6. نوشهره مدرسي واري زندگي
ڳوٺ پهچي نوشهره فيروز ڏانهن وڃڻ جي سنبت ۾ لڳي ويس، تياري ڪرڻ ديرڪان ٿي.” سڃي جي مڏي، هڪ ڏندڻ ٻي تڏي” سو ڪتاب ڪڙا ڪاٺ جي صندوق ۾ قابو ڪري، جهڙا تهڙا ڪپڙا لوهه جي پيتيءَ ۾ وجهي، رلين ۽ چادرن جو بستر ويڙهي لاڏو اٺ جي ٻنهي پاسن کان ڪڙي، پلاڻ جي وچ ۾ ٽنگون ٽيڙي، اڳيان جت ۽ پٺيان آئون، صبح جي پهر نوشهري روانو ٿيس.
واٽ تي خيري ديري جو پتڻ پار لنگهڻو هو. پور تيار هو. اٺ مس مس گرندي گڙندي ڪامون کائي ٻيڙيءَ تي چڙهيو مهاڻن ٻيڙي ڌڪي ٻار ۾ وڌي ۽ ونجهه ۽ ڳن هلائڻ لڳا. درياه جو جلوو ۽ جوش ڏسي دل دهلجي وئي ۽ بي اختيار هي بيت پڙهيم
جت سڄي ڀيڙ تک، ٻيڙِو اتي ٿيلهي وڌوم
لهر لوڏي کان الاهي، امن سان پهچاءِ پار.
هيءَ حياتي ۾ پهريون ڀيرو هو، جو درياء جو منهن ڏٺو هوم. نه ته هن کان اڳ ڪيترائي دفعا ٻوڏن هوندي ٻيڙي ۾ چڙهي سيوهڻ لعل شهباز جي ميلي تي ويندا هواسين ۽ ستن اٺن ميلن جي پاڻيءَ جي مسافري کل خوشيءَ ۽ راڳ روپ ۾ گذري ويندي هئي پر هتي ته قصو ئي اور هو. ڪو مائٽ مٽ اوڏڙو ڪونه هئو ۽ نڪو ڪو دڙ دلاسي ڏيڻ وارو، رڳو رب جي تاري ۽ توه هئو. جڏهن وچ درياء ۾ پهتاسين ته ٻيڙي سير ۾ اڀڙ پئي ته آخر الله الله ڪندي اونهي مان اڪري پار پياسين ۽ باري تعاليٰ جا شڪرانا بجا آنداسين.
پتڻ لنگهڻ کانپوءِ وري هل هلان ۽ ڪاهو ڪاهه. ڀلا ، اٺاويهن يا ٽيهن ميلن جو پنڌ، سو لاڏو اٺ جي جهوپن ۽ جهپڪن ڪري چيلهه ٿي ٽڪر ٿي پئي. آخر هاهر ڪندي مورو ڳچيرو واٽ تي لتاڙيندي، سج لٿي مهل اچي نوشهري مدرسي جي اڱڻ ۾ جمل جهڪايم ۽ سفر جو پهريون پائو پٽ پورو ٿيو، يڪدم پرنسپال صاحب کي خبر ڏني وئي ته ههڙن حالن سان هڪ ڇوڪر ڇهون درجو پڙهڻ آيو آهي. قاضي صاحب کي اڳيئي مسٽر حاجي محمد، خط جي رستي خبر ڏني هئي. سو هڪدم حڪم ڏنائين ته مونکي وچين هال ۾ رهايو وڃي. انهي وقت ۾ مدرسي جي بورڊنگ ۾ ٽي ڊارميٽري (خوابگاهه)هوندا هئا، هر هڪ ٽڪندڙ شاگرد کي کٽولو ڏنو ويندو هو. سو مان به هڪڙي کٽولي تي هنڌ وڇائي ڍيري ٿي پئجي رهيس، جو اٺ جي ڌوڏن ۽ ڌڏڪن هڏ گڏ چور ڪري ڇڏيا هوا، ۽ هلڻ کان هلاڪ هوس.
