شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

3. لاڙڪاڻي مدرسي ڏانهن روانگي

حافظ محمد صالح ، صاحب ڪرامت جو هئو. سندس وڏو ڀاءُ حافظ ميان گل محمد اسان جي مسجد ۾ قرآن شريف پڙهائيندو هو، مڪتب تمام وڏو هو، جنهنڪري سندس ڀاءُ حافظ محمد صالح ۽ سندس فرزند حافظ محمد عالم، حافظ محمد پريل ۽ حافظ نور محمد کيس کٿاب ۾ مدد ڪندا هوا. انهن سڀني کي اسان جي هڪ شاهوڪار مائٽ حاجي سائينڏني، جنهن کي پنهنجي مال ۽ دولت تي باور هوندو هو لوڌي ڪڍيو، جو پڇوءِ لڏي وڃي نئين وپهڻ ۾ ويٺا. اهڙي طرح اڳ ۾ مولوي عبدالرزاق صاحب بوبڪائيءَ ۽ حافظ محمد قاسم آري سواءِ واري کي به جهيڙو ڪري ڀڄائي ڪڍيو هوائين. مولوي حافظ عبدالرزاق صاحب مولانا عبدالله ٽپٽائي جو شاگرد هو. حديث ۽ فقه جا ڪتاب برزبان ياد هئس. ميان عبدالله سڳوروچوندو هوته “ابا ! اسان ٽيهه ورهيه علم پڙهيو، پر استادن اسان کي پڳ نه ٻڌائي” باقي اسان سو پنهنجي شاگرد کي فضيلت جي دستار ٻڌائي پر اهو اسان جو شاگرد شينهن آهي. اڄ ڪلهه ململ تمام سهانگي ٿي پئي آهي ۽ سڀ ڪو پڳ ٻڌيو مولوي ٿيو ويٺو آهي.” مولوي عبدالرزاق صاحب لنواريءَ جي درگاهه جو مريد هو. اگرچه خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ جي صحبت ۾ پڻ گهڻو ڏٺو ويندو هو. جڏهن خواجه احمد زمان جي اوائلي دور ۾ “صلوات عليٰ پير لواري” وارو فتنو جاڳيو، تڏهن ميان عبدالرزاق به قرآن ۽ حديث جي دليلن سان انهيءَ ڳالهه جي تائيد ڪئي. ڪوبه عالم کيس حجت ۾ ماري نه سگهيو ۽ سڀ دنگ رهجي ويا، پر جڏهن ظاهري عالم ۽ فقيه دليل بازيءَ ۾ پڄي نه سگهندا آهن، تڏهن زور هوندو اٿن تڪفير جي فتويٰ تي. سو تڪفير جي تحرير مٿس جاري ڪئي وئي ۽ انهيءَ واقعي بعد سندس وقعت گهڻو گهٽجي وئي، پر ستت ئي راهه رباني ورتائين ۽ جاهلن جي جهڙپ کان ڇتي پيو. “واليه ترجع الامور”حافظ محمد قاسم به نيم مولوي هو. کيس مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. مون کيس ڏٺو هو ته ڪيئن باوجود جهانورائيءَ جي ڪتاب سان منهن لڳائي سڄو ڏينهن ويٺو پڙهندو هو.
حافظ محمد صالح ساري عمر ستوجتو ٿي گزاري. جوانيءَ جي جوش ۾ کانئس ڪي سهوون ضرور ٿيون، جن لاءِ خدا کيس بخشيندو، باقي ساري ڄمار پاڪدامن رهيو. قرآن شريف نهايت صاف ۽ چٽو پڙهندو هو. ۽ شايد “قول اورا لحن ني آواز ني” تي عمل پيرا ٿي، ترنم کان پاسو ڪندو هو. سندس ڦيڻي ۽ تعويذ ۾ وڏو تاثير هوندو هو. هڪ دفعي نئين وهڻ وڃڻ ٿيو، ڏٺم ته هڪ وڏي هيانچي وارو شخص تڏي تي پٺيءَ ڀر ليٽيو پيو آهي. ۽ پيٽ جي مٿان چيڪيءَ مٽيءَ جو ٿلهو لولو رکيو اٿس. حافظ صاحب پوءِ هڪ تيز ڪاتي کڻي آيو ۽ خوب مٽيءَ کي ابتا سبتا چهڪ ڏنائين. ٿوري وقت ۾ مريض بالڪل چاق ۽ نوبنو ٿي پيو. سوين ماڻهو وٽس دعا لاءِ ايندا هئا، پر هو ڪنهن کان به پائي ڪين وٺندو هو. پڇاڙي جو ڪرمپور ۾ وڃي ويٺو، جتي قرآن مجيد جي حفظ لاءِ هڪ وڏو مڪتب کوليائين، ۽ ڪيترائي طالب وٽس تعليم وٺندا هئا. مان جڏهن ڪراچي کان ڳوٺ ويندوهوس، تڏهن کيس پيادل يا اٺ تي چڙهي ملڻ ويندو هوس، ۽ سندس رس ڀري صحبت مان گهڻو حظ حاصل ڪندو هوس.
