7. سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي واري زندگي
گوش نزديک لبم آر کہ آوازي هست
منهن اونداهيءَ جو وقت هو، جو ڪراچي شهر جي اسٽيشن تي پهتس مدرسو ويجهو هو، سو ٽانگي ڪرڻ بدران مزور کان ٽپڙ ٽاڙي کڻائي ۽ ڪجهه پنهنجي مٿي تي رکي، اچي مدرسي جي دروازي تي پهتس. بورڊنگ هائوس جي سپرنٽنڊنٽ صاحب خواجه علي محمد کي رپورٽ ڪئي وئي. جنهن حال في الحال هڪ اڪٺ جي ڪوٺي رهڻ لاءِ ڏني، ڇاڪاڻ ته حسن علي هائوس ۽ خيرپور هائوس ٻئي ڀريل هوا، اها ڪاٺ جي ڪوڍين جي قطار ساڳئي موقع تي هئي، جتي هينئر سردار هائوس اڏيل آهي، ٻي ڪاٺ جي ڪوٺين جي قطار وري راند جي ميدان تي هئي، جا بنسبت وڌيڪ صحتمند ۽ روشن هئي. مان به هوند کي ان هوند تي ترجيح ڏني. انهيءَ پوسل واري ڪمري ۾ توڪل ڪري رهي پيس. ان وقت شاهه جو هي صوفياڻو قول دل تي ڪون هوم.
هونديا هوت پري، اوڏو تان ان هوند کي
مان جو ٿڙي ٿڦڙي، سفر جا ڏاکڙا ۽ ڏولاوا ڏسندي، هتي اچي پهتو هوس، جو ڀانيم ته هاڻ اطمينان ۽ راحت جي زندگي نصيب ٿيندي ۽ وري شهر شهر رلڻو ڪون پوندم.
چندانکہ دست ويا زدم آشفته تر شدم
ساکن شدم، ميانہءِ دريا کنار شد
منهنجو حال به بي بي عائشه رضه جهڙو هو، جا جمل جي جنگ کانپوءِ سڀ ڏک ڏاکڙا وساري اچي مدينه شريف ۾ متمڪن ٿي.
فالقت عصاها واستقرت بها النوي
کما قر عينا بالاياب المسافر
ڪم ته ڪٺن هو، پر مالڪ تعاليٰ مشڪل کي آسان ڪري ڏنو.
کار مشکل بود، مابر خويش آسان کرده ايم
رات جي مانيءَ جو گهنڊ وڳو ۽ سڀ ڪو ڊائيننگ هال ڏي ڀڳو. ان وقت مانيءَ جا ٽي قسم هوا، ان موجب بورڊرن جا به ٽي طبقا هوا. غريب، متوسط ۽ شاهوڪار درجي جا شاگرد جدا جدا ميزن تي وهاريا ويندا هوا. اهو ڪلاس بنديءَ جو طريقو ڏسي، دل کي سخت نفرت آئي. لاڙڪاڻي ۽ نوشهره وارن مدرسن ۾ مسڪينن ۽ توانگرن جي وچ ۾ ڪو سنڌو سيڙهو ڪونه هوندو هو، سڀ شاگرد پاڻ کي هڪجهڙو ڪري سمجهندا هوا ۽ ذات پات جو ڪو لحاظ ئي ڪونه هوندو هو. جنهنڪري منجهن اخوت ۽ مساوات هوندي هئي. هتي ته ليکو ئي ابتو هو. مال تي مٺائي هئي. فري بورڊرن ۽ غريب شاگردن جو کاڌو تمام غليظ ۽ بي سوادو هوندو هو. صبح جو ٽشي جهڙي چانهه ۽ رکي ڊبل روٽيءَ جا ٻه ٽڪر، ٻن پهرن جو سڪل اڀوڳي ڪڻڪ جي ماني، دال، ڀاڄي ۽ بي سوادي گوشت ۽ رات جو چانورن سان تازا پلاء دال يا پٽڙي شروي وارو گوشت يا سائي اڻڀي ڀاڄي يا اڌ پاڻي ملايل کير ملندو هو. مطلب ته هڪڙي ڏينهن ۾ ئي لاڙڪاڻي ۽ نوشهري وارا چورما ۽ قورما وسري ويا. ڀرسان متوسط ۽ اعليٰ درجي وارن کي پلاءَ، بريانيون ۽ يخنيون کائيندو ڏسي، غريب شاگردن جو پتو پاڻي ٿيندو هو ۽ ڪيترا ته پيا واجهائيندا هوا ته من ڪو سڻڀو ٽڪر ڀور، ٻوڙ يا پالءُ سامهون دوستن کان پلئه پوين. مان سڪل ڍوڍن تي هريل هوس سو مونکي ته انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ئي ڪانه رهندي هئي.