ٻئي ڏينهن صبح جو قدري ٿڪ لهڻ بعد قاضي صاحب جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيس جنهن مونکي محمدن فنڊ مان هر مهيني ٽي روپيا ڏيڻا ڪيا ۽ ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا جو اذن ڏنائين، تنهنڪري يڪدم وڃي ڪلاس ۾ ويٺس. ڪلاس ۾ ڇوڪرن جو چڱو تعداد هئو ۽ سڀئي ڪپڙين لٽين ٺهيل ٺڪيل ۽ مهذب ڏسڻ ۾ ٿي آيا. پهريون ئي گهنٽو قاضي صاحب جو هو، ڇاڪاڻ ته هو صاحب ڇهين درجي جي انگريزي وٺندو هو. اصل پاٽ جو ويٺل ۽ عليڳڙهه جو پڙهيل هو، مڙس بت ۾ ڀريل ۽ عمدو لباس ڍڪيل ننڍي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي رکيل ۽ ڀڀڪي دار هو. سندس ڳالهاءُ ڳنڀير، ڌنڪ وارو ۽ بلند هو ۽ حرف حرف چٻي چٻي چيئي ٿي ڪڍيائين. سندس پيشاني مان نهايت ۽ نياءَ جو نور پئي بکيو.سندس گهڙڻ تي سناٽو لڳي ويو، ڄڻڪ سڀني مٿان ڇپ پئجي ويئي ڪنهن کي مجال جو سندس اساري کانسواءِ ڪڇي سگهي. آخر درس جو دور شروع ٿيو. ٿوريئي وقت ۾ منهنجي هوشياري ۽ فلڪ ڏسي سڀني کي تيرس وٺي ويو ۽ انهيءَ ئي گهنٽي اندر مون وڃي پهريون نمبر والاريو، اگرچه مون وٽ نڪي ڪلاس جا ڪتاب هوا ۽ نڪا ڪا ڪنهن قسم جي اڳ تياري ڪئي هيم. قاضي صاحب نهايت خوش ٿيو ۽ يڪدم مونکي ڪلاس ۽ هال جو مانيٽر مقرر ڪيائين. سڄي اسڪول ۽ بورڊنگ ۾ ڌوم مچي ويئي ولله الحمد.
اين سعادت بزور بازو نيست
تا نه بخشند خداءِ بخشنده
مطلب ته ٿوريئي وقت ۾ مدرسي جا ماستر توڙي شاگرد منهنجا گرويدا ٿي پيا، جا سچائي ۽ محنت مون انهن ۾ ڏٺي، سا ڪا ورلي نظر ايندي.
بورڊنگ جي زندگي نهايت خوشگوار گذري ماني سادي، ليڪن نهايت سٺي ۽ سوادي ملندي هئي. مهيني جي ويسي فقط ڇهه روپيا هوندي هئي. پر اڄ اهڙي خوراڪ هوند سٺ روپئي ۾ به ڪانه ملي. برڪت ڀريو زمانو هو. هٿ ۾ جس ۽ شيريني هوندي هئي.وري جو هڪ بورچي يونس نالي تيون تلو بلڪل سٺو ۽ عمدو تيار ڪندو هو. ٻوڙ ۾ ايڏي ته لذت هوندي هئي جو ڍئو ڪرڻ کانپوءِ به دل چوندي هئيته اڃا به کائجي. بورچيخاني جي نظر داريءَ تي آخوند ڪريم بخش نالي سنڌي شده (Domicile) پنجابي هو، جو هڪ نهايت پاڪباز ۽ متقي شخص هو. مسجد ۾ نماز به اهوئي پڙهائيندو هو. جمعي جي ڏينهن خطبي مهل وڏي درد ۽ سوز سان وعظ ڪندو هو. اکين جا نار پيا ٽمندا هئس ۽ ايترو ڊپ هوندو هوس جو ڀائنبو هو ته ڄڻ قيامت جي ميدان ۾ بيٺل آهي. انهن ٻنهي کي ڊي پي آءِ واري زماني ۾ وري مليس ڏاڍي حب ۽ اڪير سان پيش آيا ۽ مون به سندين وڏي مرحبا ڪئي آخوند صاحب پوءِ ستت ئي وفات ڪئي. اڃا تائين سنديس نوراني شڪل مونکان نٿي وسري.
