شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

5. لاڙڪاڻي مدرسي وارو زمانو

مرحوم نيڪ محمد صاحب هڪ نهايت قابل ماڻهو هو. ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان پاس ڪئي هوائين. فارسيءَ ۾ گهڻو درڪ هوس ۽ انگريزي پڻ عاليشان ڳالهائيندو هو. شيڪسپيئر ۽ ٻين انگريزي شاعرن جو ڪلام گهڻي قدر ياد هوس ۽ نثر توڙي نظم جا فقرا برزبان فرفر ڪري پڙهي ويندو هو ۽ اسان کي لکائيندو هو.فارسي شعرن مان هي بيت اڃا تائين ياد اٿم:
کاتب قدرت دوسطر ابروانت کج نگاشت
يا زحيرت دست او لرزيد يا مسطر نداشت

شڪل ۽ شباهت ۾مهذب، پر عادتن جو ڇيڳرو هوندو هو.گلاب جي گلن سان ڏاڍي دل هوندي هيس. هڪ گل ڪوٽ جي ڦڙڪي جي سوارخ ۾ هوندو هوس ته ٻيو هٿ ۾ هوس، جنهنکي بار بار پيو سنگهندو هو. مان لاڙڪاڻي مان پنجون درجو پورو ڪري ويس، تنهن کانپوءِ معلوم ٿيم ته مجازي محبت ۾ ڦاٿل هو، ليڪن مجازيءَ جي پل لنگهي اڃا حقيقي تي پهتو ئي ڪين هو ته عشق نهوڙي نيس ۽ پنهنجي جواني پاڻ سان وٺي ويو. مولا تعاليٰ شال مرهيس.
ماريندءِ مجاز، گهڻي ٿوري ڏينهڙين،
هٿان ڇڏم باز، هاري حقيقت جو.

مسٽر نواز علي “نياز” هڪ قابل قدر استاد هو. قطع وضع ۾ صاف سٿرو هوندو هو. اگرچه مونکي پڙهايائين ڪونه پر مون تي گهڻو راز هوندو هوس ۽ پنهنجي خاص ڪتب خاني مان سٺا سٺا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هوم. اڃا تائين سندس اها پراڻي شفقت هلندي اچي. بحر ۽ قافيي تي ٻڌل شعر ٺاهڻ ۾ ماهر آهي. رب تعاليٰ شل ڏينهن ڏئيس.
مطلب ته مدرسي ۾ داخل ٿيڻ بعد ٿورن ئي ڏينهن ۾ مدرسي جا شاگرد توڙي ماستر منهنجي هوشياريءَ تي موهت ٿي پيا ۽ بورڊنگ ۾ رهندڙ اڪثر زميندارن جا ٻار مون کان انگريزي سکندا هوا. محترم محمد ايوب کهڙوپنهنجي اوطاق تي رهندو هو. ان سان منهنجي گهڻي لهه وچڙ ڪانه هوندي هئي ليڪن هو مون کي پري کان عزت ۽ پيار سان ڏسندو هو. سندس اها دلي محبت ۽ شفقت اڃا هلندي اچي. مون سان سندس مهرباني ۽ رغبت اڳي کان به اڳري آهي. ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ساڻس گرندو ڀوندو آهيان ۽ بعضي بعضي ته تلخيءَ سان سچ چوندو آهيانس پر پاڻ مون سان ڪڏهن به کهرو نه پيو آهي. جڏهين به کيس ملڻ ويندو آهيان تڏهن ٻيا ڪم ڇڏي به مونکي هڪدم پاڻ وٽ گهرائيندو آهي ۽ جيڪي به چوندو آهيانس تنهن کان ڪنڌ نه ڪڍائيندو آهي. هڪ دفعي سندس ۽ قاضي فضل الله جي وچ ۾ رقابت هئڻ سبب هڪ سياسي نظم ۾ هئن لکيم
وزارت جي وني آهي ڏاڍي ڏائڻ ڏنگي ڏندري
مگر ناهي صبر ذرڙو ادي ايوب ثاني کي

