شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

ڪتاب منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عالم ۽ اديب شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽا جي يادگيرين ۽ آتم ڪٿا تي مشتمل آهي..
Title Cover of book منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ننڍپڻ کان بي اي تائين )

11. بي اي جا ٻه سال

مدتي اين قصہ اي تاخير شد
مهلتي بايست تا خون شير شد

جئن مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي جو محرڪ مولانا حسام الدين هئو، تئن منهنجي رام ڪهاڻي جو باعث وري عبدالواحد صاحب سنڌي (ايڊيٽر نئين زندگي) آهي. جنهن جي ئي اصرار تي چند پريشان خيال هر مهيني آخري آچر تي قلم بند ڪندو آهيان. بعضي ته سنڌي صاحب جي الحاج ۽ تاڪيد هوندي به ناغو بڻجي ويندو آهي پر ڇا ڪجي؟
کليد قدر نيست در دست کس
تواناي مطلق خدا هست و بس

گذريل ڊسمبر تي آخري ڌاري اسلامي مذاڪري ۾ مشارڪت لاءِ لاهور وڃڻو پيو، جتان 10 تاريخ جنوري جي واپس آيس. مقدمه ابن خلدون جي انگريزي جي پروفن تصحيح ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارين ۾ سرتاپا مشغول رهيس، سوانح عمريءَ جي قسط لکي نه سگهيس. 25 تاريخ اوچتو دل جي هڪ خسيس نليءَ ۾ خون بستگيءَ ڪري مهينو کن بستري ۾ رهڻو پيو ۽ الله الله ڪندي اجل جي اري کان رهائي ملي. اڃا به طبيعت ۾ سخت نقاهت آهي ۽ لکڻ ۾ اچڪ ٿئي ٿي. بارالٰها تنهنجي نعمتن جو ڪيترو شڪرانو ڪجي! شايد هي جيئندان به ڪنهن ڪارگذاريءَ لاءِ آهي.
از دست و زبان کہ بر آيد
کز عهدء شکرش بدر آيد

پل پل ۾ سنديس مهربانيون نت نيون آهن. عاجز بندي کي ڪهڙي طاقت آهي، جو انهن جو ورنن ڪري:
هردمش بامن دلسو ختہ لطفي دگر ست
اين گدا بين کہ چه شايستهء انعام افتاد

ليڪن هي خود بينيءَ جو ٺڪر ڪيترو هلندو ۽ هن ديواني درياهه جون ڌمالون گهڻو وقت جهليندو؟ منهنجو حال ڀائي حسام الدين ، (عبدالواحد سنڌي) چوي ٿو ته اهو سڳو ضرور سوريو، پر بندي ۾ ڪهڙو ست جو ان کي توڙ تائين تائيندو رهي.
گفتي کہ چرا حال دل زار نه گوئي
من خود کند آعاز، به پايان کہ رساند

ليڪن پنهنجي دوست جي ارشاد جي عدولي کي عار سمجهي وري نئين سر هيءَ تند تنوار جي ٿي.
“گر قبول افتد زهي عز و شرف”

حکايت از قد آن يار دلنواز کنيم
باين فسانہ مگر عمر خود دراز کنيم

جون 1918ع جي ويهينءَ ڪاليج جي ٻئي سال ۾ داخل ٿياسين. مون منطق جي بدران رياضي کنئي. جنهن ڪنوار کي راضي رکڻ وڏو ڪٺن ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ کن جي غفلت ڪري جدائيءَ جو ڏاگهه ڏيو ڇڏي. منطق سان دل ڪانه هيم، جو اهو هڪ غير معين موضوع هو ۽ رياضي ۾ صحيح ڌڪولڳو ته سو في سيڪڙو مارڪون رکيون هونديون. ازانسواءِ قانون ۽ حقوق سان به ڪو چاهه ڪونه هوم، جنهن ڪري منطق کي ڇڏي ڏنم. اها عظيم غلطي هئي، جا هاڻ محسوس ڪري رهيو آهيان،هينئر فلسفي ۽ تصوف جي عشق ۾ ايتري قدر فاني آهيان جو ٻيو اڀياس واقئي نٿو اچي، اگرچه انگريزي شعر ۽ حافظ ، روميءَ ۽ شاهه سان ساڳيو ئي نينهن اٿم، پر منطق جي مدد کانسواءِ اهي فلسفي ۽ تصوف جا اکر واڳن جيان اڀري اڳيان وريو اچن ۽ منطق جون پيچيدگيون ۽ موشگافيون مغز ۾ ئي نٿيون ماپن. افسوس اهي جوانيءَ جون گهڙيون وري هٿ نه اينديون، جن ۾ هر ڪا ڏکي شيءِ آسان هئي:
نگہ دار فرصت کہ عالم دميست
دمي پيش دانا بہ از عالميست

