شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

1. ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم

لکان ٿو سچ سان آتم ڪهاڻي،
رهي منهنجي مگر هي ياد ٻاڻي

هن بندي جو دنيا ۾ اچڻ تاريخ 9 شوال 1313هجري ڏينهن اربع(25 مارچ 1896ع) ڌاري ٿيو، اگرچه سرڪاري دفتر ۾ ولادت جو سن 1 جون 1897ع آهي. منهنجي تولد ڪري عزيزن کي نهايت خوشي ٿي، ڇاڪاڻ جو ابي اما کي پهريون ٻار نياڻي هئي. راڄ جي پريي مڙس جو گهر هو ۽ ڏاڏو عبدالمطلب سکيو ستابو ۽ ڀاڳيو آدمي هو، آسپاس ۾ چڱي هلندي هيس. تنهن پنهنجي وحيد فرزند (حاجي) ميان محمد کي پهرين پٽ ڄمڻ تي وڏا شادمانا ڪيا. خيرات ڪيائين ۽ مستيءَ جون گنديون وراهيائين. اڃا ننڍو هوس ته ڏاڏي صاحب رضا ڪئي. مونکي پوري يادگيري آهي ته ڪهڙي طرح ان مونکي پنهنجي پوين پساهن وقت ڀر ۾ وهاريو هو ۽ ڪيئن نه نهايت آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي جان، جان آفرين کي سپرد ڪيائين. سندس وفات منهنجي معصوم دل کي سخت صدمو پهچايو. ڏاڏي مرحوم جي وفات بعد واڻين وڪالن اچي اسانجو در ورتو ۽ جيڪي ڳئون ۽ ڍڳا هئا سي قرض ۾ ڪاهي سلهاڙي ويا ۽ ڀريل ڀان خالي ڪري ڇڏيائون.
هن حادثي بعد اسين به ڪنگال ۽ بي حال ٿي پياسين. ڪيترائي سال بابا جان پوک راهي ڪئي. پر بخت نه ڀڙايو. اما جان(سندس نالوصفورا هو) جنڊ پيهي گذران ڪندي هئي، هڪ بهدار جوڌي عورت هئي، ڇهه فوٽ ته قد هوس، ڀائي حاجي موسو جو پنهنجي پهلواني ڪري ساري پسگردائيءَ ۾ مشهور هو. تنهن جيترو بار مٿي ٿي تي کڻي ويندي هئي. جيڪڏهن هن ضعيف ۾ ڪا استقامت ۽ ذهانت آهي ته اها، “تري شناسن” جي چوڻ موجب والده شريفه جي ڪري ئي آهي. بابو سائين هڪ نهايت ساده مزاج، نيڪوڪار، متقي ۽ سخي مرد هو. ٻيو هڙ ۾ نه هوندو هوس ته ڪپڙا به لاهي محتاجن کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ پاڻ رڳو چادر يا اجرڪ (ازرق) جي گوڏ ٻڌي گهر اچي نڪرندو هو. پڇاڙيءَ تائين سندس اها گت هلندي آهي.
