ڪھاڻيون

فُٽ پاٿ

ھي ڪتاب شفيع بِڪڪ جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آھي جنھن ۾ 17 ڪھاڻيون شامل آھن. ضراب حيدر لکي ٿو:”شفيع بڪڪ جون رنگ رتول ڪھاڻيون ڪڏھن ھالاري رنگ جھڙيون سرخ ۽ ساديون آھن تہ ڪڏھن بَھاري رُت جھڙيون تازيون آھن، أسلوب ۽ ڏانءَ ۾ بنھ معصوم محسوس ٿيندڙ ڪھاڻيون ڪٿي شرارت واري رمز ۾ تہ ڪٿي وري ڳنڀيرتا جي سَنگ ۾ جُڙيل لڳن ٿيون.  سندس ڪھاڻين جا سمورا موضوع نج ۽ سچا آھن، جيڪي ڪنھن بہ ريت ھٿرادو طرح نہ آندا ويا آھن نہ ئي مڙھيا ويا آھن، اِھائي ھڪ سادي ڪھاڻيءَ جي تشريح آھي جيڪا لکڻ ۾ شفيع بڪڪ ڪامياب ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 7
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شفيع بڪڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book فُٽ پاٿ

آليون اکيون

زندگي جو صفر ڪنهن گهڙيال جي ڪانٽن وانگر ڀڄ ڀڄان ۾ هو ، سکر بيراج ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ بَچُل جي ڏکن جا ڪيترائي قصا هئا ٠ هن کي مائٽن پنجويھه سالن جي وهي ۾ سندن پري جي هڪ مائٽ ميهار سان پرڻائي ڇڏيو ، بَچُل کي ٻه نياڻيون اولاد ٿيون، جڏهن سندس ڌيئرون ،پنجن، ۽ڇهن سالن جون ٿيون ته سندن پيءُ شھر ۾ جتي هو ڪم ڪندو هو اتي سلو نالي عورت سان شادي ڪري ڇڏي ، بَچُل هر مهيني ان آسري تي هوندي هئي ته سندس مڙس گهر جو خرچ ڏيڻ ضرور ايندو پر ائين نه ٿيو وقت گذرندي مهينن مان وڌندي سال گذري ويو پر ميهار زال ۽ ٻارن ڏانهن ور نه ڏنو ،شھر ۾ رهندڙ جنهن عورت سان ميهار مائٽن ۽، زال کان لڪي شادي ڪئي هئي هي هميشه لاء ان جو ٿئي ويو.
بَچُل ۽ سندس نياڻيون، نيامت ۽شبانه ڪيئن زندگي گذاري رهيون آھن اهو به ڪڏهن پڇڻ نه آيو.
بَچُل پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڳوٺ واري بلاڪن جي بَٺيءَ تي مزدوري ڪرڻ لڳي، ائين زندگي واري گاڏي جو ڦيٿو ڦرندو رهيو، ميهار ۽ سلو کي هڪ پٽ هڪ نياڻي اولاد ٿيو.
بَچُل کي ڏکن ۽ سورن وقت کان اڳ ڪراڙي ڪري ڇڏيو ، سندس مٿي جا سڀئي وار اڇا ٿئي ويا هئا، هي جڏهن ڪارو رئو ڪري سرون مٿي تي کڻندي هئي ته سندس اڇا وار چٽا نظر ايندا هئا، وقت گذرڻ ساڻ کيس ائين لڳڻ لڳو ڄڻ ھي رنڙ ٿي وئي آهي ، هيءَ مڙس جو آسرو هميشه لاء دل مان لاهي ويهي رهي ،هن بيمار ٿيڻ بعد پنهنجي جوان نياڻين کي بَٺيءَ تي پورهيو ڪرڻ لاءِ موڪليو.
