مختلف موضوع

ڪفايت شعاري

سنڌ يونيورسٽي جي 1957ع جي دور ۾ رهندڙ رجسٽرار خانصاحب آغا تاج محمد خان جو لکيل ڪتاب ”ڪفايت شعاري“ 1957ع ۾ آر ايڇ ۽ برادرز پاران ڇپايو ويو. ڪفايت شعاري جي اڄ به ساڳي ئي اهميت آهي جيڪا ان دور ۾ هئي.
Title Cover of book ڪفايت شعاري

• جان ڊي راڪ فيلر

ھي 8 جولاءِ 1839ع مقام رچفورڊ نيويارڪ ۾ ڄائو ھو. سندس والدين بلڪل غريب ھئا، جي حد درجي جي مفلسيءَ ۽ تنگيءَ جي حالت ۾ گذاريندا ھئا. غريبيءَ جي اھڙي حالت ھُين جو ڀڳل ٽُٽل جھوپڙيءَ ۾ گذاريندا ھئا، جا انھن جھنگ مان ڪاٺيون گڏ ڪري ٺاھي ھئي. ٻاراڻي زندگي: جان ڊي راڪ فيلر کي ننڍپڻ ۾ نھايت محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي ھئي. ھن کي ھر روز جھنگ مان ڪاٺيون آڻڻيون پونديون ھيون. ان بعد کير ڏُھڻو ۽ گھر لاءِ پاڻي ڀرڻو پوندو ھوس. جڏھين انھن ڪمن کان فرصت ملندي ھيس ته پوءِ اسڪول ۾ ويندو ھو جو اتان ڇھ ميل مفاصلي تي ھو.

سندس پھريون واپار

راڪ فيلر جون سخت ٿڌ واريون راتيون به ان جھوپڙيءَ ۾ گذريون. اڪثر اھڙو اتفاق به ٿيندو ھو، جو رات جو برف پوڻ ڪري سارو برف سان ڀرجي ويندو ھو. ھڪڙي دفعي برفباريءَ واري موقعي تي سندس اک ننڊ مان کلي وئي ته وري کيس ننڊ نه آئي. ان وقت ھن ھڪ جھنگلي جانور ڏٺو، بستري تان اٿي سندس پُٺ ورتائين. ان جانور جي رھڻ واري ھنڌ پھچي ان جا ٻچا کڻي آيو ۽ گھر اچي پاليائين. انھن کي کير پياري جڏھن وڏو ڪيائين تڏھن بازار ۾ وڃي انھن کي وڪيائين. انھن جي قيمت وٺي ڏاڍو خوش ٿيو. ساري عمر ۾ اھو واقعو ياد ھوس ۽ چوندو ھو ته اھو پھريون ئي سودو ھو جنھن مان مون کي سو تي سو فائدو پيو.
ڇاڪاڻ ته انھن جھنگلي جانورن جي ٻَچن تي ڳنڍ مان پئسو به خرچ نه ڪيو ھئائين.

بيڪار کان بيگار بھتر

ھن غريبي ۽ مسڪينيءَ واري حالت ۾ افلاس ۽ ناداريءَ جو بھادرانه مقابلو ڪيو ۽ سُتت ئي ھاءِ اسڪول جو امتحان پاس ڪيائين. ليڪن انھن ڏينھن ۾ نيويارڪ ۾ تعليم يافته ماڻھن جي قلت ھئي، انھيءَ سبب ڪري نوڪري ملي نه سگھيس. لاچار ھڪ تجارتي ڪمپنيءَ وٽ بنا اجوري مھينو ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ کيس فقط 50 ڊالر مليا ۽ آئينده لاءِ 35 ڊالر پگھار مقرر ٿيس.
ٿوري وقت بعد محاسب جي جاءِ خالي ٿي، جا کيس ملي. بحيثيت محاسب جي کيس ڪمپني جي دفتر ۾ ڪم ڪرڻو پوندو ھو. جتي ڪمپنيءَ جا حصيدار جمع ٿي تجارت ۽ ڪاروبار جي مختلف مسئلن تي بحث مباحثو ڪندا ھئا، راڪ فيلر پنھنجي ڪم پوري ڪرڻ سان گڏ انھن ماڻھن جا بحث مباحثا پڻ غور سان ٻڌندو ھو ۽ انھن ماڻھن جي گفتگو ڪن لائي ٻڌڻ جو نتيجو اھو نڪتو جو ٿوري ئي وقت ۾ تجارت جي سڀني رمزن ۽ مسئلن مان چڱيءَ طرح واقف ٿي ويو.
بلڪ اھڙن ڪمن ۾ سندس راءِ جو پڻ قدر ٿيڻ لڳو. آخر سترھن ورھين جي عمر ۾ ان جي اڳيان ”سنگ مرمر ڪيئن ڍوئجي“ وارو مسئلو پيش آيو. راڪ فيلر ڪمپنيءَ کي ھڪ اھڙي ڪارآمد ترڪيب ڏَسي جو ان جو مالڪ بيحد خوش ٿيو. ان کان پوءِ سندس پگھار ست سو ڊالر مقرر ٿي.

