• ڪفايت شعاري ۽ بُخل ۾ فرق
ڪفايت شعاري ان کي چئجي، جو جڏھن سڀ ڪنھن قسم جو واجبي خرچ ڪري بيھجي. ان بعد جا بچٿ ٿئي، اھا ڪِن ضروري ۽ اتفاقي وقتن لاءِ رکڻ. اُھا آھي ڪفايت شعاري ۽ بُخل ھي آھي، جو اوھان کي جيڪو به پئسو ھجي سو بند رکو. ڪنھن به ضروري ۽ سَجائي ڪم تي به خرچ نه ڪريو ۽ سموري پئسي بچائي رکڻ لاءِ ڪوبه سبب نه ھجي.
ڪفايت شعاري جو مقصد آھي فضول خرچيءَ کان پرھيز ڪرڻ، جا ھڪ عمدي ۾ عمدي ۽ اعليٰ درجي جي فضيلت آھي. پر بخل جو مطلب ھي آھي، جو ضروري ۽ واجبي خرچ کان به پري ڀڄڻ ۽ پرھيز ڪرڻ. جا نھايت خراب ۽ نيچ عادت آھي.
مثلاً ٻه شخص آھن، جن جي آمدني سؤ روپيا آھي. ھڪڙو شخص کاڌي پيتي، لٽي ڪپڙي تي واجبي خرچ ڪري ٿو ۽ پنھنجي تعلق رکندڙ انسانن جي واجبي گھُر پوري ڪري ٿو. ازانسواءِ پنھنجي اولاد جي تعليم تي به خرچ ڪندو رھي ٿو. حتي الوسع پاڻ کي توڙي اولاد کي ڪنھن به قسم جي تڪليف نٿو ڏئي. ان بعد ٿورو گھڻو بچائي رکي ٿو، جي آئي ويل ڪتب اچي.
ٻيو شخص اُھو آھي، جو پنھنجو توڙي پنھنجي اولاد جو ڪوبه ضروري خرچ پورو نه ٿو ڪري ۽ نڪي اولاد جي تعليم لاءِ بندوبست ٿو ڪري، پر رڳو گھڻو پئسو گڏ ڪري رکندو وڃي ته انھيءَ صورت ۾ پھرين کي ڪفايت شعار چئبو ۽ ٻئي کي بخيل سڏبو.