مان اڃان پنجن ڇهن ورهين جو ٻار هوس ته مونکي اسڪول ۾ موڪليائون (اٽڪل 1902ع ڌاري، ڇاڪاڻ ته مونکي ايڊورڊ ستين جي تاجپوشي چڱي طرح ياد آهي.)اما جان مونکي خرچي لاءِ هڪ پيسو ڏنو، وڏي ماستر (نالو ڄيٺانند هوس، پيرمرد، سفيد ريش، وڏي ڏيا ۽ حشمت وارو شخص هو. سنهاري ۽ منهن پيا جرڪندا هئس. انهن ڏينهن ۾ ٽلٽيءَ جو اسڪول سنڌ ۾ برک هو. منجهس هنري اسڪول به هو. جنهن ۾ ماستر ابوالحسن واڍڪي سيکاريندو هو. ۽ ماستر محمد حسن جنڊيءَ جو ڪم سيکاريندو هو ٻئي نهايت شريف اعليٰ انسان هوا. ماستر ڄيٺانند کانپوءِ مسٽر منگهنداس سيوهاڻي هيڊ ماسٽر ٿي آيو. جو اسان کي سنڌي اشتقاق ۽ اقليدس پڙهائيندو هو. ان کانپوءِ مسٽر مدنداس دادوءَ جو ويٺل هيڊ ماسٽر هو جو نهايت فضيلت وارو شخص ۽ پنهنجي مذهب جو پورو پابند هو مونکي ازحد ڀائيندو هو.) فيءِ جي گهر ڪئي. اهو ٽڪو کيس ڏئي اچي اوڇنگارن ۾ ڇٽڪيس، جنهن تي وڏي ماستر ڪهل آڻي اهو ٽڪو به موٽائي ڏنو ۽ هميشه لاءِ في معاف ڪري ڇڏيائين.(هيستائين احوال 1948ع ۾ ڪنهن وقت لکي ڇڏيو هوم. هن کانپوءِ اڄ يعني 9 ڊسمبر 1956ع شام جو شروع ڪيو اٿم.)
اسڪول ۾ پهريائين پنهنجي پراهين سوٽ محمد عباس جي ريس تي پڙهڻ ويو هوس، پر پوءِ انهيءَ ۽ ٻين هڪ جيڏن ، جهڙوڪ مرحوم الله بخش (عرف جمن) ۽ جعفر پڙهڻ ڇڏي ڏنو، باقي آئون پڙهڻ کي چهٽيو رهيس، ڪند فهم ڪونه هوس، ليڪن گاهه گاهي ڇيڏڪ ايندو هوم، ته اسڪول وڃڻ کان نٽائيندو هوس. ڪڏهن ڏاڏي هاشم جي ڳئن سان پهري تي ويندو هوس. ڪڏهن ناني محمد صالح جي ڪاريءَ واري کوري تي ڀڄي ويندو هوس ۽ ڪڏهين وري پنهنجي تار جي ڳاڌيءَ تي وهندو هوس. يا پيهي تي چڙهي جهار هڪليندو هوس. هڪ دفعي پٽيلي تي ٽيڪ ڏيندي ننڊ اچي ويم ۽ وڃي پڙ تي ڪريس. جيڪڏهن ڏاندن کي سمڪ نه اچي ها ۽ بيهي نه رهن ها، ته هوند سندن پيرن ۾ چچرجي مري وڃان ها. ٻئي دفعي کوري کان موٽندي ناني جي اٺ تان ڌڪو کاڌم پر گهڻو شيب ڪونه رسيو. ٽئين دفعي پيهي تي کانڀاڻي ڦيرائيندي پاڻ اچي ويم ۽ ڦهه وڃي هيٺ پيس. چاڙهو به هڪڙوئي هوس، ڪوبه ٽلٽيءَ ۾ وڻ ڪونه ڇڏيو هوندم. هڪ ڀيري هڪ تمام اتاهين ٻير ٻچڙي نالي جي چوٽيءَ تي ٻير ڌوڻي رهيو هوس، ته ٽاري تان پير ٿڙڪي ويم ۽ ٺڪ وڃي سڪل ڪسيءَ جي تري ۾ ڪريس.قدري چيلهه کي ضرب آئي. پر ٻيرن جي جهولي ڀري کلندو ڪڏندو گهر موٽي آيس.