بورڊر سڀ نيڪ نمازي هوندا هئا. پاڻ ۾ قرب ڏاڍو هوندو هون. سڀ ڪنهن جمعي رات مسجد ۾ شغل ٿيندو هو ۽ سڀ سومهياڻي جي نماز کانپوءِ گهڻو وقت مسجد ۾ ويٺا هوندا هوا. سيد عالم شاهه (جو پوءِ ٻيلائي آفيسر ٿيو) محمد رمضان (جو پوءِ مولوي عبدالواحد جي نالي سان سڏجڻ ۽ عمر ڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ عربي پڙهائيندو هو) ۽ آئون گڏجي مولود چوندا هئاسين. منهنجو خاص سنگتي نور محمد انصاري گهيڙ گجوءَ وارو ۽ مرحوم محمد رمضان منهنجا ذڪريات (احوال لکندي) بيان ٿا ڪن ته مان انهن ڏينهن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ باقاعدي مراقبي ۾ وهندو هوس ۽ بعضي بعضي ذڪر جلي يا خفي ڪندي مونکي اهڙو ته حال اچي پوندو هو جو دنيا ۽ ماسوا جي سڌ نه رهندي هيم. ڇوڪرا ڀائيندا هوا ته مونکي جنڙيءَ ورتو آهي. پر هيءَ هڪڙي قلبي ۽ روحاني ڪيفيت هئي، جنهن ۾ اهي انوار ۽ تجليون نازل ٿينديون هيون. جن جو بيان ڪرڻ نه جڳائي. انهي زماني ۾ ڪيترائي سنڌي توڙي فارسيءَ ۾ ڪلام چيم جي هڪ چوپڙيءَ ۾ قلمبند ڪندو ويندو هوس. افسوس اها چوپڙي عزيزم نورمحمد انصاريءَ پاڻ وٽ رکي ڇڏي، جا پوءِ کانئس مجذوبيءَ جي حالت ۾ گم ٿي وئي. فقط هڪ سنڌي غزل جو ٿل ياد اٿم، جنهن ۾ پهرين سٽ گل خندان جو مصنف آخوند لطف الله جي هڪ بيت مان تضمين طور ورتل آهي
منهن ۾ تنهنجي ڪو پيارا هو تجلو نور جو
ٿيو پسڻ سان پهڻ پارا، ويو جلي ڪه طور جو
اهو غزل گم ٿيڻ بعد ٽي ڀيرا جدا جدا نمونن ۾ چيو اٿم ۽ هيٺيون ٻه ٽي مصراعون اڃا ياد اٿم:
1. ڪاڻ تنهنجي ڪارڻي، ووڙيم، گهڻا صحرا وندر
هٿ وٺي دڳ لائيو، رولو لهي رنجور جو
2. لن ترانيءَ کي ڇڏي، منهڙو پسائج مون پرين
وصل جو وعدو ڏيو، من مهت ٿئي مهجور جو
3. پاڻ کان پاسي ڀڄي، محبوب جو منظر ڏٺم
ويو وچان پردو حيا جو، منهن ڏٺو مستور جو
افسوس جو ڪاغذ تي نه لکڻ ڪري ٻيا بند نالي سوڌا وسري ويا اٿم، شايد وري ڪنهن بسط جي حالت ۾ دل تي اتري اچن.
