ڪھاڻيون

فُٽ پاٿ

ھي ڪتاب شفيع بِڪڪ جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آھي جنھن ۾ 17 ڪھاڻيون شامل آھن. ضراب حيدر لکي ٿو:”شفيع بڪڪ جون رنگ رتول ڪھاڻيون ڪڏھن ھالاري رنگ جھڙيون سرخ ۽ ساديون آھن تہ ڪڏھن بَھاري رُت جھڙيون تازيون آھن، أسلوب ۽ ڏانءَ ۾ بنھ معصوم محسوس ٿيندڙ ڪھاڻيون ڪٿي شرارت واري رمز ۾ تہ ڪٿي وري ڳنڀيرتا جي سَنگ ۾ جُڙيل لڳن ٿيون.  سندس ڪھاڻين جا سمورا موضوع نج ۽ سچا آھن، جيڪي ڪنھن بہ ريت ھٿرادو طرح نہ آندا ويا آھن نہ ئي مڙھيا ويا آھن، اِھائي ھڪ سادي ڪھاڻيءَ جي تشريح آھي جيڪا لکڻ ۾ شفيع بڪڪ ڪامياب ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شفيع بڪڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book فُٽ پاٿ

اداري پاران

زندگيءَ ۾ روز پيش ايندڙ حادثه، واقعه، ميلاپ ۽ وِڇوڙا، سڀ ڪھاڻيون ئي آهن. ۽ اهڙن ئي حادثن، واقعن، ميلاپ ۽ وِڇوڙن کي شفيع بڪڪ پنھنجي فن ذريعي ڪھاڻين جو روپ ڏئي پڙهندڙن اڳيان ”فُٽ پاٿ“ جي روپ ۾ پيش ڪيون آهن.
”فُٽ پاٿ“ ۾ ڪُل سترهن ڪھاڻيون شامل آهن، ٽائٽل ڪھاڻي’فُٽ پاٿ‘ ۾ وبا جي وارتا بيان ڪئي وئي آهي، ايئن ئي: (ڪهاڻي جو پلاٽ، موٽر بائيڪ، پينون، آسودي، ڀروسو، مڏهاڙ، اُٿل، مٺي، ڍڳيون، رڪشو، راشن جو ٿيلهو، ٽِپِ (Tip)، پرفيوم، نيو ييئر، نائٽ، آليون اکيون، ساٿ)، ۾ ڪو نه ڪو حادثو يا واقعو بيان ڪيل آهي.
شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو ڪِتاب ”فُٽ پاٿ“ ادب کيتر ۾ ڪيتري جڳهه ٺاهي ٿو، اِهو اوهان پڙهندڙن تي منحصر آهي، اوهان جي راءِ جو ساحل پبليڪيشن کي انتظار رهندو ته شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو هي مجموعو ”فُٽ پاٿ“ اوهان کي ڪيئن لڳو.
اسين پُراميد آهيون ته شفيع بڪڪ جي ڪھاڻين جو هي ٻيو مجموعو ”فٽ پاٿ“ ادب کيتر ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهيندو.

اوهان جو پنھنجو
مور ساگر
03332634650