شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

• پهريون ضميمو : مرحوم شمس العلماءڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جي زندگي جون مختلف منزلون

سبک زجائي نگيري کہ بس گران گهر است
متاع من کہ نصيبش مباد ارزاني!

“لائق استادن جي نورِ نظر هيٺ منهنجي زندگي به عجيب ٿي پئي محنتي، ۽ سخت ڪوش ته اصل کان هوس، پر مدرسي منهنجي انهيءَ وصف کي وڌيڪ مهميز ڏني. ڪوٽوال صاحب جو رويو هوندو هو ته هوشيار شاگردن کي آزاد ڇڏيندو هو ته ڀل حساب، الجبرا ۽ جاميٽري پنهنجي روءِ سوءِ ڪن. انهي ڪري سواءِ گهڻي رهبري جي مون ڇهين درجي جو نصاب ختم ڪري ڇڏيو. حياتيءَ جو هڪڙو دم به اجيوخرچ نه ڪيم، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ ۾ پنهنجو وقت نه وڇايم. خوامخواه ٽوٽيائي ڪري خدا تي توڪل ڪانه رکم، بلڪه واجبي آرام ۽ راحت بعد هڪ گهڙي به بيڪاريءَ ۾ نه گذاريم”
از توکل در سبب کاهل مشو
رمز “الکسب حبيب الله” شنو
گر توکل ميکني دو کار کن
کسب کن پس تکيہ بر جبار کن
(مرحوم دائود پوٽا)

مرحوم شمس العلماءڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه جي زندگي جون مختلف منزلون

مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. هي عالم ، اديب ، فاضل ۽ محقق، پنهنجي عالمانه انداز ۽ محققانه محنتن سان نه رڳو سنڌ ۽ هند، بلڪه پوري مشرق جي ادبي دنيا ۾ جو نالو ڪڍيو هو، ان لاءِ سندس تصنيفات ۽ تحقيقات پنهنجي پر خاموش زوردارزبانيءَ سان شهادت ڏيئي رهيون آهن. هونئن ته سندس حاصل ڪيل علم وفضل سڀني ادبي راهگيرن لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکن ٿا، مگر جنهن خصوصيت مرحوم کي نهايت نمايان ڪيو هو. اها هئي سندس مالي طرح اهڙي طبقي سان وابستگيء جنهن ۾ عام طرح پنهنجي تعليم جاري نه رکڻ لاءِ غربت کي ذميوار ٺهرايو ويندو آهي ۽ اڻ هوند کي عذر قرار ڏيئي پنهنجي بي همتيءَ کي بچايو ويندو آهي. هو جنهن غريب خاندان جو فرد هو ۽ جنهن مايوس ڪن ماحول ۾ پنهنجي تعليم جاري رکي، مالي طرح جن مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو، مگر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي” من جدو جد” واري قول تي ڪاربند رهي، جي علمي منزلون ۽ منصب حاصل ڪيا ۽ جي ڪٺن ڪشالا ڪڍي، سور سهي بين لاءِ جنهن معياري مثال ۽ قابل تقليد حياتي کي تشڪيل ڏئي، اهي سڀ ڳالهيون غريب طبقي جي شاگردن جي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي آهن. اهي انهن جي اونداهي عالم ۾ سدا روشنيءَ جا مانند آهن، انهن جي سياه زندگيءَ ۾ اميد جي جهلڪ واري معنيٰ رکن ٿيون. انهن جي منجهيل منزلن تي راهگيري جا راز آهن، انهن جي پست همتيءَ ۾ “همت مرادن مدد خدا” واري قول جو ڪم ڏين ٿيون، “لاتقنطوا من رحمة الله” ۾ ايمان آڻ لاءِ آماده ڪن ٿيون ۽ سستي واري وقت ڀٽائي جي هن بيت تي فقط فقط تقويت ڏين ٿيون ته:
“تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهي پرينءَ جو”

