راشن جو ٿيلهو
ماڻھون خوف کان گهرن ۾ قيد ٿيا ويٺا هئا، روڊن تي پوليس جون چيڪ پوسٽون لڳل هيون گاڏين ۾ ٽن کان وڌ ماڻھن جي ويهڻ تي پابندي هئي.
چونڪن تي ڪبوتر بک ۽ اڃ مان تڙپي رهيا هئا ، جن اڳيان اڳ ٻاجهر ۽ پاڻي جا ڪونڊا ڀريل رکيا هوندا هئا ،اڄ اهي ٻاجهر جي هڪ هڪ داڻي لاء ترسي رهيا هئا٠ ڪانو، سرڻيون اڳ ڪاساين جي ڪٺل ڍڳين ۽ ڪڪڙين جي ڇيڇڙن ۽ آنڊن کي کائي ڍھ ڪرڻ بعد اڏرندي ڪنهن ماڻھون يا گاڏي مٿان ڪيرائيندا ويندا هئا ،اهي اڄ بک وچان وڻن ۽ عمارتن جي ڪنڊن کائنچن ۾ خاموش ويٺل هئا.
هنن کي لاڪ ڊائون بعد بک کان مري ويل سندن ئي ساٿي پکين ،جو گوشت کائڻ لاء ملي پيو جيڪو هنن جي نڙين تان هيٺ ڪنهن زهر جي ڪڙي گوري جيان نه پيو ڇڻين.
پکين کي بک ۽ اُڃ سبب مرندي ڏسي چونڪن تي بيٺل سپاهي ڪبوترن جي ڪونڊن ۾ پاڻي ۽ پنهنجي ماني مان ڪجهه حصو بچائي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪونڊن ۾ وجهڻ لڳا٠
خالي روڊن تي تيز هوائون زونڪاٽ پيون ڪن
مهيني جي پهرين تاريخ اچڻ بعد پگهارون وٺڻ وارن جي بينڪن اڳيان رش نظر اچڻ لڳي ۽ شھر جي فٽ پاٿن تي ڪجهه مزدور بيلچن، ڪوڏارين ساڻ اچي ويٺا هئا.
وبا جو خوف ۽ غريبن ۾ بک شھر جي چئني پاسي پکڙجي چڪي هئي ، شھر جي ڪجهه امير ماڻھن پنهنجين تجورين جا منهن غريبن لاءِ کولي ڇڏيا هئا.
فٽ پاٿن تي ويٺل مزدورن ۾ سرڪاري ۽ ڪجهه فلاحي ادارن جا ماڻھون راشن جا ٿيلا ورهائي رهيا هئا.
انهيءَ شھر جي هڪ رهواسڻ چمبيلي پنهنجي مڙس ڀولا کي چوڻ لڳي:
”سڄي زندگي ڪوبه ڪم نه ڪيئي، مان ئي پنهنجو جسم کپائي تنهنجو ڀڀ ڀريندي رهيس، اڄ ته ٻاهر وڃين ڏس ماڻهون راشن ورهائيندا هوندا.“
”مونکي ڪهڙي خبر ڪهڙو ماڻھون ٿو راشن ورهائي.“
”هن وبا ڪري منهنجا سڄاڻڻ وارا مونکان پري ڀڄي ويا آھن نه ته توکي علاض ڪون ڪيان ها ٠٠٠٠٠٠٠٠ “
ٻئي ڏينهن پنپهرن جو هوءَ گهران نڪري پنهنجي دوست نوشي جي گهر اچي پهتي. نوشي جو گهر هن جي گهر کان گهڻون پري نه هو ، هڪ گهٽي ڇڏي ٻئي گهٽي جي موڙ تي ئي هو. هوءَ نوشي وٽ پهچڻ بعد ساڻس حال احوال ڪندي پنهنجي گهر جي سڄي صورتحال کان کيس آگاھ ڪيو.
