ساٿ
حاجران ۽ سڪينه ننڍي هوندي جون ساهيڙيون هيون. ٻئي گڏ کيڏي مال چاري، وڏيون ٿيون.
ٻنهي ساهيڙين جو هڪ ٻئي ۾ ساهه هو. سندن ڳوٺ ۾ مورڳو ڪي ست، اٺ گهر هئا ۽ نه وري هنن جي ڪنهن ڏانهن اچڻي وڃڻي هئي. ڳوٺ جا اهي ست، اٺ گهر هڪ ٻئي جا مائٽ هئا، تنهن ڪري حاجران ۽ سڪينه پاڻ ۾ ساهيڙيون هئڻ سان گڏ مائٽاڻيون به هيون. پر سندن دوستيءَ وارو رشتو گهڻو مضبوط هو.
ٻئي هڪ ٻئي سان جهنگ ۾ مال چارڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، يا وري پاڻي ڀرڻ مهل، هڪ هنڌ ويهي ڪجهه دير ڪچهري ڪري وٺنديون هيون. ٻنهي اچي جواني واري ڏاڪي تي پير رکيو هو. سندن گهرن ۾ ٿيندڙ وڏڙن جون سڱن واريون ڳالهيون ٻڌي اچي هڪ ٻئي سان ڪنديون هيون.
هڪ ڏينهن حاجران سڪينه کي اچي ٻڌايو ته بابا منهنجو سڱ چاچا جي پٽ کي ڏئي ڇڏيو آهي. چاچا وارا جمعي ڏينهن اسان جي گهر مڱڻو ڪرڻ اچن پيا.
اها ڳالهه ٻڌي سڪينه ڏاڍي خوش ٿي ۽ حاجران کي مبارڪون ڏيڻ لڳي. چار ڏينهن کان پوءِ جمعي ڏينهن حاجران جي چاچا وارا پنهنجي پٽ مڱٿر جو مڱڻو حاجران سان ڪرڻ اچي پهتا. سڪينه ۽ حاجران هڪ ٻئي سان مذاق ڪري ٽهڪ ڏئي ڪچهريون ڪري رهيون هيون. سڪينه حاجران جي شادي جا سهرا چئي کيس ستائي رهي هئي.
مڱڻيءَ جي سال گذرڻ بعد حاجران جو چاچا پٽ مڱٿر جي شادي جي تاريخ ٻڌڻ اچي سندن گهر پهتو. چنڊ جي پندرهين تاريخ ٻڌي وئي.
ڪجهه سالن کان هنن جي ڏيهه ۾ مينهن نه وسيو هو پر حاجران جي والد پنهنجي ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي شادي جي تاريخ تي ها ڪئي هئي. حاجران جي والد ڌيءَ جي شادي جي زالاڻي تياري لاءِ گهڻو پريشان هو. ڪپڙن جي سيتي لاءِ وٽن ڌاڳو نه هئڻ ڪري ويهاڻن جون ڇَهوُن، رلهيون، ۽ ڪجهه ڪپڙا تيار نه ٿي سگهيا هئا.
اهي سڀئي زالاڻيون، مرداڻيون ذميواريون حاجران جي پيءُ مٿان هيون. کيس ساٿ جي واپسي تي اهي سڀ سامان خريد ڪرڻا هئا.
ڏيهه ۾ ڏڪار هئڻ سبب مال مري چڪو هو، مال جي ڪا به پهر نه بتي هئي جو ان کي کپائي ڌيءَ جي شاديءَ جو هٽاڙو ڪري سگهي.
وٽس چئن اٺن جي لڏ جيتريون ڪاٺيون ۽ ڇهن اٺن جي لڏ جيترا ڪک ۽ چئن اٺن جي لڏ جيترا ڪوئلا هئا. اٺن جي لڏ کپائي کيس ڌيءَ جي شاديءَ جو هٽاڙو ڪرڻو هو.
ڏڪار سبب ڏيهه جا گراٽا، ٽوبا، تراهه، سڪي ويا. پاڻيءَ جي پُرٻ به نه بچي هئي. پاڻي پيئڻ لاءِ گراٽن ۽ ٽوبن ڀرسان کونئري ڪڻي تنهن مان پيئڻ لاءِ ڀريندا هئا.
