ڪهاڻي جو پلاٽ
هن جا پگهار جي پڇاڙيءَ وارا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا گذرندا هئا. هي ستين گريڊ واري هڪ سرڪاري نوڪري ڪندو هو، سندس پگهار مهيني جي آخري ڏينهن ۾ اڪثر ختم ٿي ويندي هئي. هي هڪ حساس مزاج رکندڙ شخص هو، هي پنهنجي حساسيت سبب معاشري جي گهڻائي سان رلي ملي نه سگهيو. هن جا گهڻائي سبب هئا. هڪ ته معاشري جي ماڻهن جي گهڻائي گهڻين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ انهن کي نظرانداز ڪندي هئي.
وريام جو جن به ماڻهن سان تعلق رهيو، انهن جي اها ئي طرز زندگي هئي. هي پنهنجي مزاج سبب اڪثر پريشان ۽ اڪيلو رهندو هو. هن جا مٽ مائٽ پاڙيسري ۽ هن جي آفيس جا ماڻهو کيس اڪثر نظر انداز ڪندا هئا. ماڻهن کي سواءِ پنهنجي مطلب جي ٻي ڪا ڳالهه نه وڻندي هئي.
خودغرضي سوسائٽي ۾ وڌي وڻ ٿي وئي هئي. معاشري جا گهڻا ماڻهو پنهنجي انهيءَ طرز زندگيءَ کي خراب ڄاڻيندي به انهيءَ ۾ اطمينان واري حياتي گذاري رهيا هئا.
وريام پنهنجي اندر ئي اندر ڦتڪندو ۽ لڇندو رهندو هو. ساڻس ماڻهن جي روين سبب ڏک سندس پلئه پيا هئا.
زندگيءَ جي سفر ۾ ساڻس ڪم ڪندڙ ٻيا ماڻهو کائنس اڳتي نڪري ويا، پر وريام اتي جو اتي رهيو.
سندس خيالن، سوچن، احساسن کيس اڪيلو ته ڪري ڇڏيو هو پر هي ڪنهن به صورت ۾ سوسائٽيءَ جي ماڻهن جي ڪوڙي، هٿرادو زندگيءَ کان هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو.
هي پنهنجي ڏکن، ڏولاون جو بار لاهڻ لا ءِ پاڻ جهڙي ڪنهن احساس رکندڙ شخص سان ملي، پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو هو.
هڪ ڏينهن هي اهڙي شخص سان اچي مليو هو، جيڪو سٺو صحافي ۽ انسان دوست هو، پر هو به وريام وانگر پنهنجي حساس مزاج ڪري معاشي ترقي ڪري نه سگهيو پر هڪ مطمئن زندگي گذاري رهيو هو.
ان شخص وريام سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ هن جي طبيعت جي حساسيت سبب سندس ذهن مٿان ڇانيل ٻوجهه کي محسوس ڪندي کيس لکڻ جي صلاح ڏني.
هو پاڻ هڪ مئگزين جو ايڊيٽر هو، وريام کي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيندي پنهنجي آفيس اچڻ جي دعوت ڏني. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وريام هن جي آفيس وڃي پهتو ۽ پنهنجي لکڻ جي شروعات هڪ ڪهاڻي سان ڪيائين ۽ لکندي لکندي وريام اڳتي هلي، هڪ ڪهاڻيڪار جي طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي ورتي. وريام پنهنجي ڪهاڻين جا پلاٽ سوسائٽي مان ڳولهيندو وتندو هو.
هر آچر تي پنهنجي لکيل ڪا ڪهاڻي پڙهي دوستن کي ٻڌائي اصلاح ڪري وٺندو هو. دوستن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ ۽ ان تي ويچار ونڊڻ هن جو شوق ۽ جنون هو.