پر جيڪو ٿيو، ان ۾ چڱائي هئي. ماضي تي افسوس ڪرڻ اجايو آهي، آئينده ۾ اعتبار ڪونهي، فقط حال جو ئي خيال رکڻ گهرجي ۽ جيڪي عمر مان رهيو کهيو آهي، تنهن مان ئي ڀرپور فائدو وٺجي.
در باب کہ عمر بس عزيز است
گر قوت شود دريغ باشد

هن سال جي شروعات ۾ مسلم شاگردن پروفيسر شاهاڻيءَ جي خلاف هڙتال ڪيو، جنهن جو سرڪردو مرحوم عبدالرحيم پيرزادو هو. سندن تقاضا هئي ته پروفيسر شاهاڻيءَ کي پرنسپاليءَ جي درجي تان لاهي دستور موجب هڪ انگريز کي پرنسپال مقرر ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هن صاحب ڀري ڪلاس ۾ ڪن مسلم شاگردن کي “پيگن” ڪري پڪاريو هو. پيگن لفظ جي اصلوڪي معنيٰ آهي “اڻ سڌريل يا “ڄٽ” پر ثانوي معنيٰ اٿس ڪافر يا بي دين انهي ڪري مسلم شاگردن کي سخت خار لڳي هئي. ان وقت جي مسلم مهندارن خصواصا محمدن ڪاميٽي جي ميمبرن شاگردن جو ساٿ ڏنو ۽ سرڪار تي زور ڀريائون ته ڪاليج جي قاعدن پٽاندڙ هڪ لائق انگريز کي ڪاليج جو مدبر بنايو وڃي. سرڪار مسلمانن جي راءِ رکي مسٽر اي سي ملر کي پرنسپاليءَ جي منصب لاءِ چونڊيو ويو. هندو شاگردن مڪمل اعتصاب ڪيو، پر ٿوريئي عرصي اندر سندن جوش ڍرو ٿي ويو ۽ سڀئي باقاعده لڪچرن ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
ملر صاحب هڪ لائق، فائق ۽ قداور شخص هو. مڇون وڏيون ۽ ڪڪيون هيس ۽ علمي جبو مٿس چڱو سونهندو هو. سولجر ٿي رهيو هو. تنهنڪري پاڙهڻ جو گهڻو افعال ڪونه هوندو هوس. جيئن اسڪولي ٻارن کي ڏکين لفظن جي معنيٰ سيکاربي آهي تئن هو به انگريزي منشور ڪتابن جو مطلب سمجهائيندو هو، تنهنڪري سندس خطابت جو نمونو گهڻن کي ڪونه وڻندو هو. آخر علمي ماحول کي ناموافق ڏسي پرنسپاليءَ کان پاڻهي دستبردار ٿي ويو ۽ ٻئي ٽرم کان وري شاهاڻي صاحب وڏي شان و شوڪت سان عهدي تي برقرار ٿي ويو. هڪ دفعي جو پنهنجي هوڙائي ڪري ڦيٽ کاڌي هوائين، سو آئينده مسلم شاگردن سان چڱو سلوڪ ڪرڻ لڳو.
ملر صاحب ۽ مونسان گهڻي قدر مهربان هو، سندس ايامڪاريءَ ۾ مون لاڙڪاڻي ضلع جو ڪليڪٽر کي هڪ درخواست ڪئي هئي ته اسان کي پنهنجون زمينون جن تي ڪورين جا زميندار وڏن جي وسوڙائي ۽ سادگيءَ ڪري تغلب ڪري ويا هئا. سي وري ملن. پاڻ منهنجي عريضيءَ جي شد مد سان تائيد ڪئي هوائين. ۽ منهنجي هوشياريءَ ۽ لياقت جي وڏي ساراهه ڪئي هوائين. اهڙي طرح آنجهاني مسٽر وائنس به ان تي هڪ عاليشان نوٽ هنيو هو. چي ته دائودپوٽو ته فقط سنڌ ۽ سنڌين جي سونهون آهي، پر ساري هندستان جي مسلمانن لاءِ فخر جو باعث آهي. اگرچه اها درخواست ڪليڪٽر جي دفتر ۾ ئي دفن رهي، تڏهين به انهن ٻنهي صاحبن پنهنجو وڙ ڏيکاريو:
تو و طوبيٰ، ما وقامت يار
فکر هر کس بقدر همت اوست