بَچُل غربت ۽ ننڌڻڪائي جا ڏک صحيح صفا جهور ٿي وئي ۽ چيل جي سور سبب اچي کٽ ڀيڙي ٿي ، زندگي جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ هن مجبوري سبب پنهنجي جوان ڌيئرن کي بلاڪن واري بٺي تي ڪم لاء موڪليو هو ، مڙس جي کيس ڇڏي وڃڻ کي پندرھ سال گذري ويا هئا، ان دوران سندس ڏيئرن ڪڏهن کائنس اچي اهو نه پڇو باڄائي ڪا تڪليف يا ڪنهن چيز جي ڪا ضرورت آھي، هن جون ٻئي نياڻيون جوان ٿئي اوڻيهه ۽ ويهه سالن جي وهي کي اچي پھتيون هيون.
هن وهي ۾ کين پيء جي ڇَپر ڇَانَو جي ضرورت هئي پر وقت جي بي رحم گهڙين بک سبب کين آڻي بٺي تي پورهيو ڪرڻ لاء پهچايو هو.
هنن جي جواني ۽ حسن سندن بدن تان جرڪيو پئي، جنهن ڪري کين پورهيو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي عزت کي به بچائڻو ٿي پيو.
بَچُل جي وڏي ڌيء شبانه پنهنجي ننڍي ڀيڻ نيامت کي هر وقت پئي سمجهائيندي هئي ته عزت سان اُٿ، ويھه اسان کي پورهيو ڪرڻ سان گڏ پنهنجي عزت جو به خيال رکڻو آھي ، نيامت پنهنجي عقل آھر ڀيڻ شبانه جون ڳالهيون ٻڌي اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن نيامت، شبانه کي اچي چوڻ لڳي:
”ڀيڻ منٺار جيڪو پاڻ واري بٺي تي سوزوڪي هلائي ٿو سو ۽مان شادي ڪرڻ چاهيون ٿا ، منٺار چيو پئي ته مان توهانجي گهر سنڱ گهرڻ مائٽ وٺي اچان پر پهرين تون پنهنجي امڙ کي راضي ڪري وٺ ڀيڻ تون امان کي راضي ڪري وٺجان .“
شبانه نيامت جي ڳالهه ٻڌي کيس چوڻ لڳي:
”ڪڏهن کان تنهنجي منٺار سان ڳالهه ٻول آهي جو هو تنهنجو سنڱ گهرڻ اچي پيو اڳ ۾ ته تو ڪڏهن منٺار جو ذڪر مون سان ڪونه ڪيو هو.“
”بس ڪجھه ڏينهن ٿيا آهن مان توسان ڳالھه ڪرڻ واري ھيس.“
”چڱون مان امان کان پڇي وٺان پوءِ توکي ٻڌائيندس.“
ٻئي ڏينهن شبانه رات جو گهر جي اڱڻ تي رکيل کٽ تي ليٽيل پنهنجي امڙ بَچُل جي پيرن وٽان ويهي کيس پيرن تي زور ڏيڻ لڳي ۽ کيس ڀيڻ نيامت جي ڳالهه به ڪري ٻڌايائين.
بَچُل شبانه جي سڄي ڳالهه ٻڌڻ بعد کيس چوڻ لڳي:
”امان سنڱ گهرڻ ۾ ڪو عيب ناهي ڀلي اچن پر تنهنجي چاچا وارا جڏهن اها ڳالهه ٻڌندا ته ٻڙڌڪ مچائيندا.“
”امان اسان جڏهن هن وهي ۾ پراون ماڻھن وٽ وڃي پورهيو ٿيون ڪيون ان وقت ٻڙڌڪ نٿا مچائين ، تڏهن کين غيرت ياد نه آھي ، ڪڏهن اسان کي پڇڻ آيا ته اسان ڪئين جيئون پيون.“
”ها امان هتي ائين ئي ٿيندو آهي ، توهان ڀلي بک ، بيماري سبب مرو تڏهن هي توهان جا وارث ناهن ، جيڪڏهن توهان پنهنجي مرضي سان ڪٿي ڪنهن سان سنڱ ڳنڍيو ان وقت کين پنهنجون غيرتون ياد پون ٿيون توهان کين چئو ته سنڱ گهرڻ ڀلي اچن.“
امڙ واري ڳالهه شبانه ،نيامت کي ٻڌائي نيامت منٺار سان ڪئي
ڪجھ ڏينهن بعد منٺار جو وڏو ڀاء ۽ سندس امڙ بَچُل وارن جي گهر پهتا، بَچُل کين چيو ته ڪجهه ڏينهن بعد توهان کي جواب ڏيندس نيامت جي سنڱ گهرڻ واري ڳالهه ڪنهن ذريعي نيامت جي چاچن تائين پهتي ، بَچُل جي وڏي ڏيئر ارباب ڳوٺ جي مائي ملوڪان کي پيغام ڏيئي موڪليو ته مائي بَچُل کي چئو جيڪر ڌيئرن جو سنڱ اسان جي اجازت بغير ڏني ته چڱو نه ٿيندو.
