ڪھاڻيون

فُٽ پاٿ

ھي ڪتاب شفيع بِڪڪ جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آھي جنھن ۾ 17 ڪھاڻيون شامل آھن. ضراب حيدر لکي ٿو:”شفيع بڪڪ جون رنگ رتول ڪھاڻيون ڪڏھن ھالاري رنگ جھڙيون سرخ ۽ ساديون آھن تہ ڪڏھن بَھاري رُت جھڙيون تازيون آھن، أسلوب ۽ ڏانءَ ۾ بنھ معصوم محسوس ٿيندڙ ڪھاڻيون ڪٿي شرارت واري رمز ۾ تہ ڪٿي وري ڳنڀيرتا جي سَنگ ۾ جُڙيل لڳن ٿيون.  سندس ڪھاڻين جا سمورا موضوع نج ۽ سچا آھن، جيڪي ڪنھن بہ ريت ھٿرادو طرح نہ آندا ويا آھن نہ ئي مڙھيا ويا آھن، اِھائي ھڪ سادي ڪھاڻيءَ جي تشريح آھي جيڪا لکڻ ۾ شفيع بڪڪ ڪامياب ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شفيع بڪڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book فُٽ پاٿ

موٽر بائيڪ

صبح جا اٺ ٿيا هئا، ڊسمبر جو مهينو هئڻ سبب سج ائين پئي اڳتي وڌيو جو ماڻهو آفيس يا اسڪول ڪاليج يونيورسٽي وڃڻ جي تڙ تڪڙ ۾ هئا، هن شهر ۾ رهندڙ هڪ فيملي شڪيل صاحب هئي، هن فيملي ۾ چارفرد هئا، شڪيل صاحب هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو هو. هن جو پٽ ڪاشف ، بي، ڪام ۾ پڙهي رهيو هو ۽ هن جي ڌيءَ فضيله، ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽ هئي، شڪيل جي گهرواري ڪلثوم هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، هنن جي گهر ۾ صبح وقت ڀڄ، ڀڄان هوندي هئي ڪلثوم ساجهر اٿي نماز پڙهي پوءِ گهر ڀاتين لاءِ چانهه ۽ بيضا چلهي تي چاڙهي ڇڏيندي هئي، ۽ پوءِ اچي ٻارن کي ننڊ مان اٿاريندي هئي، ڪاشف ماءُ جي کيس اٿارڻ مهل ٻيو ڪنجهندو هو، اُٿان ٿو... اُٿان ٿو، پر اٿڻ ۾ سستي پيو ڪندو هو ماءُ جي ڪمري مان نڪرڻ بعد سوڙ مٿان ڪري سمهي پوندو هو.
فضيله ۽ هن جو پيءُ ڪلثوم جي هڪ سڏ سان اٿي ناڙي مان وهنجي ڏندڻ ڪري اچي ناشتي واري ٽيبل تي ويهي رهندا هئا، پر ڪاشف بستر مان اٿڻ جو نالو نه کڻندو هو، ڪلثوم پنهنجي مڙس کي هر وقت پٽ ڪاشف جي دانهن ڏيندي پئي چوندي هئي، سڄي رات ٿو موبائيل هلائي مان جيڏي مهل به ٿي ڏسان ته هن جي موبائيل جي روشني پئي ڪمري مان ايندي آهي.
اهو ڪٿان ساجهر اٿندو. فضيلا چوڻ لڳي:
”امان ڪاشف کي اٿارينس اڄ منهنجو پيپر آهي مون کي ساجهر يونيورسٽي پهچڻو آهي، بائيڪ تي ويندس ته جلدي پهچي ويندس.“
ڪلثوم: ”ها ڌيءَ اٿاريانس ٿي“
ڪلثوم ڪاشف جي روم ۾ داخل ٿي کيس مٿان پيل سوڙ هٽائي هن کي چوڻ لڳي:
”اٿ ڀيڻ جو پيپر آهي کيس يونيورسٽي ڇڏي اچ.“
ڪاشف ٻيهر سوڙ مٿان ڪري چوڻ لڳو:
؟امان مان نٿو وڃان چوينس پاڻ وڃي.“
ڪلثوم:
”صفا نڪمو آهين، ڀيڻ کي ڇڏي ايندين ته ڇا ٿيندوءِ، پيپر اٿس.“
ڪاشف:
”روز ته پئي ويندي آهي.“
ڪلثوم اچي ڌيءَ فضيله کي چوڻ لڳي:
”ڌيءَ هي نه اٿندو سڄي رات ٿو موبائيل هلائي پڻس به ڪجهه نٿو چويس هن جو سڪيلڌو پٽ آهي، انگل ٿو کڻي، جڏهن نه پڙهندو ڪنهن جهڙو نه رهندو پوءِ پڻس کي خبر پوندي.“
ڪلثوم:
”ڌيءَ تون ڀلي ڀاڙي واري گاڏي تي چڙهي وڃ هي وٺ ڪرائي جا پئسا.“
فضيله جلدي جلدي پنهنجي ڪٻٽ مان ڪتاب کڻي ماءُ کان ڀاڙي جا پئسا وٺي گهران نڪتي گهر جي ڏاڪڻ لهندي ڀاڙي تي هلندڙ موٽر بائيڪ واري ڪمپني کي فون ڪري کين سندن فليٽ جي مين گيٽ وٽ اچڻ لاءِ چيائين.