ايڏا سهڻا سبق ۽ ناياب نصيحتون هن شخص جي زندگيءَ ۾ ملن ٿا، جن جي يادگيريءَ لاءِ مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي علمي منزلن ۽ ماڻيل منصبن جو مختصر خاڪو هيٺ ڏنو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت متنبي جي هن شعر ۾ پناهه وٺجي ٿي ته:
“ان في الموج الغريق لعذرا واضحا ان يفوتہ تعداده”
(ترجمو: بيشڪ ٻڏندڙ لاءِ موجن ۾ عذر آهي ته (تڪليف سان) انهن جو عدد ڇڏي ڏنو (ڳڻي نه سگهيو)
ولادت: ٽلٽي تعلقو سيوهڻ، ضلع لاڙڪاڻو (هاڻ دادو) پهرين جون 1897ع (سرڪاري دفتر موجب) نه ته صحيح 25 مارچ 1896ع.
ابتدائي تعيلم: سنڌي اسڪول ٽلٽي 1902ع کان 1910ع تائين
ابتدائي انگريزي تعليم اي وي اسڪول ٽلٽي
ثانوي تعليم: مدرسو لاڙڪاڻو 1914ع
مدرسه: نوشهر فيروز 1915ع
سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي 1915ع کان 1917ع جتان مئٽرڪ نهايت شاندار ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين ۽ ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر اچي سنڌ ايگزيبيشن پرائيز کٽيائين (1917ع)
اعليٰ تعليم: ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا (1917ع) سڄي سنڌ ۾ بي اي فارسي سان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين جنهنڪري ڪاليج جي ڊڪشنا فيلوشپ سٺ روپيه ماهوار مليس (1921ع) سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ ايم اي جو امتحان پهريون نمبر فرسٽ ڊويزن پاس ڪيائين ۽ چانسلر ميڊل کٽيائين (1923ع)
هي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ وڏي ۾ وڏو اعزاز سمجهيو ويندو آهي. جو هن وقت تائين ٻئي ڪنهن سنڌي شاگرد کي حاصل نه ٿيو آهي. 1924ع ۾ هند سرڪار کان ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ اسڪالرشپ ملڻ ڪري انگلينڊ ويو، جتي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ايمونيل ڪاليج ۾ داخل ٿيو. اتي مسلسل ٽي سال رهي نهايت محنت ۽ تجسس سان پنهنجو محققانه مقالو
The influence of Arabic Poetry on Persian poetry
پيش ڪري پي ايچ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌ ۾ مرحوم علامه دائودپوٽه پهريون پي ايچ ڊي آهي ۽ ٻين سنڌين کانئس پوءِ پي ايچ ڊي جو امتحان پاس ڪيو. (1924ع کان 1927ع )
ولايت کان واپسي: سيپٽمبر 1927ع
ملازمت: پرنسپال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي 1927ع کان 1930ع تائين.)
ٽن سالن جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي جو تعليمي معيار بلند ڪيائين ۽ ان جي مالي حالت سڌاريائين. سندس وقت ۾ ڪيترن شاگردن بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڊويزن حاصل ڪيا. انهي کان سواءِ غريب شاگردن جي پرگهور لڌائين ۽ مدرسي جي شاگردن ۾ عربي ادب جو شوق جاڳايائين.
