شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

10. ڪاليجي تعليم جو ٻيو سال

“لختي ز حال خويش بسيما نوشتہ ايم”
مئٽرڪ جو اونو لٿو ۽ اسڪول جي تنگناء کان آزادي ملي. اندر ۾ طرحين طرحين تمنائون اٿيون ۽ امنگ جاڳيا. ڪاليج جي پرصحت فضا (کليل فضا) ۾ دم کڻڻ لاءِ دل ٽپا ڏيڻ لڳي. پر بي برگي ۽ بي سامانيءَ جي حالت ۾ ڇا ٿي ڪري سگهيس.
کليد قدر نيست در دست کس
تواناي مطلق خدا هست و بس
ٻيا رفيق سڀ پنهنجي پونجيءَ وارا هئا کين سرڪاري ادرار يا وظيفي جي ضرورت ڪان هئي. انهن لاءِ تعليم جو ميدان صاف هو، مون لاءِ سنگلاخ ۽ خارزار هو. اهي گهوڙي سوپار ته مان پياده رهگذار هوس.
تو دستگير شو اي خضر پي خجستہ که من
پياده مي روم و همر هان سوارانند

ان وقت مستحق مسلمان شاگردن کي فقط چار سرڪاري اسڪالرشپون هيون. مان جو سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو هوس، سو يقين هوم ته انهن مان هڪڙي اسڪالرشپ ضرور ملنديم، ليڪن انهيءَ وقت اسڪالرشپ جي ماهوار رقم رڳو ويهه روپيا هئي. ازانسواءِ ڪاليج مان ڏهه روپيا اسڪالرشپ ملڻ جي اميد هئي. پر ٽيهن روپين مان ڇا ٿو سري ۽ ڪاليج جون ڳريون فيون ۽ هاسٽل ۾ رهايش جو خرچ ايتري مبلغ مان ڪئن پورو ٿئي ها، تنهنڪري هاسٽل جي عيشي زندگي جو خيال لاهي ڇڏيم. ازانسواءِ گهر جي توڻ کي پڻ منهن ڏيڻو هوم. عين انهيءَ حيص بيص ۾ لاهي هٿ غيب جي پردي مان هويدا ٿيو. مرحوم حاجي عبدالرحيم صاحب سچي نيت سان آڇ ڪئي ته اچي اسان وٽ رهه، جيڪڏهن هي صاحب اها راءِ ۽ بزرگ منشي انهيءَ وقت نه ڏيکاري ها ته هوند آوارو ٿي وڃان ها:
من بسر منزل عتقا نه خود بردم راءِ
قطع اين مرحلہ با مرغ سليمان کردم

