4. حياتي جو ٽيون دور : لاڙڪاڻي ڏي روانگي
پراڻا سراڻا ڪپڙا ۽ قدري ڪتاب پراڻي لوهي صندوق ۾ وجهي الله جي آس ڪري گاڏيءَ ۾ ويٺس. ٽن چئن ڪلاڪن اندر اچي لاڙڪاڻي ٺڪ ڪيم ۽ پڇائيندي پڇائيندي مدرسه الاسلام لاڙڪاڻي جي ديوارن اندر داخل ٿيس. زميندارن جا البيلا ۽ خوش پوشاڪ ڇوڪرا منهنجي اها اٻالي ۽ زوليده حالت ڏسي اچي کل ۾ ڇٽڪيا چي” هي رئيس به آيو آهي پڙهڻ.”
حقيقت ڪري هي پهريون مثال هو جو هڪ غريب هاري جو ٻار، لاڙڪاڻي مدرسي ۾ زميندارن جي ٻارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي تعليم وٺي ۽ ساڻن گڏ ساڳيءَ ميز تي ماني کائي. اها انهن لاءِ وڏي اهانت ۽ ذلت هئي جو هڪ لال ڀتوت ساڻن همسري ڪري. ان وقت مدرسي جو پرنسپال مرحوم قاضي جان محمد صاحب شڪارپوري هو جو پوءِ منهنجو زبردست همرفيق ٿيو ۽ جنهن کي آئون استاد جهڙي عزت ڏيندو هوس سو مونکي ٻڌائيندو هو ته جڏهن منهنجي درخواست مدرسي جي بورڊ وٽ فري بورڊريءَ لاءِ پيش ٿي، تڏهن سڀني زميندار ميمبرن ان جي سخت مخالفت ڪئي چي “ هي غريباڻو ٻار اسان جي اوچي اولاد سان گڏ وهندو ۽ ان ۾ اسان جي شان جي گهٽتائي ٿيندي.” ڪليڪٽر هاسٽن صاحب جنهن کي منهنجي درخواست جي انگريزي ۽ اکر وڻي ويا هوا تنهن منهنجي زور سان پٺڀرائي ڪئي ۽ ميمبرن کي تسلي ڏياريائين ته اهڙي هوشيار ۽ ذهين ڇوڪري جي مقابلي ۾ پاڻ اوهان جي ڇوڪرن کي رشڪ ايندي ۽ ممڪن آهي ته اهي پڻ سنديس ذهانت ۽ هوشياري ڏسي سڌري پون.
بهرحال ٻئي ڏينهن پنجين درجي واري ڪلاس ۾ وڃي ويٺس. ڇوڪرا مونکي ڏسي هڪ ٻئي کي پيا اکين جا اشارا ڏين ۽ آستين اندر پيا کلن ۽ کچڪن. ڪلاس ماستر ميان سبحان علي شاهه مونکي مٿي کان وٺي پيرن تائين نهاري ڏٺو ۽ حيرت جو پتلو بنجي پيو. مڙس قداور،ڀورو، مٿي تي اڇو پٽڪو ۽ شهپر وڏا، نڪ چتونءَ چهنبو، سٿڻ جهولدار ڪرڙي اک سان ڏٺائين. سڀ سن کائي وڃي رهيا. آخر پهرئين گهنٽي جو سبق شروع ٿيو. منهنجي انگريزي ۾ قرات ٻڌي سڀئي حيران ٿي ويا. اگرچه اهو ڪتاب منهنجي اڳ جو پڙهيل نه هو. سوال جواب هليو، لفظن جون هجائون پڇيون ويون، جن ۾ آئون سڀني کان ڪثر کڻي ويس ۽ انهيءَ ساعت ۾ پهريون نمبر ٿي ويٺس. سڀني جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ماستر صاحب جي ارشاد تي يڪدم چندو ٿي ويو ۽ مون لاءِ سٺا ڪپڙا ٺهرايا ويا ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ مان هڪ دهقاني شاگرد مان ڦري شهري ٿي پيس.
پنجين درجي ۾ چڱا شاگرد هئا. مونکي مرحوم شيخ الله بخش ۽ عزيزم غلام حسين ڦل جي سنگت وڻندي هئي. ڦل صاحب سان اها اڳوڻي آشنائي ۽ محبت اڃا هلندي اچي ڇاڪاڻ ته هو اصل کان سهڻن اخلاقن جو مجموعو آهي. سندس نهٺائي ، هوشياري ۽ شيرين زباني منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويئي. هو پڻ هاڻ مون وانگر فارغ البال ٿي ويٺو آهي ليڪن اڄ به سندس مرڪندڙ منهن ۽ دلپذير مرڪ اندر جي ڦرهيءَ تي اڪريل اٿم. نوڪريءَ جو سارو زمانوشرافت، ايمانداريءَ، پاڪدامني بي ريائيءَ سان گذاريائين ۽ ڪنهن جي چيڙهه کي به ويجهو نه ويو. خوشامد برآمد کان پري هو. ۽ سڀ ڪنهن کي سچي ڳالهه چئي ڏيندو هو. افسوس جو پاڪستان جي ظهور بعد حڪومت جي ڪاربردارن سندس قدر نه ڪيو (ايمانداريءَ جو قدر ڪٿي آهي؟) ۽ کيس ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان قبل از وقت پينشن وٺڻي پئي. مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب جي هڪ مشهور غزل جو بند ٿو ياد پوي!
دغا بازن دغابازي، چغل خورن تي سڀ راضي
تڙين جي آهه اڄ تازي، عجب هي دور آيو آ
انهي وقت کهڙو محمد ايوب صاحب ٽئين درجي ۾ هو، جنهن کي مسٽر نواز علي “نياز” خاص طور پاڙهيندو هو. عزيزم غلام رسول ڪيهر ۽ مرحوم سردار واحد بخش خان ڀٽو چوٿين درجي ۾ هوا. انهي زماني جو قديم فوٽو اڃا تائين مون وٽ موجود آهي، جنهن ۾ سڀني سان گڏ بيٺو آهيان ۽ انهيءَ زماني جا فارسي ۾ مسٽر نيڪ محمد کان سکيل بيت اڃا تائين ياد اٿم.
تصوير احبان مرا هردم نشاني ميدهد
آنزمان کاندر ميان بوديم خوش بايکدگر
آنگہ زمان کج روش شيشه وصل را بشکند
تا نباشد غير ازين مارا نساني در نظر