ڪورين جا وڏيرا اسان جي شهر ٽلٽيءَ جي پسگردائي ۾ احمدن جي ڳوٺ جا زميندار هئا. کين وڏي ، جائداد ۽ ملڪيت هئي. ننڍن زميندارن کي دلبو ڏئي ته اسين اوهان جون ٻنيون سنڀالينداسين. آهستي آهستي انهن جي هڙ ئي هضم ڪري ويندا هوا. منجهائن ڪيترائي علم ۽ فضيلت جا صاحب هئا ۽ اڪثر حڪمت جو ڪم ڪندا هئا. وڏيرو حڪيم محمد يعقوب ڪوريجو زماني جو بقراط ۽ جالينوس ٿي گذريو آهي. طب جي مهارت سان گڏ ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب به هئو. پري کان مريض کي ڏسي سنديس بيماري هڪ دم پروڙي وٺندو هو ۽ تمام خسيس دوا سان سندس درد دفع ڪري ڇڏيندو هو. سندس ٻه ٽي حيرت انگيز ڪرشما مونکي به والد صاحب جي واتان ٻڌل آهن. جن جو بيان ڪرڻ تطويل جو باعث ٿيندو. سندس ڀائيٽو ميان جمال الدين مون به ڏٺو هو جو ڳوٺ احمدن ڇڏي اچي ٽلٽيءَ ۾ رهيو هو. وڏو قابل ۽ عالم شخص هو ۽ طب ۾ خاص ڪڙو حاصل هوس. مان سندس اوطاق تي ايندو هوس ۽ بابي سان دوستي ڪري مونکي گهڻو ڀائيندو هو. ننڍي هوندي منهنجو هيانچو وڌيل هو. ڏس ڏنو هوائين ته رات جو سرڪي ۾ انجير پسائي صبح جو نيراني کائي ڇڏ. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٻرهل جو نالو نشان نه رهيو، افسوس جوهو جوانيءَ ۾ گذاري ويو. سندس ٻيا عزيز، جهڙوڪ وڏيرو خير محمد ۽ رضا محمد به اسان جي شهر ۾ اچي رهڻ لڳا پر پڇاڙيءَ ۾ پنهنجن اونڌن افعالن جي ڪري قرضي ۽ ڪنگال ٿي پيا ۽ پار لڏي ويا. پنهنجون نياڻيون سيوهڻ ۽ جيڪب آباد جي ڪوريجن ۾ ڏنيون هوائون جي آخر سندين ملڪيتن جا مالڪ بڻجي ويا ۽ ڪي زمينون وري ٽلٽيءَ جي واهن جي قبضي ۾ اچي ويون. حرام جو مال کي جٽاءُ نه آهي ۽ مايا اچڻي وڃڻي آهي.
خيري کن اي افلان و غنيمت شمار عمر
زان پيشتر کہ بانگه بر آيد فلان نماند