مولوي صاحب با قبائل سني مسجد جي سامهون هڪ ٻه طبقائين جاءِ ۾ رهندو هو، ۽ مان هيٺ رهندو هوس. ماني ٽڪي حال سارو مونکي سندس گهران ايندي هئي. مولوي صاحب هڪ باسليقي ۽ ملڻسار انسان هو.پاڻ مولوي خير محمد صاحب پاٽائي ۽ ٻين بزرگن جوشاگرد هو ۽ پڻ مولانا غلام محمد صاحب ملڪاڻي جي صحبت مان گهڻو فيض حاصل ڪيو هوائين. مطلاعي جو گهڻو شوق هوندو هوس. وائينس صاحب وٽ به گهڻي چڱي هلندي هيس. ڇاڪاڻ ته اڪثر بورڊر سني هوندا هوا ۽ اسڪول توڙي بورڊنگ ۾ پوري اخلاقي ضابطي رکڻ ۾ مولوي صاحب جو گهڻو وڏو هٿ هوندو هو. باوجود ايتري رسائيءَ جي هو ٽوٽي نه هوندو هو ۽ فقه سيکارڻ، خطابت ۽ امامت جي فرض ادائي پوري طرح سان ڪندو هو ، اگرچه ڇوڪرا ساڻس ظرافت به ڪندا هوا. صبح جو فجر نماز بعد قرآن شريف جو ترجمو سيکاريندو هو ۽ اڪثر شمس العلماء نذيراحمد صاحب واري جمائل سندس هٿ ۾ هوندي هئي. ڪي ذوق وارا شاگرد جهڙوڪ مرحومان نصير الدين نظاماڻي ۽ مير الله بخش خان ٽالپر، علي محمد سيال ۽ مان باقاعدي انهيءَ درس جي حلقي ۾ حاضر هوندا هواسين. عربي سکڻ جو ذوق به انهيءَ ريت پيو. جمعي نماز کان اڳ وعظ نئين نموني ڪندو هو ۽ سندس تقرير دلپذير هوندي هئي. قرآن شريف جي قرائت هڪ خاص لهجي ۾ ڪندو هو ۽ سندس الحان به موچارو هو. اڪثر عشا ۽ جمعي جي رڪعتن ۾ اقم الصلواة ۽ ڪهف وارو پويون رڪوع پڙهندو هو جي ٻڌي ٻڌي ياد ٿي ويا.
مطلب ته مولوي صاحب پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ قدامت جوجامع هو. سندس وڌيڪ احوال اڳتي جاءِ بجاءِ ايندو. مونکي پٽن وانگر ڀائيندو هو ۽ مان به سنديس خدمت کان ڪين ڪيٻائيندو هوس، اگرچه اردو سان ڪا دلچسپي ڪانه هوندي هيم ۽ نڪا اڄ تائين اٿم. تڏهن به مون سندس لاءِ ڪيترائي اردو ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جهڙوڪ تفسير حقاني يا فيروزي جو عم جو سيپارو. فقهي ڪتابن جو سلسلو ۽ ارڪان اسلام، جي سڀ درياتي ۽ عقلي نموني ۾ لکيل هوا.انهي ڪري اردوءَ ۾ محاورو ٿي ويم. جو پروفيسر محمد علي جو مشهور ادق ڪتاب دين و دانش سوليءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي ويندو هوس. اگرچه ڳالهائڻ ۾ لکڻ جي مشق نه هئڻ ڪري منهنجي اردو تمام سقيم آهي، ۽ اڄ به اردو تقرير توڙي تحرير ۾ ايتري تڪليف محسوس ٿيندي اٿم. جيتري هڪ ڏاٺ ڪڍائڻ تي هوند ٿئي. خدا جي مهرباني آهي جو عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ چڱيءَ طرح پنهنجي خيالن جو تعبير ڪري سگهندو آهيان، پر جيڪڏهن اردو ۾ ڪير تقرير لاءِ چوندم ته ڄڻ ته مٿم ڇپ ڪري زبان ئي نه اڪلندي.
تاريخ 20 جون 1917ع جي ڏيرام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج جو پهريون ٽرم شروع ٿيو. ڏاڍي اتساهه ۽ هيج سان داخلو ورتم. سڀني پروفيسرن ۾ اها خبر بجليءَ وانگر پکڙجي وئي، ته ههڙي قسم جي دهقاني فرزند ڪاليج اندر قدم رکيو آهي. سڀئي مون ڏي چاهه سان نهارڻ لڳا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن توجه مون ڏانهن وڌندو رهيو. مالي مشڪلاتون پڻ گهڻي قدر حل ٿي ويون. اسڪالرشپن جي علاوه ڪاليج جي پارسي شاگردن پاڻ ۾ مڙي مون لاءِ هڪ ماهوارو چندو مقرر ڪري ڇڏيو. جو بي اي جي آخر تائين ڏيندا آيا. مان پارسي قوم جو انهي ڪري از خود شڪر گذار آهيان. مولا پنهنجي مهر سان سڀ اولا لاهي ڇڏيا ۽ مان ذوق شوق سان پڙهڻ کي لڳي ويس:
شکر خدا کہ هرچه طلب کردم از خدا
بر منتهاي همت خود کامران شدم