موضوع کان ٻاهر نه ٿيندو، جيڪڏهن چند سٽون ماسترن صاحبن جي باري ۾ لکان. ميان عبدالعزيز تنيو نهايت هڪ ڀلو انسان هو. سنڌي لباس پائيندو هو. اندرٻاهر هڪ جهڙو هو. سندس فرشتن جهڙي صورت ڏسي دل کي گهڻي راحت ايندي هئي. صوم و صلوات جو بلڪل پابند هو. قاضي عبدالغفور صاحب نوشهرائي پڻ هڪ نيڪ شخص هو. آواز چيچاٽي ۽ انگريزي سٺي ڳالهائيندو هو. مولوي امام بخش صاحب جو اسان کي فارسي پاڙهيندو هو، سو انشاء پردازيءَ ۾ ڀڙ هوندو هو. ڳالهائڻ اهڙو ته مٺو هوندو هوس، جو چئجي ته ويٺو ٻڌجيس. انگريزي سکڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس، پر اچار عجيب هوندا هئس. اسٽمڪ کي اسٽوميچ ڪري پڙهندو هو. مرحوم نصير محمد نظاماڻي ۽ مرحوم الله بخش ٽالپر جي پٿوري واري مدرسي مان سيد محمد علي شاهه وٽان پڙهي هتي پنجين درجي ۾ داخل ٿيا هوا تن ۽ منهنجي وچ ۾ انگريزيءَ ۾ مناظرو ڪرائيندو هو ۽ اسان جي گفتگو ٻڌي پنهنجي انگريزي سڌاريندو هو. بدن جو ٿلهو ۽ نهايت ظريف هوندو هو. مرحوم قاضي صاحب رئيس غلام نبي جي فضيلت، شرافت ۽ قابليت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پنهنجو مٽ پاڻ هو. انجو منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو هٿ آهي.
مونکي بابي هلڻ وقت خرچ پکي لاءِ فقط چوڏهن روپيا ڏنا هوا. جن مان پتڻ جو ڀاڙو به ڏنو هوم. ۽ باقي رهيل ڪتابن ۽ نوٽبڪن ۽ پهرئين مهيني جي ويسيءَ تي خرچ ٿي ويا. اها پهرئين ۽ پوئين رقم هئي جا مون کي بابي کان پڙ پئي هئي. ان کانپوءِ سارو طالب علميءَ جو وقت مون کانئس پائي به نه گهري، پاڻ کيس خرچ کاٻار پهچائيندو هوس. مون قاضي صاحب جن سان پنهنجي کٽلائيءَ جو احوال ڪيو، تنهن ڇا ڪيو جو باقي بورڊنگ جو اڌ رهيل ماهيانو مواجه به معاف ڪري ڇڏيائين، پوءِ هڪ منو ٿي پنهنجي پڙهڻ کي لڳي ويس.
مرحوم قاضي صاحب جو مونتي گهڻو راز هئو. اڪثر پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو هو ۽ پنهنجا سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون پڙهي ٻڌائيندو هوم. جي نهايت دلپذير هوندا هئا. هڪ دفعي ڪلاس ۾ ڪنهن موضوع تي انگريزيءَ ۾ مقالو لکڻ لاءِ ڏنائين. مون اهو مضمون اهڙي دلڪش پيرايي ۾ لکيو جو کيس حيرت وٺي وئي ۽ جڏهن پڪ ٿيس ته مون پنهنجا خيال ڪنهن تان نقل نه ڪيا آهن، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهو مضمون مدرسي جي سڀني ماسترن ڏي مطالعي لاءِ ڏياري موڪليائين چي “ اهڙو مضمونم ڪو ايم اي پاس ٿيل به لکي ڪين سگهندو.” قاضي صاحب اها ڳالهه پڇاڙيءَ تائين سڀني کي ٻڌائيندو ۽ ساراهه مان ڪين ڍاپيندو هو، حقيقت ۾ انگريزيءَ سان منڍ کان وٺي گهڻو چاهه هوندو هوم. نوشهري مدرسي جي ڪتب خاني ۾ ڪو اهڙو ڪتاب مشڪل هوندو جو مون نه پڙهيو. ڇهين درجي جي اوائل ۾ سر سيد امير علي جو معرڪته الآراء ڪتاب Spirit of Islam “اسلام جو روح” پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڪا سٿري ڳالهه نه هئي.
مئي مهيني ۾ اونهاري جي موڪل ٿي. مان پيادو ئي پيادو واٽ تي پنهنجي دوستن سيد پيرل شاهه (جو هن وقت خيرپور رياست ۾ وڪيل آهي) ۽ ملڪن جي وڏيرن ڇوڪرن وٽ منزلون ڪندو، ملڪن وارو پتڻ پار پئي، ڦلجيءَ کان باقي رستو ريل گاڏيءَ ۾ طي ڪري، بوبڪ اسٽيشن کان ڳوٺ پهتس. جتي تعطيل جا ڏينهن گزاري جولاءِ جي شروعات ۾ گرمي سخت هجي، ساڳيو رستو وٺي وري به پنڌ ئي پنڌ نوشهري ۾ پهتس. جڏهن اها ڪشالا ياد پوندا اٿم، تڏهن حيران ٿيندو آهيان، ته اهي ڏاکڙا مون ڪيئن ڪڍيا. ايڏو ڪو علم لاءِ اڳانجهو عشق جو ، جو انجي راهه ۾ ٿڪ ئي نه ٿيندو هوم.
