2. “باز گشت” ڪي يادگيريون
مون اڳي چيو آهي ته مزاج جي استقامت مونکي پنهنجي والده صاحبه کان ورثي ۾ ملي. هوءَ هڪ بي نظير عورت هئي. سندس مرضي نه هئي ته ڪو اسين ڪکائين گهر تي قانع رهون، سو بابا کي تاهوت لائيندي رهي ته “عمر پيءُ ! ڇو نه پاڻ لاءِ ڪچين پڪين سرن جي جاءِ جوڙيون.” سندس عزم ۽ استقلال ڏسي، بابا کي همت آئي، سو يڪدم جاءِ ۾ هٿ وڌائين. دريون، دروازا، ڪامون، پٽيون پاڻ ٺاهيائين، جن تي گهڻو خرچ ڪونه ٿيو. مامي عبدالڪريم ، اوستي سائينداد ۽ حاجي امين واري واري تي اوساري هلائي ۽ لنب ڇنب جو ڪم لاٿو. اديءَ جمڻ، مون ۽ منهنجي ننڍي ڀاءُ غلام حسين (اول) مٽي ڍوئي ڏني. عيسيٰ پخالي کڏ تان پاڻي ڀريو، تڏا ، ڇپريون ۽ ٽوا ملهه تي ورتا ويا. باقي ٻيو سڀ ڪم ونگار تي ڪيو ويو. فقط هڪ ٻن ڪمن جي مزوري ڏيڻي پئي. ٿوري وقت ۾ جاءِ تيار ٿي وئي. مرهيات پنهنجا پويان پساهه پنهنجي هٿ سان جوڙيل جاءِ ۾ پورا ڪيا. اهو خودباوريءَ جو ڪيڏو نه وڏو سبق هو!
بهر ڪاري ڪو همت بستہ گردد
اگر خاري بود گلدستہ گردد
مونکي يادگيري ناهي ته ڪڏهن کان وٺي نماز پڙهڻ ۽ روزا رکڻ لڳس. اگرچه ننڍي هوندي کان انهن ڳالهين جو پابند هوس، پر سانڀر فقط ڪرمپور واري زماني جي اٿم. ماحول اهڙو هو ملا ڇوڪرن جي صحبت ۾ سندن نيڪ مائٽن جي نگاهن هيٺ مونکي باقاعدي نمازن پڙهڻ ۽ روزن رکڻ جي چڱي عادت پئي.
صحبت ــــــ صالح ترا صالح ڪند
صحبت ــــــ طالح ترا طالح ڪند
بزرگن جي دعائن جو اثر هو. اسان جي مسجد ۾، جنهن کي مخدوم بلاول(رح) جي مسجد سڏبو آهي، هڪ پنجابي بزرگ مولوي لعل محمد رهندو هو. تنهن هڪ ڏينهن منهنجي ڳچيءَ ۾ تعويذ ۽ ڳانو ڏسي چيو ته ڇا نالو “امير عمر” جو ۽ ڳچيءَ ۾ شرڪ جون شيون! سو هڪدم انهن کي ڪپي ڪڍيائين. رئيس العلماء مولانا عبدالله ٽپٽائي (ٽپٽا ميرن جي زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هو. ميون الهه بچايو ۽ ميون عبدالرئوف پنهنجي پرهيز۽ اتقاء ڪري هنڌين ماڳين مشهور هوا. ميون عبدالله انهن سلف صالح جو بقيو هو. وڏي علم جو صاحب هو. تفسير، حديث ۽ فقه سڀ بر زبان ياد هئس. پيريءَ ۾ جڏهن اکين کان سچو ٿي پيو تڏهن به طالبن کي برزبان پاڙهيندو هو.) جو پوءِ ٻنين جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. تنهن منهنجي حق ۾ دعا ڪئي. ته هي امير عمر جهڙو اخلاقي دلکير ٿيندو ۽ قرآن شريف ياد ڪندو. سو رب تعاليٰ مونکي سچ چوڻ جي جرئت بخشي آهي. اگرچه قرآن شريف جو حافظ ڪونه ٿيس، ليڪن رب العزت مونکي توفيق ڏني جو پنهنجي هوش سان عربي پڙهي ورتم، جنهن جي وسيلي قرآن مجيد جي معنيٰ پروڙي سگهندو آهيان. ولله الحمد! تنهنڪري چئبو ته بزرگ جون ٻئي دعائون ڏڻي تعاليٰ جي درگاهه ۾ مقبول پيون.