اڳي ڪاليج جو پهريون ڏينهن عيد وانگر هوندو هو. سڀ شاگرد وڃي ليڪچر ٿئيٽر ۾ جمع ٿيندا هوا، ۽ قابل ڪار پروفيسرن مان هڪ فرد سال بسال واري واري تي سڀني شاگردن کي خطاب ڪندو هو، جنهن ۾ کيس اڀياس ۾ محو ٿيڻ جي علاوه اخلاق ۾ ضابطي جا اعليٰ مثال پيش ڪندو هو. انهيءَ سان خود پرنسپال صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻيءَ شاگردن کي وياکاڻ ڏنو. مڙس جهڙو هو قداور ۽ شاندار تهڙو هو سندس ڳالهائڻ جو نمونو اثردار. پنهنجي ڪاري علمي جبي ۾ نهايت حشمتناڪ ۽ ڏيا وارو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون تي سندس هٿ هوندو هو ۽ پڇاڙيءَ تائين اهو استاداڻو پرڀاءُ رکندو آيو. منهنجا اکر وڻندا هئس ۽ فارسي ۽ سنڌيءَ جا شعر لکائي پاڻ وٽ رکندو هو. سندس اصلي پيشو زمينداري هو ۽ ٻهراڙيءَ ۾ گهڻو گذاريو هوائين، تنهنڪري ڳوٺاڻن جون ورجيسون ۽ اصطلاح پورا ياد هئس. سنڌي تمام سٺي ڳالهائيندوهو ۽ ان جو مظاهرو ڪندو هو. مونکي سندس گيديءَ جي باري ۾ اها هڪ گفتو ياد آهي:
ڏکو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، ترار کڻي ترور ڪجي
پوءِ هو نه پڄي، ته پاڻ کڻي ڀڄجي

شيڪسپيئر جي تمثيلات تي خاص ڪڙو هوس ۽ وقت بوقت انگريزي ادب جي وسيع شعر مان شواهد ڏيندو هو. نه فقط ايترو، پر پارسيءَ ۾ به گهڻو درڪ هوس. هڪ دفعي صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي هي بيت پڙهيائين. جو ان وقت کان وٺي مونکي ياد آهي ۽ منهنجو نصب العين ٿي رهيو آهي:
گويند سنگ لعل شود در مقام صبر
آري شود و ليک اخون جگر شود

سندس ڳالهائڻ ۾ هڪ خاص ڌنڪ هوندي هئي، جنهن جي ڪيترائي شاگرد تقليد ڪندا هوا.
پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي سندس انگريزي سيکارڻ ۾ معاون هو. ان جي محبت ۽ پيار به هيل تائين هلندو اچي. اڄ ڪالهه هو بمبئي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. جو هڪ سنڌيءَ لاءِ وڏي فخر جو باعث آهي. انهن ڏينهن ۾ ڳڀرو جوان هو. شڪل ۾ شيلي شاعر جهڙو شڪيل، ڪپڙين لٽين پوشيدو ۽ مکيو چکيو، هلت چلت ۾ نرالو، ڪوڪيدار ۽ عمدو ضابطو رکندڙ هو. ڏسڻ سان اڳلي جي نظر ۾ سندس لاءِ عزت گهر ڪري ويندي هئي. انگريزيءَ ۾ پهريون وارو سندس هو. اچڻ سان نوواردن جي سيبائتن لفظن ۾ مرحبا ڪيائين ۽ تنهن کانپوءِ هڪ نهايت نصيحت آميز شروعاتي تقرير ڪيائين، جنهن ۾ تازه آيلن کي وقت سجايو صرف ڪرڻ لاءِ هيٺيون بائبل جو جذبي وارو جملو چيائين جو اڃا تائين ڪنن ۾ ٻري رهيو آهي.For the night cometh, when no man can work
“يعني (عمل ڪريو) ڇاڪاڻ ته رات اچڻ واري آهي جڏهن ڪوبه ماڻهو ڪم ڪري نه سگهندو.”
چه ساز بود کہ برده ميز دآن مطرب
کہ رفت عمر و هنوزم دماغ پرزصداست