ڪن ڇيڻي ڀورن اهو شعر وڃي کيس ڏيکاريو پر پاڻ ڪجهه به نه ڪڇيائين۽ نڪي مونسان ان جي شڪايت ڪيائين.شل رب العزت کيس مادر وطن جي عزت برقرار رکڻ ۽ ان جي استقلال حاصل ڪرڻ جي جرائت بخشيس ۽ دنيا جي ظاهري مرتبي جي لوڀ لالچ کان برطرف رکيس.
ليڪن منهنجو خاص انس مرحوم الله بخش شيخ ۽ غلام حسين ڦل سان هو. جي منهنجا همدرد به هوا.
انهن زمينداري فرزندن جا والد به مونتي گهڻا مشفق ۽ مهربان هوندا هوا. هو وڏي ڏيا ۽ حشمت جا صاحب هوا. منجهائن شرافت ۽ وڏ ماڻهپائي پئي بکندي هئي. مطلب ته هر عزت ۽ احترام جا لائق هوا. هيٺين صاحبن جو خاص مون تي مهربانيءَ جو هٿ هوندو هو.
(1) مرحوم قائم خان شيخ
(2) مرحوم ڀائي خان ڦل
(3) مرحوم شاهه محمد خان کهڙو
(4) مرحوم شاهه محمد لاهوري
(5) مرحوم الله بخش ٻگهيو
(6) وڏيرو غالم قادر انڙ
(7) شاهنواز خان ڀٽو
مدرسي جي بورڊنگ هائوس جو ناظم مولوي عبدالڪريم صاحب ڀٽو مونکي ازحد پيار ڪندو هو ۽ پنهنجي پٽن عبدالغفور ۽ عبدالمجيد جهڙو ڪري ليکندو هو. اڪثر پاڻ سان ڳوٺ وٺي ويندو هوم. منهنجو فارسي سان چاهه ڏسي. مونکي يوسف زليخا پاڙهڻ شروع ڪيائين. سر تمام مٺو هوندو هوس ۽ ٻئي ڄڻا الحان سان گڏجي پڙهندا هواسين. ڏاڍو رس ايندو هو. هو مسجد جو پڻ امام هو ۽ سڀني بورڊرن کي پنج ئي وقت نماز جا پڙهائيندو هو. صبح جو يا عشاء جي نماز بعد باقاعدي دعائن سان گڏ سوره الملڪ (تبارڪ الذي بيده الملڪ) ٿورو ڏاڍيان پڙهندو هو جا مونکي ٻڌي ٻڌي ياد ٿي وئي ۽ هينئر آئون هميشه صبح جي نماز بعد پڙهندو آهيان ۽ سندس روح بر فتوح تي رحمتون موڪليندو آهيان. ضابطو به سٺو رکڻ ايندو هوس ۽ سڀ شاگرد سنديس مڃتا ۾ رهندا هوا. عجب انسان هو
احب الصالحين ولست منهم لعل الله يرزقني صلاحا
هڪ دفعي لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر مسٽر هاٽسن صاحب پرنسپال صاحب جي آفيس ۾ آيو.مان جو طوطن جي وچ ۾ ڪانگ هوس، سو مونکي ڏسڻ لاءِ گهرائي ورتائين. سوالن جا جواب ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ قاضي جان محمد صاحب کي حڪم ڪيائين ته مونکي ڪپڙا ۽ ڪتاب جلد ڏياريا وڃن. انهيءَ اختصاص جي ڪري پاڻ شاگردن ۾ منهنجو رسوخ وڌي ويو ۽ سڀئي اڳئين کان به وڌيڪ مونکي چاهڻ لڳا.