اي قناعت تونگرم گردان
کہ و اي تو هيچ نعمت نيست
رات جي مانيءَ بعد باقاعده ٽيوشن ٿيندي هئي ۽ سڀ بورڊر بلا استثناء جي هڪ گهنٽي لاءِ مدرسي جي مٿئين هال ۾ هڪ پگهاردار ماستر جي نظرداريءَ هيٺ ڪلاس جا ڪم پڙهندا هوا. ۽ پنهنجون مشڪلاتون ماستر صاحب کان حل ڪرائيندا هوا. ٽيوشن کان موٽڻ بعد عشاء جي نماز جي ٻانگ ايندي هئي ۽ سڀ ڪو نماز پڙهي پنهنجي پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن راهي ٿيندو هو ۽ يارهين بجي بتي وسامڻ تي بستري داخل ٿيندو هو.
نماز جو خاص تاڪيد هوندو هو ۽ اڪثر سڀئي وقتن تي باقاعده حاضري ورتي ويندي هئي. ان وقت مسجد جو مانيٽر مسٽر علي محمد سيال هوندو هو جو پوءِ ڊي پي آءِ واري زماني ۾ منهنجو شخصي معاون (پرسنل اسسٽنٽ) ٿيو. نهايت سچائيءَ، خلوص ۽ وفاداريءَ سان سارو قوت نباهيائين. مسجد جو خطيب مولوي عبدالرحيم مگسي هو جو نهايت معقول شخص هو ۽ پنهنجو وظيفو تمام پابنديءَ ۽ صدق سان بجا آڻيندو هو. هن بزرگ جو منهنجي حياتيءَ ۾ وڏو هٿ هو. جئن اڳتي هلي جا بجا موقع آهر سندس ذڪر ڪندو رهندس.
ٻئي ڏينهن صبح جو ڇهين درجي جي پهرئين حصي ۾ وڃي پهتس. ان وقت ڪلاس جو ماسٽر مسٽر ڊي پي ڪوٽوال پارسي هو، جو مدرسي جو نائب پرنسپال به هو، مگر پرنسپال ٽي ايچ وائينس جي موڪل تي وڃڻ ڪري پرنسپاليءَ جو عهدو پڻ هلائيندو هو. نهايت لائق ۽ فائق شخص هو. اگرچه مذهبي نقطه نظر کان زرتشتي هو ليڪن ٿياسافٽ هئڻ سبب ، وٽس مذهبي مت ڀيد ڪونه هوندو هو ۽ سڀني کي هڪ جهڙو ڪري ڀائيندو هو. اڪثر چوندو هو ته الله پاڪ مرڪز آهي ۽ اسين آهيون گهيري تي مختلف ٽٻڪا جيڪي مرڪز کان برابر فاصلي تي آهن.، انهيءَ وقت عمر جو ڪروڙڍ هو، اونهاري سياري ڇٽي ڪلهي تي رکندو هو. سندس ڊگهي ڏاڙهي ۽ لڙيل مڇون سندس وات ڍڪي ڇڏينديون هيون. ڪنڌ هميشه هيٺ هوندو هوس ۽ اکيون مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيس. سندس زيرلب گفتي ۾ ايڏو ته اثر هوندو هو جو ڪوبه شاگرد ساڻس گستاخ نه پئجي سگهندو هو. ميهڙ جو هڪ ڇوڪرو مينهون نالي ۽ ٻيا ساڻس گستاخ پوندا هئا ته چوندو هون “بيوقوف ڇوڪرا ويهي رهو.” پاڻ انگريزي، تاريخ ۽ حساب سيکاريندو هو. انگريزي ۾ سخت ماهر هوندو هو.
