• ڪفايت شعاريءَ جي مقرر حَد
مثلاً جنھن شخص جي آمدني ھزار روپيا آھي ۽ اھو ٻه سؤ روپيا بچائي ٿو. ٻيو شخص جنھن جي آمدني ھڪ سؤ روپيا آھي ۽ ويھ روپيا ٿو بچائي. ٽيون شخص جنھن جي آمدني ويھ روپيا آھي ۽ چار روپيا ٿو بچائي ۽ چوٿون شخص جيڪو ڏھن روپين جي آمدني مان ٻه روپيا ٿو بچائي. چئبو ته اُھي چارئي شخص پنھنجي پنھنجي لياقت آھر ھڪ جھڙي بچت ڪن ٿا. اُھي سڀ ڪفايت شعار چئي سگھبا.
گھڻن ماڻھن جي اھا غلطي آھي، جو چوندا آھن ته اسان ٿوري آمدنيءَ وارا آھيون، سو اسان ڇا بچائي سگھنداسون. ڇو ته جو ھڪ رپيه ٿو بچائي ته به انکي بچت چئي سگھبي. جي اَٺ آنه ماھوار ٿو بچائي ته به بچت چئبي، مگر ٿوري. اِئين ته ڪين چئبو ته فلاڻي شخص بچايو ئي ڪونھي. جو شخص فقط ھڪ آنو روزانو بچائي ٿو ته به سالاني بچت سندس ويھارو روپين جي قريب چئي سگھبي. ڇو ته داڻي داڻي مان ڍِڳ ٿو بڻجي ۽ قطري قطري مان دريا ٿو بڻجي. جڏھين انسان ڪفايت شعاريءَ جو عادي ٿو بڻجي وڃي، تڏھن ھو پئسن مان آنا ٿو بڻائي سگھي ۽ آنن مان روپيا۽ روپين مان نوٽ. ان بعد سو يا ھزار بڻجڻ ڏُکيا نه آھن.
ھڪ دانشمند جو قول آھي ته سَون مان ھزار ۽ ھزارن مان لک بڻجڻ تمام سولا آھن، مگر پھرين سؤ به ڪَٺو ڪرڻ ڏکيو آھي.
اھو فلسفو سمجھڻ تمام سولو آھي. ڇاڪاڻ ته پھريائين انسان کي شروعات ۾ تڪليف ڪري، پنھنجون گھُرجون بند ڪري، آنا، روپيه گڏ ڪري، ڪا رقم بڻائڻي پوي ٿي. پر اھڙي تڪيلف جو ھو عادي نه آھي، تنھن ڪري ھن کي بلڪل مشڪلات ٿئي ٿي. مگر جڏھن ته اُھي تڪليفون جھاڳي پار پيو ۽ ڪجھ رقم پس انداز ڪيائين ته عادت پوڻ ڪري، آئينده سولائيءَ سان رقم ميڙيندو ويندو. پوءِ جڏھن سؤ يا ٻه سؤ رقم جڙي ته ان کي ڪنھن ڌنڌي ۾ لائي وڌائڻ سولو لڳندو. باقي اھو سچ آھي ته پھريائين ٿورڙي رقم ميڙڻ ڏُکي آھي. جڏھن ڪفايت شعاري جي عادت پئجي وڃي ٿي پوءِ پيسو ميڙڻ ھن کي بار معلوم نٿو ٿئي ۽ اميد ته پوءِ ھو جلد ئي حيرت انگيز ترقي ڪري ويندو.
ازان سواءِ ھن جيڪي ٿورا پيسا يا ٿورا روپيا گڏ ڪري ڪجھ رقم جوڙي ته اھي ٿورا پئسا سندس اخلاقي توڙي دماغي تربيت ۽ ذاتي خودمختياريءَ جي درجي بلند ڪرڻ ۾ ڪيتريقدر مددگار ٿا بڻجن. شروعات ۾ اھا ٿوري گڏ ڪيل رقم گويا نفس ڪشي، فرزانگي ۽ دانشمنديءَ جو سنگ بنياد ليکي وڃي ٿي. جيئن ڪنھن رنگ محل يا عمدي محلات جو بنياد به پھريائين ساڳي پيڙھ تي ٿئي ٿو، جھڙي ڪنھن معمولي جاءِ تي پھريائين ٿورو خرچ ڪيو وڃي، پر اھو سنگ بنياد ۽ اھا ٿوري خرچ ڪيل واري پيڙھ ايترو ته حوصلو وڌائي ٿي ڇڏي، جو ان بعد ئي ھر ھڪ انسان جي ھمت سان ھزارن توڙي لَکن جي عمارت جُڙي سگھي ٿي.
”خيال ھرکس بقدر ھمت اوست“
ھر ھڪ انسان جو خيال سندس ھمت جي قدرتي ڏات کان ٿئي ٿو. جيڪڏھن ڪو شخص فقط اڍائي روپيا مھيني ۾ بچائي ڪنھن ويمي واري ڪمپنيءَ ۾ ڏيندو ٿو رھي، پوءِ جي ان شخص جي عمر 25 ورھيه آھي ته 20 ورھين ۾ سندس جيئري يا مرڻ وقت سندس پوين کي ھزار ڏيڍ جي رقم ملي ويندي.
ڪفايت شعاري درحقيقت اھڙي چيز آھي، جو ان جي وسيلي انسان کڻي ڪھڙي به غريبي حالت ۾ آھي ته به اطمينان ۽ مُسرت جي زندگي بسر ڪري سگھي ٿو.
مولانا محمد ذڪاءُالله صاحب مرحوم، جو ھڪ وڏو مؤرخ ٿي گذريو آھي ان کان ڪنھن پڇيو ته انسان حقيقي خوشي ڪھڙي طرح حاصل ڪري ٿو سگھي؟ فرمايائين ته ”جو شخص ڏھ روپيا، ڪمائي ان مان ٻه روپيا ٿو بچائي ته ھو خوش گذاريندو. پر جي ڏھ ھزار ڪمائي، يارھن ھزار خرچيندو ته ھميشہ حيران ۽ پريشان گذاريندو.“ بھرحال خوش گذارڻ انھن انسانن کان سِکي ٿو سگھجي، جيڪي نفس تي ضابطو رکي سگھن ٿا.