بورڊر سڀئي زميندارن جا فرزند هوا، تنهنڪري ماني نهايت سٺي ملندي هئي. رات ڏينهن ٻوڙ پلاءُ جام ملندو هو. مولوي عبدالڪريم صاحب ٽئي چار ئي وقت ميز جي مهڙ تي وهندو هئو ۽ سڀئي فضيلت سان کائي اٿندا هوا. نشست برخاست جا دستور سڀ اتي سکيا هواسين. هڪ دفعي قاضي صاحب اوچتو معائني لاءِ آيو. سڀني شاگردن “مچ مچ” ڪري پئي کاڌو اڻ سڌي طرح چيائين ته هتي ڪي ڪتا آيا ٿا ڏسجين سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ چيائون ته هتي ڪي ڪتا ڪون آيا آهن. پاڻ فرمايائون ته “تڏهين هي مچڪو وري ڇا جو آهي؟ سڀ سمجهي ويا ۽ آئنده سڀئي چپ ڀيڙي کائيندا هئا، مان ننڍي هوندي کان گوشت نه کائيندو هوس، جو هڪ دفعي پنهنجي عزيزن ابوالحسن ۽ جمن جي طهر تي دنبي جي گگرين کائڻ ڪري دل خراب ٿي پئي ۽ پوءِ گوشت کائڻ ڇڏي ڏنم جنهن ڪري مونکي مائٽ چوندا ئي هئا ٻانڀڻ. هڪ دفعي پنهنجي پالتو ٻڪريءَ کي آڦري ٿيڻ تي سير وڌيم پر مٽڪي تائين ڪاتي نه پهتي ۽ ٻڪري مردار ٿي وئي. ڪڪڙ کي به شايد هڪ دفعو تڪبير وڌي هونديم پر ٻئي ڀيرا ايتري قدر ارمان ٿيم جو سڏڪا ڀري روئڻ لڳس. انهيءَ ڪري اڄ تائين گوشت کان نفرت هوندي اٿم پر لاچار کائيندو آهيان. مدرسن ۾ ته گوشت جي بازي هئي سو مان به زميندارن جي پٽن وانگي مانس آ هاري ٿي پيس.
زمينداري ٻچا ۽ رياضي علوم، کوڙوئي نه لڳي سو لاڙڪاڻي مدرسي ۾ حسابن ۽ ڏيهي ليکي کانسواءِ الجبرا ۽ اقليدس نه سيکاريا ويندا هوا. مون الجبرا لاءِ “ولڪنس آلجبرا” جوٻيو حصو ۽ “گاڊ فري سڊني جاميٽري” جو ڪتاب حاصل ڪيا ۽ اهي ئي پاڻيهي پڙهڻ لڳس. اقليدس جا 48 سڌيان اڳئي پڙهيل هئم باقي مثال سڀئي مفتاه جي مدد سان حل ڪري ڇڏيم. الجبرا پڻ پاڻهي ڪندو هوس پر جيڪڏهن ڪا مشڪلات پيش ايندي هئم ته لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول جي هيڊماستر مسٽر ڪوڏو سنگ وٽ ويندو هوس جو پڻ مونکي گهڻو ڀائيندو هو. مطلب ته هاءِ اسڪول جي معيار موجب سڀئي پنجين درجي جا ڪم پورا ڪري ڇڏيم. انهي لاءِ ته آئنده جي ترقي ۾ رخنو نه پوي. باقي لاڙڪاڻي مدرسي ۾ سنڌي جو معيار تمام بلند هو. اسان کي مرحوم قليچ بيگ صاحب جو مقالات الحڪمت پڙهايو ويندو هو جو “بيڪنس ايسيز” جو نهايت عمدو ترجمو آهي. وري جو مرزا صاحب جو مناسب هنڌن تي فارسي شعر جا عمدا مثال منجهس وڌا آهن تن انهيءَترجمي جي قيمت دوبالا ڪري ڇڏي آهي. فارسيءَ ۾”صد حڪايت” پاڙهي ويندي هئي جنهن مان هيٺيان بيت اڃا ياد اٿم:
1. چوب تر را چنانکہ خواهي پيچ
نشود خشک بجز آتش راست