مُوڙيءَ جي ضرورت

راڪ فيلر دفتر جي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ھي خيال سوچڻ لڳو ته تجارت ۾ ترقي فقط سُٺي دماغ ۽ خيال سان نٿي ٿئي، پر ان لاءِ روپين جي ضرورت آھي. روپيا گڏ ٿيندا آھن ڪفايت شعاريءَ ۽ سادگيءَ جي قدم کڻڻ سان. نيٺ اھو خيال سندس دماغ ۾ اھڙو ته پختو ٿي ويو جو ان وقت کان پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪفايت شعاريءَ جا جيڪي به ڪارائتا رستا ھئا، سي ڪتب آندائين. نيٺ ٻن ورھين ۾ چڱو ناڻو ڪَٺو ڪيائين.

ھڪ انگريز سان ملاقات

ان زماني ۾ راڪ فيلر جي ھڪ انگريز سان دوستي ٿي ويئي. ان جو نالو ڪلارڪ ھو. ھو نھايت حوصلي وارو آدمي ھو. ان تجارت جي غرض لاءِ ٻه ھزار ڊالر جمع ڪيا ھئا ۽ ھو اھڙي حصيدار جي تلاش ۾ ھو، جو سڀ ڪنھن طرح ساڻس پورو پورو ڀائيوار ثابت ٿئي ۽ اھو ارادو ھوس ته جيتري رقم آءٌ ڪڍندس ته اوتري رقم ھو به ڪڍي.
راڪ فيلر وٽ انھيءَ جيترا پئسا اڃا ڪَٺا نه ٿيا ھئا. آخر پنھنجي پيءُ کان ڪجھ رقم قرض کنيائين، اھو به اُن وقت ٿوري پونجيءَ وارو اچي ٿيو ھو ۽ ڪجھ پنھنجي رقم جا ڪَٺي ٿيل ھيس، سا سڀئي گڏي تجارت ۾ ڀائيوار ٿيا.

ترقي ۽ واڌارو

تجارت جي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ بعد کيس ڏينھن جو ٻيڻي ۽ رات جو چؤڻي ترقي ٿيندي وئي. روپيا مينھن وانگر وسندا رھيا. جيتوڻيڪ ترقيءَ جو اھو حال ھو ته به راڪ فيلر دماغ ۾ ڪڏھن به غرو ۽ تڪبر کي جاءِ نه ڏني. ھر روز رات جو جڏھن بستري تي وڃي سمھندو ھو تڏھن پاڻ ئي ائين چوندو ھو ته ھيءَ معمولي ترقي آھي. توکي اُن تي ناز نه ٿيڻ گھرجي. عنقريب تنھنجو تنزل ٿيندو ۽ جلد تون ڪِري پوندين. ڇا! تون پاڻ کي ھاڻي ڪامياب تاجر ٿو سمجھين. ڇاڪاڻ جو تنھنجي ابتدا چڱي ترقيءَ ۾ آھي؟ تون اڃا اڳتي ھل. ترقيءَ جا نوان رستا ڳول، نه ته تنھنجو دماغ خراب ٿي ويندو. صبر ۽ استقلال کان ڪم وٺ.