ملر صاحب جي تقرر ڪري ڪاليج جي تعليمي نظام ۾ به ڪيتريون ئي ڦيريون ڦاريون عمل ۾ آيون. مثلا آنجهاني پروفيسر گربخشاڻي کان انٽر جي فارسيءَ جو ڪم ڇڏائي مرحوم پروفسير شيرازيءَ کي ڏنائون، اگرچه گربخشاڻيءَ جي اسلام ۽ مسلم دوستي عالم آشڪار هئي. ويچارو ارڙهين صدي جا انگريزي مقالات پاڙهي ڪڪ ٿي پوندو هو ۽ هو جو حافظ ۽ رومي جو ڪوڏيو هو. تنهنکي انگريزي پاڙهڻ ۾ ڪو حظ نه ايندو هو ۽ سندس اڪثر ليڪچر نهايت ڦڪا ۽ بي مزا هوندا هوا. هوڏانهن شيرازي صاحب جو به برو حال هو. نظام الملڪ جو سياست نامو ۽ جاميءَ يوسف زليخا پاڙهڻا هئس. پهريون ته نهايت خشڪ ڪتاب هو. باقي يوسف زليخا جو فلسفو ۽ ترنم سندس طبيعت کان سئو ڪوهه پري هو. جن کي پروفيسر گربخشاڻي جو ترجمو ۽ تمهيد ملي سگهيا، تن لاءِ مزو هو مون نه يوسف زليخا اڳيئي سال 1914ع ۾ مرحوم عبدالڪريم ڀٽي جي ماتحت لاڙڪاڻي مدرسي واري زماني ۾ ڏاڍي سر سان پڙهي هئي، سو مونکي ڪلاس ۾ دوباره پڙهڻ جي ضرورت ڪانه هئي. باقي وحدت ۽ ڪثرت جو مسئلو، ذات پاڪ جو ڪائنات ۾ ظهور، ساري خلقت جو نور محمدي جي ذريعي پسارو، الاهي حسن ۽ جمال جو جلوو ۽ ديدار، انهن سڀني مسئلن جو چڱو چوکو مطالعو ڪيو ويو. سونهن ڪٿي ٿي لڪي؟ دروازو بند ڪيو ته دريءَ کان ليئو پائيندي، مخفي ڪنز جو اشارو انهيءَ مان پڌرو آهي
نکو رو تاب مستوري ندارد
جو در بندي سر از روزن برآرد