راند جو گهڻو شوق ڪونه هوندو هوم، پر ٻهراڙيءَ جون سڀئي رانديون کيڏي سگهندو هوس جهڙوڪ ٻلهاڙو، ونجهه وٽي، ملهه، اٽي ڏڪر، چيڪلو، اکٻوٽ، جهوڙملو ڪيڻ وغيره وغيره. اکر سٺا ڪونه هوندا هئم. شايد پهرين يا ٻئي درجي ۾ هوس ته قاضي عبدالوهاب صاحب بوبڪن وارو اسان جو امتحان وٺڻ آيو. سليٽن تي صورتخطي لکايائين. جڏهن مان پنهنجي سليٽ وٽس کڻي ويس، تڏهن مشڪي چيائين ته اکر لکيا اٿئي يا ٽنڊي ماڪوڙن جون ٽنگون. انهيءَ طعني تمام ڪري ڇڏيو پوءِ انڊن ڀرڻ ۽ مشق پچائڻ رستي پنهنجا اکر سڌاري ورتم. اهو تربيت جو اثر اڃا هليو اچي ۽ هميشه پنهنجن شاگردن کي سٺن اکرن لکڻ جي ترغيب ڏيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجو عقيدو آهي ته اکر اخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا.
ٽئين درجي سنڌي تائين (1905ع) منهنجي ارڏائي ۽ گوشڙپائي هلندي آئي، پر والد صاحب جي هڪ سخت مار کانپوءِ ڄڻ ڪتيءَ ڪن وڍايا. هونءَ ته ٻين گوسڙو ڇوڪرن کي ماسترن جي حڪم موجب ٽنگوٽالي ڪري وٺي وينداهواسين، اگرچه مونکي اهڙو واقعو پيش ڪونه آيو، پر بعضي بعضي رڏي ڪري گهر ويهي رهندو هوس يا ڪٿي وڃي لڪندو هوس، يا ڏاڏي هاشم جي نار تي گوهي ڪري ويندو هوس. هڪ دفعي ضد ڪري اسڪول کان گسايم، مڄاڻ بابي کي خبر پئجي وئي سو زلهلي ڪري مون تي وري آيو. امڙ ۽ ناني جيڻب(زينب) ڇڏائڻ تي ۽ ابو مارڻ تي. نيٺ بيزار ٿي، ڪلهي تي چاڙهي اسڪول ڏي کڻي ويم. مون به واٽ تي کڙين سان خوب ڀڀر ڪٽيومانس، پر منهنجي پچر نه ڇڏيائين ۽ ڌوڪيندي وڃي ماستر پيسومل وٽ سٽيائينم. هي ماستر ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ اسان جي گهران ڏڌ مکڻ گهرائيندو هو تنهن ظالم به چتائي فيهه ڪڍيم ۽ سارو ڏينهن بينچ تي بيهاري ڇڏيائينم.
انهيءَ سزا کانپوءِ اهڙو ته سڌري پيس، جو جڏهين به مسڪينيءَ سبب بابو چوندو هوم ته پڙهڻ ڇڏي اچي ڪم ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيم تڏهين نابري واريندو هوس. علم اهڙي ته چاشني چکائي جو وري اسڪول کان ڪڏهن ڪون گسايم. بابا کي مدد ڏيڻ خاطر هنري ۽ جنڊي اسڪول ۾ داخلا ورتم ۽ واڍڪي ۽ جنڊي جي ڪم ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيم جوکٽون، منجيون، ويلڻ ۽ چڪلا ٺاهي ويندو هوس، ۽ اهي شهر جي هندن کي وڪڻي پيسا بابي کي پهچائيندو هوس، جنهنڪري مونکي پڙهڻ کان ڪڏهين به نه روڪيائين.