گرجا جي حفاظت

راڪ فيلر ۾ ھڪ ڳالھ تمام عمدي ھئي جو سخت مصيبت جي وقت ۾ صبر ۽ استقلال کي ھٿان نه ڇڏيندو ھو. بلڪ نھايت عقلمنديءَ ۽ ھوشياريءَ سان مالي مشڪلات منٽن ۾ حل ڪري ڇڏيندو ھو. ھڪ دفعي ھڪ ديول گروي رکيل ھئي ۽ قرض ادا نه ٿيڻ سبب نيلام ٿيڻي ھئي قرض کڻندڙ کي قطعي اميد ڪانه ھئي ته ڪو اھو قرض ادا ٿيندو ۽ ھر ھڪ شخص کي گرجا جي نيلام ٿيڻ جو بلڪل رنج ھو.
اتفاق سان اھا ڳالھ راڪ فيلر جي ڪَن تي وڃي پئي. سو يڪدم چندو گڏ ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويو ۽ ڳالھين ڪندي ٻه ھزار ڊالر گڏ ڪري ورتائين. جنھن ڪري گرجا نيلام ٿيڻ کان بچائي ڇڏيائين.


گاسليٽ جي تجارت

1862ع ۾ گاسليٽ جي تجارت شروع ڪيائين. معمولي تيل کي گندڪ جي تيزاب سان صاف ڪري پيٽروليم بڻائڻ جي ترڪيب سئيمول انڊوروز کان معلوم ڪيائين. ان ڪاروبار ۾ کيس خوب فائدو ٿيڻ لڳو. پر جلد ئي گھڻن سوداگرن پنھنجا پنھنجا ڪاروبار ڦٽا ڪري کڻي گاسليٽ جي تجارت شروع ڪئي. کين خبر ھئي ته گاسليٽ مان چڱو نفعو حاصل ٿيندو. راڪ فيلر کي به سخت مقابلو ڪرڻو پيو. گاسليٽ جي تجارت مان جي خطرا ھئا، تن جي خبر راڪ فيلر کان وڌيڪ ڪنھن کي به ڪانه ھئي.
چشمي جي خشڪ ٿيڻ جو انديشو ھڪ طرف ۽ تيل کي باھ لڳڻ جو خطرو ٻئي طرف. ازانسواءِ تيل جي ڪڍڻ ۾ بي شمار تڪليفون ۽ نون نون سوداگرن ۾ اضافو. اھي ڳالھيون ھيون، جو جيڪر ھڪ غير معمولي دل ۽ دماغ آدمي جي آرام برباد ڪرڻ لاءِ ڪافي سبب بڻجي سگھن.

مصيبت مٿان مصيبت

ان کان وڌيڪ تماشو ھي ٿيو جو جڏھن تيل جا سوداگر وڌيا ته تيل جي پيداوار ۾ واڌ گھڻي ٿي. انھن ماڻھن جي وچ ۾ مقابلو به سخت ٿيو. انھن ڳالھين جو لازمي نتيجو اھو ٿيو جو تيل سھانگو وڪڻڻ ۾ آيو ۽ سوداگرن کي نقصان پوڻ لڳو.
راڪ فيلر انھيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻ لاءِ ترڪيب سوچي ته مال جي روانگيءَ جا سَستا ذريا ھٿ ڪجن ۽ شھرن ۾ تيل پيپن ۾ نيڻ بجاءِ نَلن جي رستي روانو ڪجي. ٽيون تيل شھرن ۾ موڪلي ضرورتن پوري ڪرڻ کان پوءِ ساري دنيا جي ملڪن ۽ شھرن ڏانھن روانو ڪجي.

پنھنجين خامين جو علاج

سن 1867ع ۾ ان فيلگر کي پنھنجو ڀائيوار بڻائي اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني ڏھن لکن ڊالرن جي سرمائي سان قائم ڪئي. فيلگر نه صرف ساڻس روپين سان ڀائيواري ڪئي، پر ان سان گڏ اھي خوبيون به پاڻ سان گڏ آندائين، جي راڪ فيلر ۾ نه ھيون. يعني فيلگر جي ڀائيوار بڻجڻ بعد راڪ فيلر جون ڪيتريون ڪمزوريون ۽ عيب غائب ٿي ويا. مثلاً فيلگر ۾ ھڪ خوبي ھيءَ ھئي جو ٺيڪي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ بلڪل ھوشيار ھو. ھو ٺيڪيدارن جي شرطن جي عبارت اھڙي نموني تيار ڪندو ھو جو ڪڏھن به ڪمپنيءَ کي نقصان ڏيڻ جو فقط انديشو به نه رھندو ھو.
پڙھندڙ صاحبن جي خدمت ۾ عرض آھي ته اسان لاءِ اتحاد ۽ ان مان فائدي جو بھترين سبق ھي موجود آھي ته اڪيلي ڪم مان ايتري قدر نمايان ترقي نٿي ٿي سگھي، جيترو گڏجي ڪم ڪرڻ مان، آسانيءَ سان حاصل ٿي سگھي ٿي. اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني جنھن جو نالو اڄ ساري دنيا ۾ مشھور آھي، ان جي ترقيءَ جو راز صرف ھي ھو جو ھڪڙو ٻئي جون خاميون دور ڪندو ھو.
اھي ٻئي ڀائيوار گڏجي ھڪ ٻئي مان خاميون ڪڍي خوبيون وڌائيندا ھئا. در حقيقت اھڙي ترقي ٻڌيءَ مان ٿئي ٿي، جا ھرگز فنا ٿيڻ جي نه آھي. خود غرضيءَ ۾ شخصي فنا ٿيڻ جو امڪان آھي. جڏھن ٻه دليون ھڪ جاءِ ڪَٺيون ٿين ٿيون، تڏھن انھن ۾ ٻيڻي طاقت نه ٿي ٿئي، پر انھن مان ھر ھڪ جي طاقت ڏھوڻي ٿئي ٿي.