واه ڙي جامي ڪمال ڪيو اٿئي!
هن سال ۾ وائينس صاحب مونکي ڇهين درجي جا حساب سونپيا. انجي عيوض 30 روپيا ماهوار وظيفو ۽ هڪ ڪاٺڳڙهه واري ڪوٺي به رهڻ لاءِ ڏنائين. جنهن مونکي پئسي جي تنگي کان گهڻي فراغت ڏني، اگرچه دو طرفي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ ٻين شاگردن کي به خانگيءَ طور پڙهائڻو پوندو هو. حسابن سان ڏاڍو چاهه هوم، مسٽر عبدالله چنا ۽ مسٽر نور محمد ڀٽي جي ٻئي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي پهتا ۽ پروفيسر شفيع محمد قريشي ۽ ٻيا منهنجا انهيءَ وقت جا شاگرد آهن. ڪلاس ۾ حسابن جي علاوه اسلامي تاريخ ۽ تمدن تي اڻ سڌي طرح روشني وجهندو هوس، جنهنڪري منهنجا شاگرد گهڻو ذوق پرائيندا هوا.
ان وقت مدرسي ۾ گهڻيون اخلاقي خرابيون هيون. مسٽر ضياءُ الدين ، ميرزا علي حسن ۽ ٻيا پنهنجي رتبي جو فائدو وٺي، حسين ڇوڪرن کي هرکائيندا هوا. ڪي بد اخلاق بورچي وري ڪن غريب شاگردن کي لڪ ڇپ ۾ سڻڀا کاڌا کارائي برائي ڏي مائل ڪندا هوا. منهنجي تمنا هئي ته انهن بڇڙن جي بيخ ڪني ڪجي ان وقت ڪاليج ۾ شيڪسپيئر جا سانيٽ ۽ ٻيا اخلاقي شعر پڙهندا هئاسين تن جو مون تي گهاٽو اثر ٿيو. انگريزي ۾ هڪ ٻه زبردست مضمون لکي، ٽائيپ ڪرائي.، مدرسي بورڊ جي ميمبرن ڏانهن گمنام ڏياري موڪليم. ٽائيپ جو ڪم منهنجو ايراني شاگرد علي آقا ڪندو هو. مدرسي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. وائينس صاحب گهڻي ڪوشش ڪئي ته مضمون لکندڙ ۽ ٽائيپ ڪندڙ جو پرو پئي پر گهڻي مارڪٽ بعد به کيس سراغ نه مليو، علي آقا پنهنجو ٽائيپ رائيٽر ايراني تاجرن وٽ رکي آيو ۽ خفيه پوليس نا اميد ٿي ماٺ ڪري ويهي رهي. مرحوم مير ايوب خان بارسٽر مدرسي ۾ هلي آيو ۽ هال ۾ وڏي زبردست تقرير ڪيائين. آخر سڀني خرابين جي تحقيقات ٿي ۽ سڀ ڳالهيون صحيح نڪتيون. ماسٽر ضياءُ الدين مرزا علي حسن ۽ مفسد بورچين ۽ پٽيوالن کي هميشه لاءِ ٽڪس وڍائي وئي. اها وڏي ڪاميابي هئي.
حسابن سان سخت دلچسپي هيم. مدرسي ۾ هڪ ماستر ضياءُ الله هو جنهن بي اي جوامتحان رياضي ڪمن ۾ ڏنو هو ۽ منهنجي ڪوٺيءَ سان لڳ رهندو هو سو گهڻي مدد ڪندو هو. منهنجي دوست مسٽر (هاڻ پروفيسر) عبدالستار شيخ پنهنجا سڀ نوٽ بوڪ منهنجي حوالي ڪيا هئا. رياضي ڪتابن جو هر هڪ حساب حل ڪري ڇڏيو هوم ۽ اميد هيم ته انٽر ميڊئيٽ جي حسابي پيپرن ۾ ضرور بالضرور سو في صد مارڪون کڻندس. ٻين ڪمن ۾ پڻ سڀني کان برک هوس. پر تقدير پرده پٺيان منهنجي انهيءَ گهمنڊ تي کلي رهي هئي.
آنچه سعيست من اندر طلبت بنمايم
اين قدر هست کہ تغير فضا نتوان کرد

امتحان جا ڏينهن ويجها هئا پر مان سخت محنت ڪري اڻ چڱو ٿي پيس. مولوي عبدالرحيم صاحب مرحوم مونکي گيهه ۽ ماکيءَ سان گڏ ڪچا بيضا کارائيندو هو، پر امتحان لاءِ واٽ ويندي کانگهاري ۾ رت ڳاريندو ويندو هوس. دماغ ڪم کان جواب ڏيئي بيهي رهيو، ۽ حسابي پيپر لکندي نهايت سولا نظريا به حافظي مان نڪري ويا. اگرچه ٻين ڪمن ۾ چڱيرو ڪيم، پر حسابن، جن تي ايترو ناز هوم، تن پوئواري نه ڪئي ۽ وري به مئٽرڪ وانگي دعا ڏنائون. امتحان ۾ سيڪنڊ ڪلاس کنيم.اگرچه پهريون ڪلاس ڪنهن کي نصيب نه ٿيو، ته به منهنجو دوست يار محمد جوڻيجو مون کان نمبر کڻي ويو، جنهن ڪري سنڌ ڪاليج اسڪالرشپ به کيس ملي. گهڻو ئي اوندهه ۽ ارمان ٿيو، پر هرگز دل نه لوڙهيم، ڇاڪاڻ ته وسئون ته ڪين گهٽايو هوم. سوڀ ۽ هار خدا جي هٿ آهي ۽ ناتوان دل مقابلو خوب ڪيو
“فعل الحڪيم لا يخلوعن الحڪمت”
تي ڀروسو رکي ، اميد ڪيم ته ايندو اڳي کان اعليٰ ٿيندو.
نقاب چهره اميد باشد گرد نوميدي
غبار ديدهء يعقوب آخر توتيا گردد