عربي پروفيسر: اسماعيل ڪاليج انڌيري بمبئي (فرسٽ ڪلاس ايڊوڪيشنل سروس) 1930ع کان 1939ع) بمبئي جي دوارن قيام ۾ نهايت محنت ۽ مشقت سان عربي۽ فارسي ٻولين جي خدمت ڪيائين. پنهنجي شاگردن ۽ اهل علم طبقن ۾ انهن ٻولين لاءِ شوق پيدا ڪيائين. بمبئي يونيورسٽي جي علمي حلقن ۾ پنهنجي علمي قابليت جو ڌاڪو ڄمايائين.
شمس العلماء مرحوم ڊاڪٽر صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين لاءِ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ انهيءَ ڪم ۾ نهايت گهڻي دلچسپي ورتائين.
Bombay University's Nominated ordinary fellow ٿيو (1928ع)
بمبئي جي پرسڪون علمي ماحول ۾ ڪيترا عربي، سنڌي ڪتاب تصنيف ڪيائين ۽ ترتيب ڏنائين. اڄ به بمبئي يونيورسٽيءَ جي رڪارڊ ۾ سنڌ جي فاضل جو نالو عزت ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي.
ڊي پي آءِ سنڌ: (1939ع کان 1950 ع تائين)
سڄن سارن يارهن سالن جو طويل عرصو “ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي اعليٰ عهدي تي فائز رهيو. ايترو عرصو ڪوبه مٿئين عهدي تي نه رهيو آهي. ان وقت ۾ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جون پوريون ذميواريون مرحوم جي ڪلهن تي هيون. مٿيون عهدو هن نهايت خوش اسلوبيءَ ۽ قابليت سان بنا خوشامد ۽ پاس خاطري جي نڀايو. انهيءَ عرصي ۾ سندس اڻ ٿڪ ڪوششن پنهنجي صوبي جي تعليمي ميدان ۾ گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۾ ابتدائي تعليم لازمي ٺهرائي ويئي ۽ ڪجهه وقت بالغن جي تعليم به جاري رهي. مرحوم علامه موصوف سنڌي جي تعليمي ترقي لاءِ سنڌ سرڪار کي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪيتريون ئي عملي رٿون پڻ ڏسيائين. ڊي پي آءِ واري زماني ڪن ماڻهن جي مخالفت هوندي به هو نهايت ڪامياب رهيو. ان لاءِ سندس شخصي انتظامي خوبيون ۽ عزم اراديت ذميوار آهن. هي هڪ تسليم شده حقيقت آهي ته کانئس پوءِ تعليمي کاتي ۾ هڪ خال محسوس ٿيڻ لڳو. جنهن کي هن وقت تائين ڪو به ڀري نه سگهيو آهي. مرحوم ڊاڪٽر صاحب ڊي پي آءِ جي عهده لاءِ زيب ۽ زينت هو ۽ نه ڪه مٿيون عهدو هن لاءِ باعث عزت هو، جيئن عام طرح ٿيندو آهي.
شمس العلماء (1940ع)
سرڪار سندس علمي خدمتن جوقدر ۽ علمي عظمت جو اعتراف ڪندي کيس 1940ع ۾ شمس العلماء (عالمن جو سج) جوخطاب ۽ خلعت بخشي، علامه مرحوم سنڌ جو چوٿون شمس العلماء آهي جنهن علمي خدمتن ذريعي اهو اعزاز حاصل ڪيو. سڄي سنڌ ۾ چار شمس العلماء ٿيا آهن هڪ پارسي ۽ ٽي مسلمان .