شاديءَ جي تاريخ کان پندرهن ڏينهن اڳ حاجران جو پيءُ ميرل اٺ لڏي شهر لاءِ نڪري پيو ته حاجران جي ساهيڙي سڪينه اچي وٽس پهتي ۽ چوڻ لڳي:
”چاچا ! منهنجي لاءِ شهر مان چوڙيون، مهندي، ڪجهه سڳا،چوٽيون، ڦڻيون، تيل ۽ سوپاريون وٺي ايندا.“
حاجران جو پيءُ ڌيءَ سڪينه جي مٿي تي هٿ رکي، کيس دعا ڏيندي چوڻ لڳو:
”امان ڌڻي سکياڻي ڪندئي، مان ساٿ موٽڻ تي اهي سڀ شيون وٺيو ايندس.“
ساٿ کي شهر پهچندي رستي ۾ چار ڏينهن لڳا. ميرل شهر پهچڻ بعد ڪاٺيون ۽ ڪک کپائي اچي ليمارڪيٽ ۾ ڌيءَ جي هٽاڙي جو سامان خريد ڪرڻ لڳو. سامان خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه پئسا وري موٽي ايندڙ ساٿ تي ڏيڻ جو واعدو ڪري بازار مان نڪتو. هر ڀيري ساٿ اچڻ تي سڄو سودو هن ئي بازار مان خريد ڪندو هو. تنهن ڪري ساڻس دڪاندار رعايت ڪئي.
ساٿ اچڻ جا ڏينهن ويجها ايندي ئي سڪينه، حاجران کي سهرا ڳائي ستائي رهي هئي. سندن خوشيءَ جو سڄو سامان انهيءَ ساٿ سان سلهاڙيل هو. حاجران جي امڙ ۽ سندس ڀينرن، ڀائرن جون اکيون واٽ تي کتل هيون. حاجران کي پنهنجي ڏيج جا پُچ ۽ رهيل وهاڻا سبڻا هئا.
سڪينه کي سندس ساهيڙيءَ جي شاديءَ ۾ کيس تحفو ڏيڻ لاءِ وهاڻا، رلهيون، ۽ گج تيار ڪرڻو هو. جنهن جون کٽل ٽڪون اچڻ تي انهن کي لڳائڻو هو.
شاديءَ کان وڌيڪ ساٿ جي اچڻ جو انتظار هو. ڇو ته هن ڏڪار سٽيل ڏيهه ۾ پاڻي به نه بچيو هو. شاديءَ جو ڪاڄ ته وري پري جي ڳالهه آهي. تنهن ڪري شاديءَ کان وڌ ساٿ جو انتظار هئن. جنهن جي اچڻ کان پوءِ سندن سڀ خوشيون شروع ٿيڻيون هيون.
صبح جو نائين وڳي جو وقت هو، سڀئي ڳوٺ جا ٻارڙا گهرن جي اڱڻن تي کيڏي رهيا هئا، سڪينه پنهنجي گهر جي اڱڻ تي ٻهاري ڏئي رهي هئي، حاجران گهر جا ٿانوَ رڌڻي ڀرسان ڌوئي رهي هئي. ساٿ جي اٺن کي ٻڌل ڊگرن جا آواز سڀني ڳوٺ وارن جي ڪنن تي پيا، آواز ٻڌڻ ساڻ سڪينه ۽ حاجران ٿانون ۽ ٻهاريءَ مان هٿ ڪڍي اچي اڱڻ تي بيٺيون.
ٻارڙا ساٿ ڏسي نچڻ ٽپڻ لڳا، سڪينه خوشيءَ مان ڳيچ جهونگارڻ لڳي، حاجران جي سڀني گهر ڀاتين جي چهرن تي رونق اچي وئي.
اٺن جي گهر جي اڱڻ تي پهچڻ سان ڪتاريل اٺن ۾ اڳين اٺ تي ويٺل حاجران جو پيءُ اٺن جي اجهڻ ساڻ سڌو اچي پٽ تي ڪريو ڌيءَ جي ڏيج لاءِ آندل سامان چوڙيون، مهندي، چوٽيون ۽ سڳا سڀ پٽ تي وکري ويا. حاجران رڙ ڪري اچي پيءُ وٽ پهتي. ميرل جي ساهه وارو پکي الائي ڪهڙي مهل اڏامي ويو هو.
*