هيچ گہ ذوق طلب از جستجو بازم نداشت
دانه مي چيدم دران روزي ڪه خرمن داشتم
آخر اها ڪهڙي ڌن هئي، ڪهڙو ذوق هو، جن مونکي ايتريون سفر جون سختيون سهائيون؟ انهيءَ ڪڙائيءَ ۾ ڪا اهڙي مٺائي هئي، جنهن مونکي ماٺ ڪري وهڻ نٿي ڏنو. يار خدايا! ڪهڙي هن ناتوان کي طاقت آهي، جو تنهنجا شڪرانا مڃي؟
من ازين رنج گرانبار چہ لذت يابم
کہ باندازه آن صبر و نباتم دادند
اسڪول جو ڪم جديت سان شروع ٿيو. هاڻي وانگر ڪونه هئو، جو اسڪول ۽ ڪاليج کلي وڃن، ۽ تنهن کانپوءَ به ڪيترائي ڏينهن ڇوڪرا ۽ ماستر پيا هوائون کائن. نوشهري مدرسي ۾ فقط ڇهين درجي تائين تعليم هئي، جنهن کان پوءِ ڇوڪرا وڌيڪ پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچيءَ ۾ ويندا هئا. مون کي اها جهوري رهندي هئي ته سال پوري ڪرڻ بعد ڪيڏانهن ويندس، پر قدرت پرده پٺيان پنهنجو ڪم خاموشيءَ سان پئي ڪيو. جنهن جي مون کي ڪل ئي ڪانه هئي. هيترو ضرور چوندس ته منهنجي دل ڪڏهين ڪان ڌڏي ۽ پورو يقين هوم ته جڏهن وقت ڀريو. تڏهن ڪارساز پاڻهي ڪونه ڪو بندوبست ڪندو.
سعيء ما در کار ما آزار ما
کارساز ما بفکر کار ما
نيٺ آگسٽ مهيني ۾ آرڊر اچي ويو ته مون کي لاڙڪاڻي ضلع مان سنڌ مدرسي ۾ فري بورڊري ملي آهي. اها خبر وڄ وانگر مدرسي ۾ پکڙجي وئي ۽ سڀني کي ڏاڍي سرهائي حاصل ٿي. اگرچه ارمان به ٿين، جو مان ستت نوشهري جا وڻ ڇڏڻ وارو هوس. مون به دير ئي ڪان ڪئي. يڪدم ٽپڙ ٻڌي، اٺ تي ڪشي، وڃڻ جي تياري ڪيم. سڄي مدرسي جا ماستر ۽ شاگرد احاطي کان ٻاهر نڪري موڪلائڻ لاءِ آيا.دوستن جي اکين مان پاڻي زار زار پئي وهيو. مطلب ته هڪ عبرت خيخ نظارو هو. منهنجي دل به ڀرجي آئي ۽ سڀني سنگتين کي ڀاڪر پائي ۽ ٻين کي هٿ جي اشاري سان خير بادچوندي، اٺ تي چڙهي، جرپٽيون جهاڳنيندي پڊ عيدن جي اسٽيشن تي پهچي ۽ وڃي آگگاڏيءَ جي انتظار م ويٺس.
چه خوش باشد ڪه بعد از انتظاري
به اميدي رسد اميد واري
نيٺ گاڏي به آئي ۽ اوساس ڀريندي ان ۾ ٽپڙن سوڌو ٽپ ڏيئي اٺن ڏهن ڪلاڪن جي ٿڪائيندڙ مسافريءَ بعد اچي ڪراچيءَ ۾ پر گهٽ ٿيس.
کس نمي گويم از منزل آخر خبري
صد بيابان بگزشت و دگري در پيش است