مائي ملوڪان بَچُل کي سندس ڏيئرن جو نياپو پهچايو، هُوءَ ڏيئرن نياپو ٻڌي ملوڪان کي چوڻ لڳي:
”ڪٿي هئا منهنجا ڏير ان وقت جڏهن مون ۽ منهنجي نياڻين هن گهر ۾ بکيون ڪٽيون پئي مان پنهنجي نياڻين جا سنڱ پنهنجي مرضي سان ڪنديس چئي ڇڏجان ارباب خان کي.“
مائي ملوڪان جڏهن ارباب کي سندس ڀاڄائي جو نياپو ڏنو ارباب تپي باھ ٿئي ويو.
هُن منٺار جي مائٽن کي نياپو ڪري نيامت جو سنڱ وٺڻ کان جهلي ورتو.
هفتو گذرڻ بعد منٺار جي ڀاء مائي بَچُل کي پيغام ڏياري موڪليو ته ارباب اسانکي ڌمڪي ڏياري موڪلي آهي جيڪر هي رشتو توهان ڪيو ته چڱون نه ٿيندو جيستائين توهان جا وارث راضي نه ٿيندا اسان رشتو ڪرڻ نه اينداسين، بَچُل اهو پيغام ٻڌڻ بعد کين نياپو ڏياريو هاڻي مان توهانکي سنڱ نه ڏيندس، اها سڄي ڳالھه بَچُل ڌيءَ نيامت کي ڪري ٻڌائي۽ کيس چوڻ لڳي:
”پوء سنڱ گهرڻ ڇو آيا هئا.“
نيامت ٻئي ڏينهن اها ڳالھ منٺار کي ٻڌائي ، منٺار چوڻ لڳو:
”نيامت ڀلي سڄو جڳ راضي نه هجي مون ته توسان پيار ڪيو آهي ،مان توسان شادي ڪرڻ لاء تيار آھيان ،مونکي ڀلي ڪجھ به ٿي پئي مان توسان ئي شادي ڪندس.“
”منٺار جيڪر پاڻ ائين شادي ڪنداسين ته چاچا وارا باھ ٻاري ڇڏيندا.“
”ڪجھ به ٿئي پاڻ شادي ڪنداسين.“
”جيڪا تنهنجي مرضي مان به تو سوا جي نه سگهنديس.“
منٺار ۽ نيامت ڪورٽ پھچي شادي ڪري ڇڏي ،
ڳوٺ ۾ نيامت جي شادي ڪرڻ واي خبر پهچڻ بعد نيامت جي چاچن ممڻ مچائي ڇڏيو مائي بَچُل ۽ شبانه کي گهر پهچي مار ڪڍي آيا ۽کين هتان لڏي وڃڻ جي دھمڪي ڏيئي آيا.
نيامت ۽ منٺار وارن جي برادرين ۾ جنگ لڳي ، ڪيترائي ماڻھون زخمي ٿي اسپتالن ۽ ٿاڻن تي پهتا نيامت ۽ منٺار پنهنجي ۽ نيامت جي فيملين جي حفاظت جي درخواست ڪورٽ ۾ ڏني ، بَچُل عدالت پهچڻ تي ڌيءَ نيامت کي ڏسي کيس ڀاڪر پائي روئڻ لڳي اتي موجود اخباري نمائندن بَچُل جي بي وسي ننڌڻڪائي ۽ ڏکن سبب ٿيل آلين اکين واريون تصويرون ڪڍي ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ ڇاپيون.
*