ڏهن منٽن بعد هڪ خوبصورت نوجوان ڀورڙي رنگ وارو 22 سالن جو لڳي رهيو هو. فضيله کائنس پنهنجي ڪال جي تصديق ڪرڻ بعد ساڻس بائيڪ تي ويٺي موٽر بائيڪ واري نوجوان کي فضيله چوڻ لڳي:
”منهنجو يونيورسٽي ۾ پيپر آهي، مون کي جلدي يونيورسٽي پهچڻو آهي، توهان تيز بائيڪ هلائي مون کي يونيورسٽي پهچائيندا.“
موٽر بائيڪ هلائيندڙ نوجوان چوڻ لڳو:
”بس اجهو ٿو توهان کي پهچايان.“
بائيڪ هلائيندڙ نوجوان بائيڪ کي تيز هلائڻ لڳو. بائيڪ تيز هلڻ ڪري جهاڪن سبب فضيله پنهنجي سيٽ تان جهٽڪو کائي بائيڪ هلائيندڙ نوجوان سان وڃي لڳي پئي.
فضيله جهاڪا کائڻ سبب موٽر بائيڪ واري کي چوڻ لڳي:
”ٿورو سنڀالي هلايو مان ڪرڻ لڳي هيس.“
بائيڪ وارو:
”مان سنڀالي هلائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو، پر رستي تي ايترا جهاڪا آهن جو توهان کي جهاڪا پيا اچن.“
اڌ ڪلاڪ ۾ موٽر بائيڪ واري فضيله کي اچي يونيورسٽي جي گيٽ تي ڇڏيو فضيلا موٽر بائيڪ تان لهڻ مهل پنهنجي خوبصورت مرڪ سان نوجوان کي ڏسندي کيس چوڻ لڳي:
”بائيڪ ڏاڍي تيز پيا هلايو.“
بائيڪ وارو:
”توهان ئي ته چيو دير ٿي وئي آهي تنهن ڪري پئي هلايم.“
فضيله:
”ها چڱو ٺيڪ آهي.“
فضيله کيس ڀاڙي جا پئسا ڏيئي تڪڙو تڪڙو يونيورسٽي اندر داخل ٿئي وئي.
ٻئي ڏينهن وري فضيله جي امڙ پٽ ڪاشف کي ننڊ مان اٿاريندي کيس چوڻ لڳي:
”ڀيڻ کي يونيورسٽي ڇڏي اچينس پيپر اٿس.“
ڪاشف:
”امان مان نٿو وڃان ڪالهه به ته وئي هئي، نه اڄ به ڀلي وڃي.“
ڪلثوم:
”تون ڪهڙي ڏينهن ڀيڻ جي ڪم ايندين پاڻ به الائي ڇا ٿو پڙهين، چوٿون سال اٿئي اڃان بي ڪام جو امتحان پاس ڪري ناهين سگهيو.“
فضيله ٻئي ڏينهن ساڳئي موٽر بائيڪ ڪمپني کي فون ڪري بائيڪ گهرائي ڏهن منٽن بعد اتفاقن ساڳيو نوجوان موٽر بائيڪ تي آيو هو، جيڪو ڪالهه کيس يونيورسٽي ڇڏي آيو هو فضيله جيئن موٽر بائيڪ تي ويٺي ته سندس رئو هيٺ لٽڪي پيو ته بائيڪ واري کيس رئو مٿي کڻڻ لاءِ چيو فضيله رئو مٿي ڪيو ۽ بائيڪ وارو بائيڪ هلائڻ لڳو.
فضيله:
”تيز هلو پيپر تي پهچڻو آهي.“
موٽر بائيڪ وارو:
”توهان ڪالهه چيو پئي ته جهاڪا ٿا اچن.“
فضيله:
”ها پر اڄ دير ٿي وئي آهي تيز هلو.“
موٽر بائيڪ وارو:
“نوجوان بائيڪ تيز هلائڻ لڳو مختلف هنڌن تي جهاڪا اچڻ سبب فضيله بائيڪ هلائيندڙ نوجوان جي هر هر پٺي ۾ اچي لڳي پئي.“
20 منٽن ۾ بائيڪ واري فضيله کي اچي يونيورسٽي جي گيٽ تي ڇڏيو فضيله اڄ بائيڪ واري نوجوان سان مرڪي کيس پرس مان پئسا ڪڍي ڏنا، پئسا وٺندي نوجوان چوڻ لڳو اڃان توهان جا ڪيترا پيپر باقي آهن.
فضيله:
”اڃان ست پيپر باقي آهن“
موٽر بائيڪ وارو:
”توهان منهنجو هي نمبر لکي وٺو جهڙي مهل توهان کي وڃڻو هوندو. مون کي ڪال ڪري وٺجو مان پهچي ويندس.“
فضيله بائيڪ واري نوجوان جو نمبر پنهنجي موبائيل ۾ لکي ورتو ۽ کائنس پڇڻ لڳي:
”توهان جو نالو ڇا آهي.“
بائيڪ وارو:
”منهنجو نالو فرحان آهي.“
فضيله سندس نمبر پنهنجي موبائيل ۾ سيو ڪري ورتو. ۽ مرڪي کيس ٿينڪس چئي يونيورسٽي اندر داخل ٿي وئي، هاڻي روز فضيله فون ڪري فرحان کي گهرائي ساڻس يونيورسٽي وڃڻ لڳي. فرحان خوبصورت پڙهيل لکيل نوجوان هو فضيله کي فرحان جو اخلاق ۽ سٻاجهڙائي وڻي وئي اتفاقن فرحان ۽ فضيله پاڻ ۾ سٺا دوست بڻجي ويا.
*