بابا ان وقت ڪاشتگريءَ جو ڌنڌو ڇڏي ڊکاڻڪي ڪرڻ لڳو ۽ هارين جا نار آهت تي چاڙهيندو هو. مان به کيس ارڙين ٽڪڻ، مالهن وٽڻ ۽ ڍينگن لوڪڻ ۾ مدد ڪندو هوس. پاڻ جڏهين پوک پوکيندو هو، تڏهين مهل سر وڃي ڳاڌي هڪليندو هوس، هر ڪاهيندو هوس، ڪتر هڻندو هوس ۽ پاڻي ورائيندو هوس. هڪ ڀيري ڪتر هڻندي کاٻي هٿ جي آڱوٺي جو اڌ ننهن ڪپي وڌم. بعضي ته ڏاند به چارڻ ويندو هوس. هڪ ڀيري ادي وڏي جمال خاتون (جمڻ) ۽ آئون گڏجي ڍڳا چارڻ وياهياسين ته ڪي چور وجهه وٺي اسان کي لپاٽون هڻي ٻن ڀلن ڏاندن جو جوڙو زوري ڪاهي ويا، جو پوءِ بابو بلاولپور جي وڏيرن جي واهر سان ڀونگ ڏيئي ڇڏائي آيو. پڻ لغڙن ٺاهڻ، کٽولن واڻڻ ۽ جلدبندي جو ڪم سکي پيس، جنهن مان گهڻو اپراسو ٿيندو هوم. بعضي وري ڪمي به ڪمائيندو هوس، طغاريون ڍوئيندو هوس ۽ مهتن جو پاڻي ڀريندو هوس.
مطلب ته ننڍي هوندي کان وٺي خود ياوري جو سبق پيٽ پيو. جو وڏي هوندي گهڻو مفيد ثابت ٿيو. پيسي ڪارڻ ڪنهن جي به ڪاڻ ڪان ڪڍيم، نڪي ڪنهن جي اڳيان سوال جو هٿ ٽنگيم. هڪ دفعي دهلي کان غياث اللغات جو ڪتاب ٻارهين روپئي گهرايو هوم. جنهن جي قيمت مامي عبدالڪريم ڏيڻي ڪئي هئي، پر پوءِ بابي کي مهڻا ڏيڻ ۽ ٿورا ٿڦڻ لڳو. مونکان اها ڳالهه سٺي نه ٿي، ڪمائي ڪري سڀ پئسا ڀري ڏنامانس ۽ وري ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي محتاجي ڪان ڪڍيم.
سنڌي چوٿين درجي پاس ڪرڻ بعد (1906) مونکي پنهنجي هوشياري ڪري انگريزي اسڪول ۾ موڪليائون جتي به پنهنجو جوهر ڏيکاريم. پر ٿوري وقت کانپوءِ اما جان وفات ڪئي (1907ع) جنهنڪري دل شڪستو ٿي وري وڃي سنڌي پڙهڻ لڳس. هيڊماسٽر صاحب، مسٽر مدنداس ڏاڍو مهربان هوندو هو، ۽ پنجين درجي جو ماسترميان محمد سنجر هو، جو هڪ سوٽيڊبوٽيڊ جينٽلمين هو ۽ مونکي تما گهڻو ڀائيندو هو ۽ بعضي ته ماني، ڏڌ، مکڻ اسان وٽان گهرائيندو هو. اهڙن لائقن فائقن شخصن جي نظر شفقت هيٺ زندگيءَ جا سال سک سانت سان گذرڻ لڳا.
اسين به ماستر صاحبن جون ڏاڍيون خدمتون چاڪريون ڪندا هواسين. گرميءَ ۾ جهليون ڇڪيندا هواسين، سندن گهرن جو پاڻي ڀريندا هواسين۽ ٿڪا هوا ته کين ڀيڙون به ڏيندا هواسين. ٻٻرن ۽ نمن مان سندن لاءِ ڏندڻ وڍيندا هواسين. هڪ ڀيري ماستر مدنداس لاءِ ڏندڻ ڇلهيندي منهنجي کاٻي هٿ جي اشهد آڱر مٿينءَ ڏوڏي کان ڪپجي پئي. هي سڀ ڪم پنهنجي راءِ رضا سان ڪندا هواسين ۽ ماسترن جي سيوا ۾ اسان کي خوشي ٿيندي هئي. پاڻ به نهايت مهربان ۽ جفا ڪش هوندا هئا. صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين اسان کي پاڙهيندا هوا. سندين روش هاڻوڪن ماسترن کان بلڪل عليحدي هوندي هئي. موجوده وقت جا ماستر هر هر گهڙيءَ ڏي نهارين، پڙهائڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ۽ مهل کان اڳ گهر هليا وڃن. اڳيان استاد ائين نه هوندا هئا. هو مائٽن وانگر هوا، ۽ ڪڏهين نه چاهيندا هوا ته شاگردن جي حياتي اجائي وڃي. هر ڪنهن نموني ۾ ان کي سڦلي ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا هوا. وڏي خوبي منجهن اها هئي ته هو اخلاق جا صاحب هوندا هوا ۽ شاگردن کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا.