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبري (1950ع کان 1955ع )
هن جليل القدر عهدي جون ذمه واريون نهايت ايمانداريءَ ، ديانت داريءَ ۽ تندهيءَ سان بجا آندائين. انهيءَ سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي خدمتون لڳاتار ڪندو رهيو.
بيت الله جو حج ۽ اسلامي ملڪن جو سي و سفر(1955ع)
1955ع ۾ ڪجهه مهينن جي موڪل وٺي پنهنجي ڪٽنب سميت حج ۽ اسلامي ملڪن جوسفر ڪري خير ۽ سلامي سان موٽيو.
اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ممبري(1955ع کان 1956ع تائين)
ون يونٽ جي عمل ۾ اچڻ کانپوءِ علامه مرحوم اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن تي ممبر طور کنيو ويو. جنهن کي هڪ سال عرصو ڪاميابيءَ سان نڀائي، 1956ع ۾ پينشن ورتائين. تنهن کانپوءِ هو ڪراچي ۾ موٽي آيو ۽ وري پاڻ کي سرگرمين سان علمي ۽ ادبي خدمتن سان وابسته رکيائين.
لاهور جي دوران قيام ۾ هو پنجاب يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ اهم حصو وٺندو هو ۽ اتي جي اهل علم ۽ فضلاء کي پنهنجي علمي قابليت ۽ اعليٰ اخلاق جو قائل بڻايو.
سنڌي ادبي بورڊ جي ادبي “مخزن مهراڻ” جي ادارت ۽ شعبه تصنيف و تاليف جي نگراني:
رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ مرحوم علامه دائودپوٽه جون خدمتون سنڌ جي مشهور ادبي اداره سنڌي ادبي بورڊ جي شعبه تصنيف و تاليف ۽ ادارت مهراڻ رسالي رسالي لاءِ حاصل ڪيون ويون. هن پيرانه ساليءَ جي عمر ۾ به هو نهايت محنت ۽ مشقت سان علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
مرحوم علامه دائودپوٽه ڪيترن ملڪي ۽ غير ملڪي ثقافتي ادارن جو رڪن هو ۽ سنڌ لاءِ باعث ناز هو. هو مصر جي فواد يونيورسٽي جو مراسل ميمبر هو. پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر هو. سنڌ تاريخي سوسائٽي ۽ ٻين ڪيترن ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو سرگرم رڪن هو. هو سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي جو باني هو. ۽ انهيءَ سوسائٽي جي ڪم جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو. ٿورن لفظن ۾ هيئن چوڻ واجب ٿيندو ته “ڊاڪٽر صاحب مرحوم پاڻ هڪ انفرادي شخصيت کان بلند هڪ علمي ۽ ادبي تحريڪ يا علمي ادارو هو.”
پڇاڙي تائين جنهن جانفشاني ۽ محبت ڀريل محنت سان، هن ايمانداريءَ ۽ اخلاق جي مجسمي ، شاهه ڀٽائي جي رسالي تي پورهيو ڪيو، اهو يادگار رهندو. علمي عشق ۽ ادبي اوساٽ اهڙي هئس جو ڪتابن سان اڪثر وقت وهڻ جي باوجود دل نه پئي ڍاپيس. فيبروري 1958ع واري دل جي دوري کانپوءِ ڪيترن موقعن تي کيس هي چوندو ٻڌو ويو ته موت کان، في الحال، نجات شايد انڪري ملي آهي جو قدرت کي مون کان ڪو اهم ڪم وٺڻو آهي.، وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو ۽ هي “ ڪت به ڪنب به” واري اصول تي پنهنجي زندگي بسر ڪندڙ انسان،هڪ هڪ منٽ کي غنيمت ڄاڻندي پنهنجي ڪوششن کي تيز تر ڪندو ويو. ايتري قدر، جو روزانه ايندڙ دوست ۽ احباب، سندس جوانن واري جوش و خروش کي ڏسي حيرت ۾ پوندا هوا. آخر 19 نومبر 1958ع جو اهڙو ڏينهن به آيو جنهن ۾ پنهنجي هڪڙي دوست سان فون تي ڳالهائيندي نهايت اطمينان ۽ دلي صدق سان کيس هي چوندي ٻڌو ويو ته “منهنجي طبيعت ته درست آهي پر مان موت جي آجيان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته هن وقت وڃڻ تي مونکي افسوس ڪونه ٿيندو، مون کان جيڪي ٿي سگهيو ٿي سو مون ڪيو آهي.” شايد هن ساده ۽ صاف دل رکندڙ دائودپوٽي کي پنهنجي موت جي پيالي جا پرون پئجي ويا هئا ۽ انڪري ٿي اهڙي صاف گوئي(جا سندس عادت هئي) ۽ نهايت ستت ايندڙ واقعي جي خبر سندس پنهنجي واتان اعلان ٿي رهي هئي ان کانپوءِ ٽئين ڏينهن يعني 22 نومبر 1958ع تي، هن سنڌ جي محبوب ۽ مقبول شخص پنهنجي عزيزن، دوستن، شاگردن ۽ عقيدتمندن کي هميشه لاءِ الوداع چئي دائمي فراق جو غم ڏيئي راه رباني ورتي. (انا لله وانا اليہ راجعون)
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
هو، جي جيءَ کي جيارين. سي لاهوتي لڏي ويا

(عزيز الرحمان ٻگهيو)