2. خورش بده بد دراج و کبک و حمام
ڪه روزي بيفند هماي بدام
3.دل شکستن بد ترين جرمهاست
زانکہ دل منظور انظار خداست

اهي ٽيئي بيت منهنجي زندگيءَ جو نصب العين ٿي رهيا آهن.

لاڙڪاڻي مدرسي وارو عرصو نهايت آرام ۽ فرحت ۾ گذريو. جمعه ۽ آچر ڏينهن شهر يا پسگردائيءَ ۾ نزهت (تفريح) لاءِ گڏ يا جدا جدا ويندا هواسين. شهر ۾ بعضي سرائي شاهه محمد لاهوتيءَ جي باغ ۽ بنگلي تي ۽ بعضي گهاڙ واهه جي ڪپ تي نزهت لاءِ وڃبو هو يا بعضي سيئو بازار ۾ ضروري شين جي خريد لاءِ وڃڻ ٿيندو هو. بعضي وري غلام محمد صاحب وڪيل ۽ صوبيدار نبي بخش جي بنگلن تي ويندا هواسين جي صاحب شاگردن کي گهڻو ڀائيندا ۽ گهڻي خاطري ڪندا هوا. لاڙڪاڻي جو شهر انهن ڏينهن ۾ تمام برسيل ۽ چهچٽي دار هوندو هو. وڏن ڏڻن تي وري پنهنجن دوستن سان گڏجي سندن ڳوٺن ۾ ويندو هوس. اهڙيءَ طرح عاقل، ڦل، آباد ۽ شيخ قائم خان جو ڳوٺ سڀ گهمي ڏٺا هئم.
وڪيشن تي ڳوٺ ايندو هوس ۽ گهر جي ڪم ڪار، گاهه پٺي ۽ پاڻي ڀرڻ سان گڏ پنهنجي اڀياس ۾ مشغول هوندو هوس. پهرينءَ اونهاري واري وڪيشن ۾ جئن رات جو ڇڏ تي ستو پيو هوس تينءَ هڪ عجيب خواب ڏٺم. ڇا ٿو ڏسان ته قيامت برپا آهي مئا قبرن مان ائين پيا اٿن جيئن ماکيءَ جون مکيون ماناري مان، سج چنڊ تارا سڀ تي پيا ڪرن ۽ هر هنڌ نفسي نفسي لڳي پئي آهي. انهيءَ خواب جو تعبير پنهنجي مرحوم دوست پروفيسرظهورالدين احمد کان ٻڌايم جنهن اهو پنهنجي انگريزي ڪتاب “خوابن جي نفسيات” ۾ درج ڪيو آهي ۽ ڏياکريو اٿس ته جيڪو ماڻهو قيامت جو خواب ڏسندو آهي سو وڏي مرتبي کي پهچندو آهي. بهرحال انهيءَ وقت ته مون انهيءَ خواب جو وهڃاڻو ڪونه وجهايو پر اها ڳالهه سچي آهي ته
ساليکه نيکوست از بهارش پيدا ست
ٻئي ٽرم جي شروع ۾ پهرين عالمگير جنگ شروع ٿي جنهن ڪري ساري ملڪ ۾ٿرٿلو پئجي ويو. تنهن هوندي به ان جو ايترو خراب اثر نه پيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ملڪن ۾ باهمي آمد رفت جا ذريعا ايترا گهاٽا نه هوا اگرچه ترڪيءَ جي جنگ ۾ گهڙڻ ڪري مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪري ڏني ۽ منجهن وڏو هيجان پيدا ٿيو.
قاضي صاحب جي وڃڻ کانپوءِ مرحوم عبدالغني چوڌري سنڌ مدرسي مان بدلي ٿي لاڙڪاڻي مدرسي جو پرنسپال مقرر ٿيو. تمام ڪرڙو ۽ تند مزاج هو ۽ شاگردن توڙي پٽيوالن کي ڏاڍيون مارون چاڙهيندو هو. سندس اچڻ کانپوءِ زميندار ڇوڪرن پنهنجي روءِ سوءِ سندس اجازت بغير فوٽي ڪڍائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ مونکي به سنبرائي پنهنجي وچ ۾ بيهاريائون. ٻئي ڏينهن جو مسٽر عبدالغني کي خبر پئي سو ڏاڍو ڪاوڙيو. سڀني ڇوڪرن کي سخت ڦيهه ڪڍيائين ۽ مونکي به ڪلاس ۾ جهلي جي رسي وهائي ڪڍيائين پر پوءِ منهنجي هوشياري ڏسي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيس ۽ آئنده لاءِ مونکي تمام گهڻو ڀائيندو هو ۽ پڻ مونکي حسابن جي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته هو رياضي دان ۽ سائنسدان هو. 1911ع ۾ جڏهن اتفاق سان سنڌ مدرسي ۾ آيو تڏهين مونکي ستين درجي ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جاميٽريءَ جو وارو هو، سو شاگردن کان هي سوال پڇيائين ته “جيڪڏهن ٽڪنڊي جي ڪنڊ کي اڌ ڪندڙ ليڪن جي ڊيگهه معلوم هجي ته ٽڪنڊو ڪيئن ٺاهجي؟” سڀ ائين ڪڇن جيئن ڀت تنهن تي مون هيڏانهن هوڏانهن نهاري هٿ مٿي ڪيو چيائين ته “ بس بس هي ته منهنجو شاگرد آهي.”
انهن ڏينهن ۾ اسڪولي درجا ڊسمبر ۾ مٽبا هوا ۽ نئون سال جنوري کان شروع ٿيندو هو.سو ٻئي ٽرم جي دوران ۾ هي فڪر اچي دامنگير ٿيم ته ڇهون درجو ڪٿي ۽ ڪيئن پڙهبو. سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي جي پرنسپال کي فري بورڊري جي درخواست ڪري ڇڏي هيم پر جواب ڪونه آيو هو. حالتون مايوسي جهڙيون هيون، پر ان مهل مالڪ تعاليٰ اڙين جي آڌار۽ بي واهرن جو واهرو جو تڪيو هوم، ۽ دل کي آٿت ڏيندو ٿي آيس.
هان! مشو نويد چون واقف نه اي ازسر غيب
باشد اندر پرده بازيهاي پنهان غم مخور