قارئين ڪرام مونکي معاف ڪندا، جو پنهنجي حڪايت ڪندي وڃي جهاجهه ۾ پيس.”الحديث ذوشجون” مولودن ۽ معجزن سان گڏ مونکي ڪافين ۽ ڳالهين ٻڌڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هو. ابتدائي اسڪول واري ئي زماني ۾ گل خندان، امير حمزو، ممتاز دمساز، الف ليله و ليله، چهار درويش، گل بڪائولي ۽ خورشيد جهڙا ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئم.
ڪافيون اوستي محمد بچل جي دڪان تي ڳائبيون هيون. پاڻ کيسن اڻڻ ۾ ڀڙ هو. گنمبٽ ۽ نصرپور جا ڪاريگر سڀئي سنديس استادي مڃيندا هوا، اگرچه شهر جي ماڻهن يا خود سندس ڀاڻيجن کانئس اهو هنر نه پرايو. ان سان گڏ علم موسيقي جو به وڏو ماهر هو. يڪتارو ۽ مدم چڱيءَ طرح وڄائي سگهندو هو. وٽس طرح طرح جا ڳائڻا ۽ گويا ايندا هوا. ۽ سج لٿي کانپوءِ وٽس راڳ جي مجلس ٿيندي هئي. جنهن ۾ شهر جا راڳيندڙ جهڙوڪ اوستو محمد امين ۽ عيسو پخالي گاني لاءِ ۽ سندس يلغاري چلم مان وزم ڀرڻ لاءِ ڪٺا ٿيندا هوا.
خوب ڪچهري لڳندي هئي، ۽ مزيدار روحاني ڪافيون ۽ غزل ڳائڻ ۾ ايندا هوا جهڙوڪ:
1. عاشقن جون ازل کان پنهنجي يار سان لائون لڌيون
2. جي هجين عاشق، ته بر سر مينهن محبت جو وساءِ
3. دنيا ۾ دل جو مطلب، پورو ٿيو ته ڇا ٿيو؟
4. رخ تنهنجي روشن ڪيو جلوو ڪلام الله جو
5. رند روز شب آهن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق
اهڙي طرح مخدوم سنڌي سوائيءَ جي سترهينءَ تي عيسو پخالي ۽ ٻيا رات جي وقت دودي چنيسر ۽ سيف الملوڪ جو قصو ٿالهن ۽ دلن تي ڳائيندا هوا. ۽ ڏاڍي لئه لڳندي هئي. اهي سڀ واقعا من تي منقش اٿم. ڳالهيون ۽ آکاڻيون مامي عثمان کان ٻڌندو هوس. هو رات جو اسان جي پل ۾ جوئر جي ڪانن جي ڪتر هڻندو هو ۽ مان کيس ڪانا سوري ڏيندو ويندو هوس. ۽ پاڻ قصو کڻندو هو. اهڙي طرح الف ليله وليله جا ڪيترا قصه جهڙو ملڪ عجيب، علاءُ الدين، علي بابا ۽ چاليهه چور وغيره چاچي عباس جي والده مائي فاطمه کان ٻڌم. جا هڪ نهايت سنجيده متقڻ، وڏ گهراڻي عورت هئي. سندس وڏو ڀاءُ قاضي ميان عبدالرحمان صاحب پنهنجي تحرير نويسيءَ ڪري آسپاس ۾ مشهور هو ۽ اکر اهڙا هوندا هئس جهڙا موتيءَ جا داڻا، سندس ڀيڻ ڏاڏي قاضياڻي حاجياڻي مائي حوا پنهنجي پرهيز ۽ تقويٰ جي ڪري عام ۽ خاص جو مرجع هئي ۽ ننڍا وڏا سنديس عزت ڪندا هئا.