مان کيس پيرين پئي مليس ۽ ادب سان سندس آڏو بيهي رهيس. مون ڏي گهوري نهاريائين ۽ منهنجا کٿل ڪپڙا ۽ ڏنگي ڦڏي جتي ڏسي قياس اچي ويس. يڪدم حڪم ڏنائين ته مونکي هڪ ڪپڙن جو وڳو ۽ ڪاري علي ڳڙهه شيرواني نما ڪوٽ ۽ هڪ بوٽ ڏنو وڃي ۽ سندس اشاري تي وڃي پوئين بينچ جي آخري نشست تي ويٺس جيئن اڳئين زماني جو دستور هوندو هو ته نئين شاگرد کي پوئين جڳهه تي وهاريندا هوا. سندس گهنٽي ۾ پوئين قطارٽپي، اچي انهي کان اڳينءَ تي ويٺس. ٻيو گهنٽو مسٽرٽرميڪ لال مرهٽي جو هو، جو اسان جي ڪلاس کي مضمون نويسي ۽ جاميٽري سيکاريندو هو. جوان ، شڪل جو ٺاهوڪو، ڪپڙين لٽين ٺهيل ٺڪيل، وڏن شهپرن وارو نهايت شانائتو ۽ ڀڀڪي دار مڙس هو. ڏاڍو چتر زبان ۽ پنهنجي موضوع ۾ ماهر هو. ڪو سوال ڪلاس کان پڇيائين جو ڪنهنکي به نه آيو آڱر ڱڻندو، مونکي به ڇڏي ويو ڇو ته مان اتي جي قاعدن قانون کان واقف نه هوس. سو جواب لاءِ کڙو ٿي بيٺس، جنهن تي کيس ڏاڍي خار آئي ۽ ڪاوڙ مان تريءَ تي هڪ بيد جو لڪڻ وهائي ڪڍيائين. منهنجون ته متيون ئي منجهي ويون ۽ پهرئين ڏينهن پنهنجي غفلت جو نتيجو پاتم. سڀ نمبر لتاڙي، اچي پهرئين جڳهه تي ويٺس تڏهين ڏاڍو ارمان ٿيس، ۽ ڪلاس ۾ علي الاعلان پنهنجو پڇتاءُ ظاهر ڪيائين ۽ آئنده لاءِ منهنجي گهڻي عزت ڪرڻ لڳو، حتاڪه اسڪول کان خارج ٿيڻ بعد به جيڪڏهن مونکي ڏسندو هو تڏهين مونکي بيهاري حال احوال پڇندو هو ۽ گهڻو پيار ڏيکاريندو هو. سندس خارج ٿيڻ جو به هڪ عجيب واقعو آهي.