۽ پڻ لاثاني شاعر شاهه لطيف جو بيت نظر ۾ هوم:
هل اميدان اڳ ۾ ناميدي نيج
هاڙي ڌڻي هيج، آهي آزارين سين

عين انهيءَ وقت حاجي محمد ميمڻ سيوهاڻي نوشهري مدرسي کان بدلي ٿي ٿوري وقت لاءِ لاڙڪاڻي مدرسي جو پهريون نائب مقرر ٿي آيو. جو تن جو ڊگهو ۽ لوڪڙ ننڍي سونهاري رکندڙ، ڪرڪيٽ جو شوقين ۽ پاڙهڻ جو قابل هو. سندس والد صاحب جي اسان جي وڏن سان واقفيت هئي. منهنجو ذهن ۽ ذڪاءُ ڏسي منهنجي بي بسي ۽ بي ڪسي جون حالتون محسوس ڪري يڪدم نوشهري فيروز واري مدرسي جي پرنسپال (مرحوم) رئيس قاضي غلام نبي صاحب ڏي هڪ سفارش جو خط لکيائين ته مونکي مدرسي جي محمدن فنڊ مان در ماهو ٽي رپيا ملن ته باقي خرچ ڀري اتي ڇهين درجي ۾ داخل ٿيان. ٿوري ئي وقت ۾ جواب باصواب اچي ويو ۽ مان پنجين درجي جي امتحاني نتيجي ظاهر ٿيڻ بعد ٽپڙ کڻي ٽلٽيءَ راهي ٿيس.
در بيبان گر بشوق ڪعبہ خواهي زد قدم
سر زنشها گر کند خار مغيلان غم مخور