• ڪفايت شعاريءَ سان گڏ سليقه شعاري
جي موجوده حالتن ۽ مشڪلاتن جي مدنظر خيال ڪري ڏسبو ته ھر طرف جيڏانھن ڪيڏانھن ”تخفيف تخفيف“ جي پڪار آھي. ”پيدائشون ڪينھن“ واپار گھٽجي ويا آھن، زمين ڪجھ نٿي اُپائي. اُھي پيا آواز ٻُڌڻ ۾ اچن. ازان سواءِ پگھارون گھٽبيون ٿيون رھن، اھو آواز به عام آھي. انھن سببن ڪري گھرو ڪَمن جا انتظام به محفوظ نه آھن ۽ محفوظ رھي به نه سگھندا. تڏھن اتي به ڪفايت شعاريءَ جي ضرورت آھي. پر ظاھر ته گھرن جي خرچن ۾ تخفيف ڪرڻ بلڪل مشڪل ٿي نظر اچي. پر جيڪڏھن تخفيف به ڪجي ٿي ته جاءِ جي مسواڙ، کاڌي ڪپڙي ۽ آرائش جي ڪمن ۾. مگر ننڍيون ننڍيون ڳالھيون اھڙيون آھن جو انھن ڏي ڪوئي به توجھ نٿو ڪري ۽ خرچ جو سلسلو ساڳيو ئي جاري آھي. جيڪڏھن سليقه شعاريءَ کان ڪم ورتو وڃي ته انھن ننڍين ننڍين ڳالھين مان خرچ بچائي ڪافي رقم گڏ ڪري سگھجي ٿي.
1 – گھرن ۾ ھميشہ ائين ٿيندو رھي ٿو ۽ عام طرح ڏِسبو به آھي ته شيشي جو گلاس ٻئي گلاس ۾ اوچتو پئجي ويندو آھي ۽ اھڙو ته ڦھڪي ويندو آھي، جو نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. جيڪڏھن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪبي آھي ته ڀڄندا ٻئي گلاس آھن نه ته به ھڪ جو آسرو لاھڻو پوندو آھي. اھڙي طرح بار بار ٻين گلاسن خريد ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي آھي. اھڙي حالت ۾ جيڪڏھن سليقي کان ڪم وٺبو ته گلاس مان ٻيو گلاس آسانيءَ سان نڪري پوندو. انجو طريقو اھو آھي جو مٿئين گلاس ۾ ٿڌو پاڻي وجھي ڇڏجي ۽ ھيٺئين گلاس جو ترو گرم پاڻيءَ ۾ وجھجي. ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي گلاس جدا ٿي ويندا.
2 – بوٽن جي پالش ته ھر گھر ۾ ٿيندي رھي ٿي. گھڻو وقت ائين ڏٺو ويو آھي ته پالش جي دٻي کولي ڪم لاھي، پوءِ بند ڪئي ويندي آھي ته اھڙي دٻجي ويندي آھي جو وري کولڻ مشڪل ٿي پوندي آھي. پوءِ مجبوراً اھا ڀڃڻي پوندي آھي. ڀڳي کان بعد وري پالش سُڪي ويندي آھي ۽ لاچار ٻي وٺڻي پوندي آھي. تنھن ڪري انھيءَ اجائي خرچ کان بچڻ لاءِ ھيٺيون آسان طريقو ڪتب آڻجي. سو ھيءُ آھي ته جڏھن جڏھن پالش واري دٻي کولجي ۽ ڪم لاھڻ بعد وري بند ڪجي ان وقت ٻنھي پُڙن جي وچ ۾ ڪپڙي يا ڪاغذ جو ٽُڪرو وجھي ڇڏجي. جڏھن کولڻ جي ضرورت پوي تڏھن ان کي ٿوري ڇِڪ ڏجي ته ڍڪ اُمالڪ لھي پوندو.
3 – ڏِسبو ته ڪتابن جا جلد خراب پيا ٿيندا آھن ۽ بار بار مرمت پيئي ڪرائبي آھي. ان لاءِ ھيٺين تجويز ڪارگر آھي جو جُلد ڪاري چمڙي جا ٻَڌائي ڇڏجن. جڏھن ميرا ٿين تڏھن ٻه چمچا ڪاري مس جا کڻي ان ۾ ھڪ چمچو تيل جو گڏي چمچي سان خوب ملائي، پوءِ اسپنج جي ٽُڪر سان اھو مرڪب ڪتاب جي جُلد تي ڦيرائي سُڪڻو رکجي. سڪڻ بعد ڪپڙي سان خوب رڳڙي صاف ڪجي ته اھو چمڙو نئون پيو نظر ايندو.
4 – اڪثر ڪري ماڻھو جاين جي ڀِتين ۾ وڏا ڪاغذ ھڻي ڇڏيندا آھن. ڪي سونھن سبب ته ڪي ڪپڙن ٽنگڻ وارين ڪِلين جي ھيٺان ھڻندا آھن ۽ پوءِ ٿورن داغن ٿيڻ سبب وري پيا ٻيا ڪاغذ خريد ڪري ڀِت تي ھڻدا آھن. ان خرچ کان بچڻ لاءِ وري ڇا ڪجي جو نشاستي جو سفوف داغن تي ملي ٿوري دير ڇڏجي ۽ پوءِ ان ڪاغذ تي ھلڪو برش گھمائجي ته نشاستي سان گڏ داغ ڌٻا به دور ٿي ويندا ۽ پوءِ اھو ساڳيو ڪاغذ ڪيترو عرصو ڪم ايندو رھندو.