وائينس صاحب ولايت کان موٽي آيو آهي. انکان ٿوروئي وقت پوءِ مسٽر ٽرميڪ لال جو اسان جي هڪ چڱيءَ عمر واري هم ڪلاسيءَ ايراني شاگرد سيد جواد سان جهيڙو ٿي پيو جو هڪ ڊرلک مانيٽر هوندو هو ۽ وائينس صاحب کيس گهڻو ڀائيندو هو. حقيقت ڪري راندين جا سڀ مانيٽر توڙي ڏڏ دودستا هوندا هوا ته به کيس تمام وڻندا هوا. اڪثر رانديگر سمجهه جا ڪوتاهه ۽ ڪمن جا ڪچا هوندا آهن. سو سيد جواد ويو وائينس صاحب وٽ شڪايت کڻي. مسٽر ٽرميڪ لال به تڙ تڪڙ ۾ ڪلاس ڇڏي چوٽي لوڏيندو گهڙي ويو وائينس صاحب وٽ ۽ جوش ۾ چيائينس ته يا جواد کي اسڪول مان ڪڍ يا منهنجي استعفا قبول ڪر. وائينس صاحب چيس ته تون ڀلي نڪري وڃ، تو جهڙا گهڻيئي ماستر ملندا پر جواد جهڙو شاگرد ڪو مشڪل ملندم.مسٽر ٽرميڪ لال کي ڏاڍي بڇان لڳي، سو پنهنجي بيعزتي ڏسي يڪدم استعفا ڏئي هليو ويو، ليڪن حقيقت ۾ مدرسي کي وري ٽرميڪ لال جهڙو برجستو ۽ لائق ماستر ڪونه مليو.
ڇهين درجي جو پهريون پراٽ ڪوٽوال صاحب جي ڪري سڄي مدرسي جو نڪ ليکبو هو. سو منهنجي پهرئين ڏينهن اول نمبر وٺڻ ڪري ساري اسڪول ۾ هائس پئجي ويو ۽ ماستر توڙي شاگرد مون ڏي حيرت ۽ اچرج جي نظر سان ڏسڻ لڳا. ڪلاس جا شاگرد اڪثر وڏي عمر وارا هئا جن مان سيد جواد جو ذڪر اڳيئي اچي چڪو آهي، باقي ٻن ڄڻن جا نالا هئا حبيب دشتي ۽ محمد رضا. پهريون سڀني ڪلاسن ۾ تکو هو ۽ منهنجي ساڻس چٽا ڀيٽي هلندي آئي. اگرچه مونکان مارڪن ۾ ڪڏهين به ڪثر نه کنيائين ۽ بعضي ته کيس فارسي ۾ به ماري ويندو هوس، باقي مئٽرڪ ۾ سو مون کان فارسيءَ ۾ سرسيون مارڪون کڻي ويو ڇاڪاڻ جو سندس مادري زبان هئي. محمد رضا هڪ خاموش، متاوضع ۽ مٺڙو آدمي هو، منهنجي ساڻس گهڻي محبت هوندي هئي. سنڌي شاگردن ۾ منهنجي از غيبي رغبت سيد ميران محمد شاهه ۽ مدرسي جي بانيءَ حسن علي آفنديءَ جي پوٽي ۽ مرحوم خانبهادر ولي محمد جي فرزند حسن عليءَ سان هئي ۽ هوبه مونکي گهڻو ڀائيندا هوا. شاهه صاحب سان، باوجود زماني جي تقلبات ۽ بيوفاين جي، ساڳيو ڀائپيءَ ۽ دوستيءَ جو رشتو هلندو اچي.