دولت جي غلامي

1899ع تائين راڪ فيلر ساري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ دولتمند آدمي ٿي ويو. سندس دولت جو شمار ڇھ ڪروڙ چاليھ لک پائونڊ ٿي ويو. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ان وٽ ڪيترا روپيا ھئا. ان جي ھر ھڪ سيڪنڊ جي آمدني قريباً سوا روپيو ھئي.
ان کان پوءِ ته ان جي دولت ايتري ته وڌي وئي جو ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ٿي پيو.
پر اٽڪل روءِ ٽي ارب سمجھيو ويو، باوجود ايتري دولت ۽ مال گڏ ڪندي به راڪ فيلر نه دولت جو مطيع ۽ غلام رھيو ۽ نه ان جو پوڄاري ٿيو.
چنانچه ھو خود ھميشہ ائين چوندو ھو ته اھڙي ماڻھوءَ تي افسوس آھي، جو رات ڏينھن دولت کي رڳو ميڙڻ جي غرض سان پاڻ کي فِڪر ۾ مشغول رکندو ھجي.
راڪ فيلر ڪڏھين ڪڏھين ڪاروبار ڦِٽو ڪري جھنگلن ۽ باغن ۾ سير تفريح لاءِ نڪري ويندو ھو ۽ چوندو ھو ته انسان کي روپين مان خوشي حاصل نٿي ٿي ٿئي.
ھن پنھنجي عمر جي پنجاھين ورھيه ۾ ئي ڪاروبار ڦِٽو ڪري گوشي نشين ٿيڻ چاھيو. ليڪن ھن کي اھڙو موقعو نه مليو. آخرڪار 61 ورھين جي عمر ۾ گوشه نشين ٿي سادي زندگي گذارڻ لڳو.

ڪارِ خير

سن 1921ع ۾ سندس دولت جي اندازي ڪرڻ مان معلوم ٿيو ته ھو 48 ڪروڙ پائونڊن کان وڌيڪ دولت جو مالڪ ھو.
ان مان 10 ڪروڙ پائونڊ تعليم ۽ ٻين رفاھ عام جي ڪمن لاءِ وقف ڪيا. ان شڪاگو وارو دارالعلوم قائم ڪيو.
ان لاءِ مالي سرمايو محفوظ رکيائين. نيويارڪ ۾ ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ”راڪ فيلر“ نالي سان کوليائين، ۽ لکھا روپيه زرد بخار ۽ دق وغيره امراضن جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪيائين.
سن 1910ع ۾ ھڪ انجمن ”راڪ فيلر“ قائم ڪئي. جنھن جا اغراض ۽ مقاصد رفاه عام، تھذيب ۽ تمدن جي ترقي ۽ علم، ھنر جي واڌاري بابت ھئا. ڪنھن انسان ٺيڪ چيو آھي ته ”خدا قد ڏسي ڪپڙا ٿو پھرائي“ ”گنجي کي وار نٿا ملن“ راڪ فيلر کي خدا جيڪو دولت جو خزانو گھڻو ڏنو ته ان خرچ به عمدا ڪيا. ھو مسلمان نه ھو. باقي ھو دولت جي زڪوات ڪڍڻ جو طريقو بيشڪ ڄاڻندو ھو.
اسين به دولتمند ٿي سگھون ٿا. مگر دولت گڏ ڪرڻ جو مطلب نيڪ ھجي ۽ نيت سٺي ھجي.