وريام ڪاغذن وارو بيگ کڻي ٻاهر نڪتو پر اڄ مهيني جي 28 تاريخ هئي تنهن ڪري هن جا کيسا خالي هئا. گهران ٻاهر نڪرڻ مهل کيس اهو پتو هو ته سندس کيسي ۾ پئسا ناهن، پر پنهنجي شوق ۽ جنون لاءِ مارڪيٽ ڏانهن پيرين پنڌ نڪري پيو. هن جي گهر کان مارڪيٽ ٻن ڪلاڪن جي ٻنڌ تي هئي پر هي اهو سارو پنڌ لتاڙيندو جڏهن ٽي حصا ڪڍي ويو ته هن جي پيرن ۽ لڱن ۾ سور ٿيڻ لڳو، هڪ جاءِ تي وڻ ڏسي تنهن هيٺيان ويهي رهيو. ڳچ دير ڪهاڻي جو پلاٽ سوچيندو رهيو ته ذهن مٿان ڪو پلاٽ تري اچي، ته مان ڪهاڻي لکي وٺان پر ٿڪاوٽ سبب کيس ذهن تي ڪا ڪهاڻي لهي نه آئي. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ اٿي هلڻ لڳو ۽ اچي ڪتابن جي بازار پهتو. اڄ ڪتابن کي صرف سرسري ڏسندو پئي ويو. بازار ۾ پنهنجي اديب دوستن کي ڳولهيندو رهيو پر اتي کيس ڪو به نظر نه آيو. دوستن جو ٿاڪ چانهه جي هوٽل کيس ساريل هئي، جتي اچي پهتو. هوٽل تي هن جو هڪ اديب دوست اڳ ۾ ويٺل هو. هي سلام ڪري اتي ساڻن گڏ ويٺو. جنهن سان گڏ هڪ ٻيو به همراهه ويٺل هو، هن جي دوست ويٺل همراهه سان سندس تعارف ڪرايو.
ڪجهه دير ويهڻ کان پوءِ وريام جي پيرن ۽ ٽنگن جا سور ڪجهه گهٽ ٿيا ۽ ٻه گلاس پاڻيءَ جا پي پنڌ جو ٿڪ لاٿائين. هن جي دوست چانهه جو آرڊر ڏنو، ايتري ۾ ٻه ٻيا اديب اچي پهتا ۽ ڪچهري مچي پئي وريام جا ٿڪ به لهي پيا. ڪلاڪ ڪچهري هلي. وريام پنهنجي ڪهاڻي پڙهي کين ٻڌائي، ڪجهه دوستن تعريف ڪئي ۽ ڪجهه دوستن تنقيدي رايا ڏنا. وريام ڪهاڻي دوستن کي ٻڌائي پنهنجي ذهني تسڪين پوري ڪئي. ڪجهه دير کان پوءِ سڀئي دوست هوٽل مان اٿيا، وريام پنهنجي دوست کي چوڻ لڳو مون وٽ ڪرايو ناهي، تنهن ڪري ڪرائي جا ڪجهه پئسا مون کي ڏيو. سندس ڪهاڻيڪار دوست کيسي ۾ هٿ وجهي پنجاهه رپيا ڪڍي کيس ڏنا. وريام اچي بس ۾ چڙهيو، پر کيس اڃان ڪهاڻي لاءِ ڪو پلاٽ نه مليو هو.
هي بس جو سفر پورو ڪري گهر پهتو، ته هن جي ٻارڙن اچي کيس ورايو:
”بابا... بابا... خرچي ڏئي پر اڄ مهيني جي 28 تاريخ هئي، جنهن جي سندس معصوم پنجن ۽ ڇهن سالن جي پٽ ۽ نياڻي کي خبر نه هئي.“
ٻارن جي ضد کان تنگ ٿي ڪمري ۾ اچي دروازو بند ڪري سمهي پيو. سج لهي رات ٿي چڪي هئي،ٻارڙن جي ماءُ ٻارن کي کچڙي ۽ پٽاٽا ٺاهي ڏنا. ٻار ڪجهه دير کان پوءِ سمهي پيا.
معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن کان ڪٽيل وريام جو ڪو اهڙو مِٽُ ۽ مائٽ يا دوست به کيس نه پئي سجهيو، ته جنهن کان رقم اوڌر وٺي ڪجهه ڏينهن ڪڍي وٺي ها.
سندس گهر واري بک کان بيزار ٿي پنهنجي مائٽن جي گهر وڃي پهتي، جن جو سندن گهر جي ڀرسان گهر هو. وريام ڪهاڻيءَ ڳوليندي پاڻ ڪهاڻي بڻجي ويو سڄي رات پنهنجي ڪهاڻي لکندي هن جي اکين مان لڙڪ ڪري سندس لکيل اکرن جي سياهي کي ڊاهي رهيا هئا. رات جي آخري پهر قلم سندس هٿن مان ڪري پيس ۽ پاڻ پاسي ۾ پيل وهاڻي تي ڪنڌ لاڙي سدائين لاءِ اگهور ننڊ ۾ هليو ويو.
*