زندگي جو ٻيو دور:
مرحوم محمد ابراهيم سومري جي فرمايش موجب مان وري ٻيهر انگريزي پڙهڻ ويٺس. انهيءَ ۾ به وڏي ڀلائي رکيل هئي. سنڌي هيڊ ماسترن جي مرضي هئي ته مان تربيت حاصل ڪري سنڌي ماستر ٿيان، جنهنڪري منهنجي عمر جا انگ بدلايائون انهيءَ لاءِ ته مان ستت ڪاميٽي پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج ۾ وڃان، پر قدرت کي ائين منظور نه هو، نه ته اڄ سنڌي رٽائرڊ ماستر هجان ها. هيترو سارو عمر جو عرصو جو سنڌي پڙهڻ ۾ صرف ڪيم سو رائگان ڪين ويو. سنڌيءَ تي سخت ڪڙو هوم، ۽ سمجهه پڪي هيم، سو هر ڪنهن موضوع ۾ پنهنجي هم ڪلاسين کان سرس هوندو هوس، تنهنڪري اسان جو استاد ٿڌا رام مونکي گهڻو ڀائيندو هو. لائق بااخلاق شخص هو. اسان کي پهرين نصيحت هيءَ ڏنائين ته Be good & do good( چڱا ٿيو ۽ نيڪي ڪريو) اهو متو منهنجي حياتيءَ جو نصب العين رهيو آهي. ڪلاس جي ڪتب خاني ۾ جيڪي ننڍا انگريزي ۾ قصن ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب هوا، سي سڀ پاڻي وانگي پي ويس. تنهنڪري انگريزي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ نهايت جاڪستو هشيار ٿي پيس. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو جو سالياني امتحان ۾ اول نمبر کنيم ۽ مونکي ٽئين درجي ۾ ٽپايو ويو، جتي پڻ ٿوريئي وقت ۾ سڀني شاگردن کي شهه ڏيئي ويس.
پهرين درجي ۾ هوس ۽ بلوغت کي ويجهو، تڏهن منهنجو طهر ٿيو، ڇاڪاڻ ته مسڪينيءَ سبب بابو راڄ رسم ڪري نٿي سگهيو. يعني ڄڃ ڪرڻ، سڄي راڄ کي کارائڻ ۽ ڀاتيءَ ڀاتيءَ کي ڦيليون ڀت جون ڏيڻ، ليڪن ختني جي محفل ڌام ڌوم سان ٿي. ۽ منهنجي پيرن هيٺان ڪلدار روپيا رکيا ويا، ڏورئي جو پهراڻ، ڦندڻن سان پٽڪو ۽ ڳاڙهي حلواڻ جي گوڏ ٻڌائي وئي. خوب سهرا ۽ مولود ۽ لاڏا ڳاياويا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيس.
انهيءَ سال بابا هڪ ڦلاوتڻ عورت مائي نور خاتون ٻروچڻ سان ٽن چئن ورهين جي رناپي بعد شادي ڪئي.ان مان فقط هڪ فرزند پيدا ٿيس (غلام حسين ثاني) جو هينئر پوليس ۾ وڏو عملدار آهي. اگرچه اسين پهريائين ارها هواسين پر مائي صاحبه اسان کي پنهنجي ٻچن وانگي سنڀاليو ۽ ساري عمر اسان وٽ آندائين. اسين به کيس ساڳيءَ ماءُ جهڙو پيار ڪندا آهيون. هينئر اسي پنجاسي ورهيه ڄمار اٿس ۽ مون وٽ رهي پئي آهي. شل خدا عافيت بخشيس ۽ ايمان ساڻ هلائيس.
انهي سال مان خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ جو مريد ٿيس، جنهن الله تعاليٰ کي دائما دل ۾ ياد ڪرڻ، سچ ٻولڻ ۽ پاڪ حياتي گذارڻ جي تلقين ڏني. انهيءَ بزرگ جي هدايت ڪري منهنجي زندگي هميشه لاءِ سڌري پئي، جو گذريل سٺ سالن ۾ مونکان ڪو ڪڌو ڪم ڪونه ٿيو آهي، هميشه سچار ۽ پاڪباز رهيو آهيان ۽ ڪنهن تي به اک ميري نه ڪئي اٿم. بزرگن جي نيڪوڪاريءَ ، فضيلت ۽ علميت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! مريد مٿانئس اول گهول ويندا هوا. ۽ جتي ڪٿي پلاءَ سيري ۽ چاشنيءَ جون ڍوريون لڳي وينديون هيون. ڪهڙو نه مهانگائي، سڀاڳ ۽ آسودائي جو سمو هو وري اهڙو وقت اچڻ محال آهي.