جڏهن سال1909ع ڌاري ستين درجي ۾ ويٺس تڏهن ماستر مدنداس جي بدلي ٿي وئي. سندن جاءِ تي آراضيءَ جو ٻائو نارائڻداس هيڊ ماسٽر ٿي آيو. هو چلمي،تند مزاج، سست ۽ پڙهائيءَ ۾ ڪاهل هو. جنهنڪري مسٽر مدنداس جي صلاح سان ڳوٺ ڇڏي، ٽي چار ميل پري ڪرمپور جي سنڌي اسڪول ۾ ماستر منگنداس جي نگرانيءَ هيٺ پڙهڻ لڳس. سيڌ ٻاڌو هفته وار گهران کڻي ويندو هوس ۽ ملا مصريءَ اوٺي جي گهر رهندو هوس. هڪ دفعي ڇڇ مان ترندي ذري گهٽ ٻڏڻ تي هوس، پر ملا مصريءَ جي سوٽ مونکي بچائي ورتو، باقي مولهاٽو اٽي سوڌو پاڻيءَ۾ پسي پيو. مان رڳو ڳجهڙ تري سگهندو آهيان ۽ ٻانهن هڻي نه ڄاڻان، تير هڻن ۽ سواري ڪرڻ ۾ به بلڪل جڏو آهيان رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ ڀڙ هوس ۽ آهيان سچ چيو اٿن ته
پڙهڻ، ترڻ ، تير هڻڻ، چوٿين سواري
جي ننڍي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري

ڪاميٽي امتحان جومدو اچي ڀريو هو. ماستر نارائڻداس خار وچان منهنجي عمر جا انگ بدلائي ڇڏيا ۽ رجسٽر ۾ 1897ع جي بدران 1894ع ڪري ڇڏيائين ۽ اختياريءَ وان کي لکي موڪليائين مون پنهنجي عمر مٽائي آهي. تنهنڪري مونکي امتحان ۾ نه وهاريو وڃي. مان ڪاميٽي جو فارم ديوان ٿانورداس ٽهلراماڻيءَ جي صحيه سان ڀرائي لاڙڪاڻي امتحان لاءِ ويس، پر مونکي امتحان ۾ وهڻ نه ڏنائون.لاچار ٿي ڳوٺ موٽي آيس ۽ تياري ڪلاس ۾ داخلا وٺي پيوپل ٽيچر مقرر ٿيس جنهن مان مهيني سر چار روپيا پگهار ملندو هوم.
1910ع جي آخر آهي ۽ مرحوم محمد ابراهيم سومرو اسڪولن جو انسپيڪٽر امتحان وٺڻ لاءِ آيو آهي.منهنجي هوشياري ۽ ڦڙتائي ڏسي حيرت جون آڱريون ڏندن ۾ وڌائين.چي ارمان جي ڳالهه آهي جو ههڙو املهه ماڻڪ لڏ ۾ پيو هجي. سو يڪدم هيڊماستر کي حڪم ڏنائين ته نئين سال ٿيڻ تي مونکي انگريزي اسڪول ۾ موڪيو وڃي. هتي منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو ڦيرو اچي ٿو. جنهن جو ذڪر انشاءَ الله اڳتي ايندو.