هوءَ چمبيلي جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد ساڻس پنهنجي گهر جو ڏک اوريندي کيس چوڻ لڳي:
”مون وارو مڙس جنهن سڄي حياتي منهنجي ڪمائي کاڌي اڄ جڏهن ماڻھون اسان کان پري ڀڄي رهيا آھن ، هن وقت به هي ڪٿان راشن وٺي اچڻ جهڙو ناهي ، سڄو ڏينهن پيو پلنگ تي پاسا ورائي، مهيني جو ٻڌل کير وارو روز کير ڏيو وڃي ڊبل روٽي وارو صبح روٽي ڏيو وڃي، هن مهيني جي بجلي ۽ گئس جو جو بل به ناهي ڀرايو ،مسواڙ وارو مسواڙ گهرڻ آيو هو ،گهر جي راشن جا سڀئي ڌٻا خالي پيا آھن.“
چمبيلي نوشي جي ڳالھه ٻڌڻ بعد کيس وڌيڪ ڪجھه چوڻ بنا کائنس موڪلائي سندن گهران نڪري پئي. هيءَ نوشي جي گهران ٿي پنهنجي گهر جي در تي پهتي، چمبيلي اٺاويهن سالن جي خوبصورت ، قداور ، ڳوري، سندس سنهي چاٻڪ جهڙي چيل هئي٠ ٽپهري جو وقت هو، سخت گرمي هئڻ سبب پگهر سندس ڀورڙن وارن جي چڳن مان ٽمندو هن جي سنهڙي ڊگهي ڳچي تان ھيٺ ڇڻندي ڇاتي مٿان پئي سندس چولي کي پسائي کيس پاتل بريزر سان چمبڙائي ڇڏيو.
چمبيلي جي در وڄائڻ جي آواز تي ڀولا جئين ئي در کوليو ته هوءَ پريشاني ۽ ڪاوڙ سبب گهر اندر داخل ٿيندي ئي ڀولا کي جيڪو کيس منهن مان اچي پيو، مڄو ، دلال چوندي ڪمري اندر پلنگ تي پنکو کولي وڃي ويهه ٿي.
هيءَ پلنگ تي ويهڻ بعد به ڳچ دير پنهنجي منهن ڳالهيندي رهي.
ڀولا جو کيس ڪو جواب نه ڏيڻ بعد ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ چمبيلي کيس چوڻ لڳي:
” گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ڇا کائينداسين.“
”نوشي کان ڪجهه وٺي اچين ها.“
”اهي به پاڻ وانگر پريشان هئا. “
شام ٻنهي صبح واري بچيل ڊبل روٽي چانهه سان کائي لاتي.
رات جو ٻئي لنگهڻ وڃي پنهجن بسترن حوالي ٿيا ،ڀولا ته بستري تي ليٽڻ ساڻ ننڍ پئجي ويو ،چمبيلي بستري تي ليٽي سوچيندي رهي ته منهنجا سڃاڻڻ وارا به وبا جي ڀوھ سبب منهنجو فون نه پيا کڻن نه ته اڳ سمھڻ ئي نه ڏيندا هئا ، فون مٿان فون پيا ڪندا هئا، هن جي اک سوچيندي سوچيندي لڳي وڃي ٿي.
رات دير سان چمبيلي وارن جي گهر جي در وڄڻ جو آواز ٿئي ٿو، در جي آواز تي چمبيلي جي اک ننڊ مان کلي پئي ٿي.
هيءَ اکيون مهٽيندي بستري تان اٿي اهو سوچيندي ته هن مهل منهنجو ئي ڪو سڃاڻڻ وارو هوندو، هي در جي ڪنڊي ڪڍي در کولي ڏسي ته ٻاهر ڪوئي به ناهي ، در تي ڪنهن کي نه ڏسي سندس دل لهي وڃي ٿي ، ڪجھه دير در تي بيھه ھيڏان ھوڏان ڏسندي اچانڪ سندس نظر در جي اوٽ ۾ رکيل راشن جي ٿيلهي تي پئي ٿي.
*