اوٽر پيم اپار، هينڙو لٽ لٽي ويو
هئا هنياريءَ وچ ۾، پريم تنهنجا پار
ڪيم ڪين سنڀار، هي پڻ وهه وهي ويو

ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ هوس (1912ع ۾) ته ڪاميٽي امتحان جي خانگيءَ طرح تياري ڪري ورتم. فقط پئماشي حساب پياري ڳوٺ واري ماستر محمد ادريس کان سکندو هوس. ڊي پي. آءِ واري زماني ۾ ماستر ممدوح کي دادو ضلع ۾ سپروائيزر (مفتش) مقرر ڪيم، پر بيڪار ثابت ٿيڻ ڪري کيس پوئتي هٽائڻو پيو، جنهن جو گهڻو ارمان اٿم. فرض ادائيءَ ۾ اهڙو سانگو اجايو آهي. سڄي لاڙڪاڻي ضلع ۾ مٿاهون نمبر آيس.
ٽئين درجي پاس ڪرڻ بعد، چوٿين درجي ۾ ويٺس جو خود هيڊ ماستر صاحب پاڙهيندو هو. سندس نالو ديوان ڀانونداس راءِ سنگهاڻي هو. نهايت لائق پر ڪرڙو انسان هو. مارڻو به هڪ هو ۽ اسڪول جا سڀ شاگرد کائنس ڪٺو کائيندا هوا. مونکي تمام ڀائيندو هو ڇاڪاڻ ته مان سڀني شاگردن ۾ برک هوس ۽ ڪڏهن به پهريون هٿان نه ڇڏيم. منهنجو دوست ڪيول موٽواڻي جو مونکي بعضي پيسي جي به از خود ڏيندو هو ۽ تمام هوشيار هو، ۽ انهيءَ ڪچيءَ اوستا ۾ انگريزي ۾ وڏا پسٽڪ پڙهندو هو ۽ جو هينئر ڊاڪٽر ڪيولرام موٽواڻيءَ جي نالي مشهور ٿياسافي جو پوئلڳ، ڪولمبو ۾ وڏي عهدي تي آهي سو به مونکي پڄي نه سگهيو.
اسان جي مسڪيني ايتريءَ حد تي پهتل هئي جو چوٿين درجي جي ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ مونکي موڪل جي وقت طغاريون ڍوئڻيون پيون، پر ڪنهن جي اڳيان محتاجيءَ جو هٿ ڪين ٽنگيم. ڪي ڪتاب ته پنهنجي هٿ پاڻ لکيم. جهڙوڪ ولڪنسن آلجبرا جو پهريون حصو ۽ گاڊ فري سڊنس جي جاميٽريءَ جو استعمالي پهريون حصو، جي پوءِ منهنجا سنگتي مون کان وٺي ويا. باوجود ايترين تڪليفن جي پنهنجي پڙهڻ کي چهٽيو رهيس ۽ ڪڏهن به دل شڪستو نه ٿيس.
اسڪولي نموني جي فارسي چوٿين درجي کان شروع ٿي ۽ بادستور صرف ۽ نحو جي قاعدن موجب حڪايات لطيف جو ڪتاب جديد نموني ۾ پڙهيو ويو جنهن هيڪاري سون تي سهاڳ جو ڪم ڏنو ۽ آئنده جي اڀياس جو پختو پايو ٻڌو، تنهن هوندي به پراڻي طريقي موافق گلستان ۽ بوستان انهيءَ سال ۾ پڙهي ويس.
هيڊ ماستر صاحب کي يقين هو ته مان ضرور چوٿين درجي ۾ به اڳ وانگر پهريون نمبر ايندس، ليڪن فقط هن ڳالهه جو هو، سال پوري ڪرڻ بعد مبادا منهنجي تعليم ختم نه ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته مونکي مٿي پڙهڻ جي وسعت ڪان هئي، ان وقت ضلع اندر لاڙڪاڻو مدرسو ئي هو جنهن ۾ هڪ مسلمان ڇوڪرو تعليم وٺي سگهيو ٿي، پر اهو مدرسو خاص زميندار طبقي ۽ وڏن ماڻهن جي ڇوڪرن جي تعليم لاءِ مخصوص هو. اتي هڪ غريب هاريءَ جي ٻار جو پهچڻ مشڪل هو.هيڊ ماستر دل نه هاري چيو ته هڪ انگريزي ۾ سٺن اکرن سان درخواست لک ته اها وڏي سفارش سان لاڙڪاڻي ضلع جي ڪليڪٽر ڏانهن ڏياري موڪليان، ڇاڪاڻ جو اهو صاحب مدرسي جي بورڊ جو به پريزيڊنٽ هو، ۽ گورا صاحبلوڪ مسلمانن جي تعليم ۾ گهڻو بهرو وٺندا هوا.
مون هڪل درخواست سهڻي ۽ سوزناڪ انگريزي ۾ لکي ورتي جا هيڊ ماستر صاحب زبردست سفارش سان ڪليڪٽر ڏي رواني ڪئي. آسرو گهڻو ڪونه ٿي ڏٺو پر الله ۾ اميد وڏيائي هئي:
ما کار خويش رايخداوند کارساز
سپر ديم، که کرم اوجها کند

سال 1913ع پوري ٿيڻ تي مان چوٿين درجي انگريزي درجي جي آخري امتحان مان نهايت ڪاميابيءَ سان پار پيس، ته رب جي لطف سان لاڙڪاڻي مدرسي ۾ فري بورڊشپ جو آرڊر به اچي مليو. اهڙي خوشي ٿيم، جو ڪپڙن ۾ نه پيو ماپان ۽ يڪدم تياري جي ڦڙڦوٽ ۾ لڳي ويس.