تازو جڏهن وائيس چانسلر ٿيڻ تي خط ۾ مبارڪ لکندي انهن لفظن ڏي ڌيان ڇڪايو هومانس، تڏهن ڏاڍو عجب لڳس.
پروفيسر ٽرويڊي ۽ لاکو صاحب اسان کي حساب سيکاريندا هوا. سابق الذڪر صاحب تي منهنجو اڳيئي ڌاڪو ويٺل هو، جو جاميٽري جي پيپر ۾ مونکي 99 مارڪون ڏنيون هوائين. سندس چوڻ تي ئي مون انٽرميڊئيٽ آرٽس ۾ حساب کنيا هوا. جي پوءِ شخصي سببن ڪري ڇڏڻا پيم. ٻئي ڄڻا مونکي گهڻو ڀائيندا هوا ۽ آخر تائين اهو سلوڪ نباهيندا آيا.
فارسي جو پروفيسر انهيءَ وقت آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي هو، پر پهرين سال وارن سان انجو واسطو ڪون هوس. سندس ناتو هن ضعيف سان گهڻو ۽ گهاٽو رهيو آهي، جو اڳتي هلي نرواز ڪيو. سندس پدرانه شفقت يا عمر نه وسرندي. کيس مدد ڪرڻ لاءِ انهيءَ سال اسان جو مدرسي وارو استاد مسٽر محمد رضا شيرازي نائب مدرس مقرر ٿيو. ڪاليج ۽ اسڪول جي پڙهائيءَ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. پاڻ اسانکي مولانا جامي جو بهارستان ۽ ديوان سرخوش جو انتخاب پڙهائيندو هو پر واءِ ايراني ڪيڪاٽي تلفظ جي منجهس پيو جس خير ڪو هو، اگرچه بحيثيت انسان جي هو هڪ ڀلاين جو ڀنڊار ۽ شفقت ۽ رافت جو پتلو هو. سندس هڪ فارسي بيت اڃا نه وسريو اٿم:
گر بخير بکنندم بقيامت کہ چه خواهي
دوست مارا و همہ نعمت فردوس شمارا

علم طبيعي ۽ ڪيميا جا پروفيسر وري بٽائي ۽ آڏواڻي صاحب هواجي ٻئي لائق ۽ پنهنجي موضوع ۾ ماهر ۽ سخت گير هوا. ٻنهي جو نينهن اڳئين کان به اڳرو هليو اچي. جڏهن بي اي پاس ڪرڻ بعد هاسٽل ۾ رهڻ لڳس تڏهن بٽائي صاحب مونکي سوٽ ڪري سڏيندو هو ڇاڪاڻ ته هو سيوهڻ جو ويٺل هو ۽ آئون ٽلٽثيءَ جو جي هڪ ٻئي کي ويجهو آهن.
القصه پهريون سال انهيءَ سهائيندڙ ماحول ۾ پورو ٿيو. امتحان ۾ پهريون نمبر بيٺس. پر هڪ هندو شاگرد سان منهنجي چٽا ڀيٽي هلندڙ هئي، جنهن جو نالو رامچند آجواڻي، پروفيسر لالسنگهه آجواڻيءَ جو ڀاءُ هو. ۽ مئٽرڪ جي امتحان ۾ مون کانپوءِ ٻيو نمبر آيو هو. تنهن چرچ ڪئي ته فلاڻي کي فقط فارسي ۾ گهڻيون مارڪون مليون آهن. جنهن جي ڪري مونکي آڳ ڏيئي ويو آهي. پروفيسر شيرازي جنهن سڀني شاگردن کي دل کولي مارڪون ڏنيو هيون. تنهن همت جهلي چيو ته جيڪڏهن اهو ضد آهي ته آئون سڀني شاگردن جو مارڪون تناسب آهر گهٽ ٿو ڪريان. انهيءَ ڪري هندن جا ڇهه ڇڄي پيا ۽ مونکي هيٺ ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيا.
گو هر پاک ببايد که شود قابل فيض
ورنه هر سنگ و گلي لولو و مرجان نشود