5 – اھڙي طرح ٻارن جي لاءِ پتلونون ۽ پاجاما وغيره فلالين مان ٺھرائبا آھن جي گوڏن وٽان جلد ڦاٽي پوندا آھن ۽ ان سبب ڪري اھي ڪپڙا زياده تعداد ۾ ٺھرائڻا پوندا آھن. پر جيڪڏھن انھن ڪپڙن کي گوڏن وٽان اندران ڪالڪي يا ٻئي ڪپڙي جو چَتيون ھڻائي ڇڏجن ته ان ھنڌ ٻئي ڪپڙي ھجڻ ڪري ڦاٽڻ جو امڪان گھٽ ٿيندو.
شائسته گھراڻن ۾ باھ ۾ سڙڻ جي حادثي جي روڪڻ لاءِ فائر پروف برتنن جو رواج وڌندو ٿو وڃي. ڇو ته اھو ٿانءُ باھ ۾ جلي نه ويندو آھي ۽ انھن کي قدرتي طور پسند به ڪيو وڃي ٿو. اھو رواج اسان جي سنڌ ملڪ ۾ عام جام جاري ڪونھي. ليڪن اھڙن برتنن (ٿانون) ۾ ھڪ خرابي اھا آھي جو انھن ۾ داغ جلد ٿي پوندا آھن ۽ ٿانوَ بلڪل بڇڙا نظر ايندا آھن. خرابيءَ کي دور ڪرڻ جو سولو طريقو اُھو آھي جو ڪپڙو آلو ڪري ان ۾ پيٺل لوڻ ڇڻڪائي ڇڏجي. ان حالت ۾ ٿانءُ ٽانڊن تي رکي گرم ڪجي. جڏھن گرم ٿي وڃي تڏھن لوڻ وارو آلو ڪپڙو داغن تي خوب مھٽجي ته ٿانءُ بلڪل صاف ٿي ويندو.
جيڪڏھن سليقه شعار عورت گھُري ته پراڻن جورابن مان به ڪم ڪڍي ٿي سگھي. پھريون انھن کي کولي انھن جا ڌاڳا ڪڍي ڪنھن نه ڪنھن ڪم لائي ٿي سگھي. ٻيو ان مان اھو ڪم به ڪڍي ٿي سگھي، جو گھڻا جوراب گڏ ڪري ان مان اھڙي ڳوٿري بڻائي ٿي سگھي، جو ان ۾ ٻاھر پيل بوٽ جي پيا خراب ٿين سي بند ڪري ڪِليءَ ۾ ٽَنگي ٿي سگھي ۽ وقت تي ڪم آڻي ٿي سگھي. اھي بوٽ ٻاھر پيل بوٽن کان وڌيڪ محفوظ رھي سگھن ٿا ۽ جلد خراب به نه ٿي ويندا، ڇو ته مٽيءَ جي بار بار لَٽجڻ کان قيمتي بوٽ بلڪل بچي پوندا. گھميل آبھوا واري موقعي ۾ اڪثر ڪري پيٺل لوڻ نمڪ دانن ۾ ڳنڍا ڳوڙھا ٿي پوندو آھي ۽ نه نڪرڻ سبب وري ٻيو لوڻ پيھين وجھڻو پوندو آھي. اھڙي موسم ۾ بار بار لوڻ پيھين وجھڻ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ ھيٺيون سولو طريقو اختيار ڪجي، جو نمڪ دانيءَ ۾ بلاٽنگ پيپر وجھي ڇڏجي ڇو ته آلاڻ لوڻ تائين پھچڻ نه ڏيندو ۽ چوسي وٺندو، لوڻ ڳنڍا ڳوڙھا نه ٿيندو. ٻيو طريقو ھيءُ به آھي جو نمڪ دانيءَ ۾ ڪجھ چانور وجھي ڇڏجن ته به لوڻ محفوظ رھي سگھندو. شيشي جي بوتلن، گلاسن يا برنين وغيره ۾ اڪثر ڪري شگاف پئجي ويندا آھن. انھيءَ سبب ڪري بيڪار سمجھي ڦِٽا ڪبا آھن. پر جيڪڏھن ھيٺيون طريقو ڪتب آڻبو ته وري نئين سر ھو گھڻو ڪم ڏئي سگھندا. ھيئن ڪجي جو دوا فروش وٽان واٽر گلاس جي ھڪ دٻي خريد ڪري رکجي. جڏھن شيشي جو ڪو ٿانءُ ٽُٽي پوي ۽ چير پوڻ يا ڪرڻ ڪري بيڪار ٿي پوي ته پوءِ ھن کي گرم ڪري مٿان ٻوچ سان کيس بند ڪجي.
ان بعد برش سان ٿورو واٽر گلاس انھن چيرن يا شگافن تي لائجي. ان بعد اُس تي رکجي ته سُڪي وڃي. پوءِ اھا ساڳي شيشي واري چيز جا بيڪار ٿي ويئي ھئي، ان ۾ پاڻيءَ جھڙين پترين چيزن کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھ وجھي سگھبو ۽ وري نئين سر ڪتب اچي سگھندي.
مٿيون ڳالھيون ظاھر ڪري تمام خسيس ڳالھيون نظر اچن ٿيون، مگر ٿيڻ ڪري حقيقي ڪفايت شعاري نصيب ٿيندي ۽ خرچ ۾ به تخفيف نظر ايندي. جيڪڏھن خيال ڪبو ته ان کان وڌيڪ ٻيون به گھڻيون ڳالھيون آھن جي ”امور خانه داري“ ۾ مدد ڏينديون. حال في الحال فقط ”يکه مشت نمونه خروار“ ٿورا مثال ڏيئي ڏيکاريو ويو آھي ۽ مٿين مثالن تي اڪتفا ڪئي ٿي وڃي مگر فرصت ملي ته وڌيڪ مثال ”امور خانه داري“ ۾ ڏبا جو علحده ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ ايندو.