر ۽ بي روزگار بڻائڻ کان روڪي سگھو؟
سو تڏھن ٿيندو، جڏھن اوھان انھن جي واسطي ڪجھ پئسو ڪَٺو ڪري رکندا، جو وقت سر انھن کي ڪتب اچي. اھو به ممڪن آھي جو ڪو اوھان کي چئي ته اوھان جو اولاد رکيل پئسو تلف ڪري ڇڏي ته پوءِ؟ ان لاءِ اھو چوڻ ڪافي آھي ته اوھان پنھنجو فرض بجا آڻيو، پوءِ انھن جي قسمت! ڪفايت شعاري ڪري ڪجھ رقم گڏ ڪجي، ان لاءِ بھترين طريقو اھو آھي، جيڪڏھن سرمايو گڏ ڪري فقط رکي ڇڏبو ۽ ڪنھن نفع بخش ڪم ۾ نه لائبو ته بدستور اوتري جو اوترو رکيو ھوندو. ان ۾ ڪنھن به قسم جو واڌارو ڪونه ٿيندو. تنھنڪري اسان تي واجب آھي ته پئسو ٿورو ھجي يا گھڻو، پر ان کي ڪنھن به حالت ۾ بيڪار رھڻ نه ڏجي. پر ان ۾ اھڙي ڪوشش ڪجي جو محفوظ به رھي ۽ روزبروز ڪجھ ته واڌارو به ٿيندو رھي. سرمائي کي جيڪڏھن گھر ۾ رکبو ته ممڪن آھي ته ڪنھن نه ڪنھن طريقي ناس به ٿي وڃي. چوريءَ جو ھر وقت خطرو رھندو. گھڻا ماڻھو پنھنجي نادانيءَ سبب پنھنجي سرمائي کي نقد زيورن جي صورت ۾ صندوق ۾ وجھي ڪٿي پوري ڇڏيندا آھن. پوءِ يا اھو مال چور چوري ڪري کڻي ويندا آھن يا ته ڪنھن ٻي صورت ۾ ضايع ٿي ويندو آھي.
البت بئنڪن يا ويمي ڪمپنين ۾ ضايع ٿيڻ جو امڪان گھٽ آھي. اتي ان جي پوري پوري حفاظت ٿئي ٿي. پبلڪ جي سھوليت لاءِ گورنمينٽ ننڍي وڏي شھر ۾ سيونگس بئنڪ جو ڪم ٽپال خانن سان گڏ کولي ڇڏيو آھي، جنھن ۾ چئن آنن کان وٺي سون روپين تائين پئسا امانت رکي سگھجن ٿا. اتي جيڪڏھن بچت سرمايو رکندا ته چڱي طرح محفوظ رھندو ايندو. ازانسواءِ ويمي ڪمپنين ۾ به حيثيت آھر سماھيون يا ششماھيون قسطون ڏئي پڇاڙيءَ ۾ چڱي رقم ملڻ جا اميدوار رھو. ليڪن ويمي ڪمپنين ۽ بئنڪ ۾ ھيءُ فرق آھي جو بئنڪ ۾ جا رقم ھوندي يا وياج سميت ڪنھن به وقت ڪڍي سگھو ٿا. باقي ويمي ڪمپنين ۾ فقط ھڪ ئي قسط ڏئي خدانخواسته فوت ٿي وڃو ته مقرر رقم اوھان جي اولاد يا وارثن کي ملي ويندي.
بئنڪ ۾ اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ماڻھو وقت به وقت رقم داخل ڪري ۽ نيٺ ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ خرچ ڪري ڇڏي ٿو. آخر ان جو نتيجو اُھو ٿو نڪري جو بئنڪ ۾ سندس ڪوبه پئسو ڪونه ٿو بچي. پر برخلاف ان جي ويمي ڪمپنين مان پئسا ڪڍائي نٿا سگھجن. پر ھٿان قسطون ڏيڻ تمام ضروري ۽ لازمي سمجھيون وڃن ٿيون. انھيءَ خوف سبب ته متان ڏنل پئسا ضايع ٿي وڃن ۽ قسطون ادا ڪرڻ ڪري مقرر رقم تي سندس ھميشہ حَق رھي ٿو جا سندس پڇاڙيءَ لاءِ يا اولاد لاءِ توشو ٿئي ٿي.
مطلب ته بئنڪ توڙي ويمو نفعه کان خالي نه آھن. گويا انھن ٻنھي صورتن ۾ پڇاڙي سرھي ٿئي ٿي. ڇو ته جوانيءَ کان وڌيڪ پئسي جي ضرورت ٻڍاپڻ ۾ رھي ٿي. ڇو ته ان وقت انسان کي پئسي جي ضرورت وڌيڪ ٿي رھي. سواءِ پئسي جي اھڙي وقت ۾ بلڪل نادار ۽ مفلس رھي انسان گھڻا دک ٿو پسي، جنھن لاءِ اڳواٽ خبردار رھڻ گھرجي.