دوردستان را بنعمت ياد کردن همت است
ورنه هر نخلي بپاي خود ثمرمي افگند
مطلب ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ مدرسي جا اڪثر شاگرد ۽ ماستر صاحب مونکي گهڻو ڀانئڻ لڳا. بورڊر ته ڄڻ منهنجا شاگرد بڻجي پيا، حسابن توڙي ٻين ڪن ۾ جيڪي مشڪلاتون هونديون هين، سي مون کان حل ڪرائيندا هئا. ۽ مونکي پيار وچان “ڪاڪا، ڪري سڏيندا هئا جئن ڪوٽوال صاحب کي قرب وچان “ڪاڪا” ڪوٺيندا هوا.انهيءَ زماني جا ماستر به عجيب، هڏ ڏوکي ۽ اعليٰ خيالن جا آدمي هوا. آغا محمد خان پٺاڻ ۽ ميرزا غلام دستگيرٻئي جوشيلا جوان هوا. ٻنهي کي ترڪن سان گهڻي همدردي هوندي هئي، جنهن ڪري وائينس صاحب کين گهڻو ڪين چاهيندو هو، ليڪن انهن جي برخلاف ڪري ڪجهه نه ڪري سگهندو هو، ڇاڪاڻ ته هو ٻئي بلند خيال ۽ محنتي استاد هوا. ميرزا غلام دستگير اسان کي سمائيل صاحب جو ڪتاب SELF HELP خودياوري سنڌيءَ ۾ ميرزا قليچ بيگ صاحب جو ترجمو ٿيل پاڙهيندو هو، ۽ نهايت جوش ۽ خروش سان ان ۾ آيل ڳالهين جي وضاحت ڪندو هو. هڪ ٻه دفعو مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ به سندس غير حاضري ۾ خودباوري پاڙهي پر ان جهڙو اثر پيدا ڪري نه سگهيو. فارسي وري ميرزا سليمان صفوي پڙهائيندو هو جو ايران جي مشهور شاهي خاندان صفويءَ جي اولاد مان هو. سندس والد ميرزا آصف مشڪين قلم وڏو اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ميرزا سليمان مرحوم هڪ نهايت بااخلاق ۽ بافضيلت انسان هو. قدري مي گساري به ڪندو هو جنهن ڪري سندس سيکارڻ ۾ وڏي موج ۽ مستي هوندي هئي. مونکي گهڻو ڀائيندو هو، ۽ ايراني شاگردن کان فارسيءَ ۾ گهڻيون مارڪون ڏيندو هوم. جنهن ڪري انهن کي ساڙ وٺندو هو. مون فارسي نستعليق لکڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪئي مگرا ن کي پختو ڪري نه سگهيس، تنهنڪري هميشه سنڌي توڙي فارسي ، عربي نسخ ۾ لکندو آهيان. 1912ع ، 1915 ۽ 1916ع جا اکر اڃا پاڻ وٽ محفوظ اٿم.ماسوف عليه مسٽر وائينس مونکي اوائل کان وٺي ڀانئڻ لڳو. هو هفتي ۾ هڪ دفعو ڇهين درجي جي عام انگلش وٺندو هو. مونکي سڀني شاگردن کان زياده مارڪون ڏيندو هو. ۽ بعضي بعضي ته اسي يا نوي في صد به ڏئي ڇڏيندو هو. باقي مسٽر ڪوٽوال سو ٿورڙيون مارڪون ڏيندو هو. مان چوندو هوسانس “ته سائين ڏسو وائينس صاحب کي منهنجي انگريزي پسند آهي هو مونکي هيتريون مارڪون ڏئي ٿو اوهين ايتري ڪنجوسائي ڇو ٿا ڪريو. مرهايت چوندو هو ته احمق هو انگريز آهي، اسان ديسين کي سليس، سادي، پر اصطلاحي انگريزي لکڻ گهرجي ته اها اسان لاءِ وڌيڪ ڪارآمد ٿيندي. اها سنديس سونهري نصيحت مونکي ڏاڍي وڻي۽ آئنده اجائي گل ڪاريءَ کي ڇڏي، سادي، سهڻي ۽ اصطلاحي انگريزي لکڻ لڳس ۽ اڄ تائين سولي ۽ سادي انگريزي لکندو آهيان. ڪاليج واري حياتي ۾ پڻ اها سادي ليڪن صحيح انگريزي ڪم آيم ۽ سڀني شاگردن خصوصا انگريزي ادب وارن کان به سبقت کڻي ويس. اهو سڀ ڪوٽوال صاحب جي نيڪ مشورن جو نتيجو هو، پر سڀ ڳالهه ۾ مالڪ تعاليٰ جو هٿ هو:
نه گلم، نه برگ سبزم، له درخت سايه دارم
همه حيرتم ڪو دهقان بچه کار ڪشت مارا