ٽئين درجي ۾ اسان جو ماستر صاحب ديوان پرسومل هوندو هو. جو هڪ عمر رسيدو، تجربيڪار ۽ نيڪ انسان هو. نهايت خوش دل ۽ ڀوڳائي هو. مسٽر ٿڌارام جو وڏو سڳو سوٽ هو. انهي وقت دستور هوندو هو ته صبح جو سبقن شروع ٿيڻ کان اڳ هندو شاگردن کان جپ صاحب جون پوڙيون ، پروٿنا طور برزبان ياد ڪرايون ۽ پڙهايون وينديون هيون. ۽ انهيءَ تي مارڪون رکيل هيون. مونکي ماستر صاحب چيو ته تون قرآن شريف جون آيتون پڙهه يا ڪريما جا بيت ياد ڪر. قرآن ڪريم مون هيل تائين ڪونه پڙهيو هو، فقط نماز لاءِ ڪي ننڍيون سورتون ياد ڪيون هيم. سو مارڪن جي لالچ تي پنهنجي عزيز آخوند احمد جي مڪتب ۾ قرآن شريف پڙهڻ لڳس، ۽ چئن مهينن اندر سارو قرآن پڙهي پورو ڪيم. قرآن شريف دير سان پڙهڻ ڪري اڃا به ڪي ٿوريون سورتون ياد اٿم. ان سان گڏ لوهارن جي مسجد ۾ مولوي ولي محمد صاحب سامتاڻي وهاريل هو، تنهن وٽان ڪريما پڙهڻ لڳس، ۽ سڄي برزبان ياد ٿي ويم. آواز سريلو هوندو هو، سو نهايت شوق سان ڪريما جا فارسي بيت ڳائيندو هوس. پڻ هندو شاگردن کان جپ صاحب جون پوڙيون ٻڌندي سارو جپ صاحب ياد ٿي ويم.
فارسيءَ پڙهڻ جو چاهه به تڏهن جاڳيو. مولوي ولي محمد صاحب کانپوءِ مولوي شفيع محمد صاحب ڪاريانين وارو لوهرن جي مسجد ۾ آيو. ان وٽ نامه حق، پندنامو، بدايع منظوم ۽ گلستان ۽ بوستان پڙهيم. بعضي ته جلباڻين جي ڳوٺ مولوي عبدالواحد جلباڻيءَ وٽ هليو ويندو هوس ۽ بعضي وري ٻنڀن ۾ وڃي مولاناعبدالله صاحب جي درس ۾ داخل ٿيندو هوس. جتي گدو باغ جي درويش صفت مولوي شفيع محمد صاحب جو فرزند محمد عابد پڙهندو هو. آخوند ملا نور الله حڪيم ۽ مولوي محمد موسيٰ سان به انهيءَ وقت ڌاري ڏيٺ ويٺ ٿي جن سان اڃا به اهو دوستيءَ وارو رستو هلندو اچي.
الغرض ته علم جي طلب ۾ مون گهڻا پنڌ ڪيا ۽ جاکوڙا ڪڍيا ۽ انهيءَ جو انعام اڄ تائين ماڻيان ٿو.
شيخ سعديءَ جو هي مقولو هر ڪنهن مسلمان ٻچي کي ياد هئڻ گهرجي.
جو شمع از پيءِ علم بايد گداخت
ڪه بي علم نتوان خدارا شناخت
اهي مڪتبن واريون سڪل پاروٿيون بنڊن تي سيڪيل سڻڀيون مانيون اڃا به ياد اٿم. ۽ جڏهن ڪڏهن اهي ڏينهن دل تي تري ايندا اٿم ته از خود وات لعاب سان ڀرجي ويندو آهي. ڪهڙو نه مٺو سواد هو انهن فقر جي مانين جو! ذهن ۽ ذڪاءُ جو ڇا بيان ڪجي؟ ڪتابن جا ڪتاب بي تڪلف پاڻهي ياد ٿي ويندا هوا. فارسيءَ ۾ بيت بازيءَ ڪري گهڻا ناصحانه بيت ۽ فرد ياد هوندا هئم، ۽ اڪثر کٿابين کي بيت بازيءَ ۾ آڳ ڏئي ويندو هوس. اڃا تائين به انهن ڏينهن جا سنڌي توڙي انگريزي ۽ فارسي ڪلام وسري نه ويا اٿم. ديوان حافظ جا به اهيئي غزل ياد اٿم، جي اوائل ۾ پڙهيا هئام، سبحان الله عجب وقت هو!وري هٿ نه ايندو.
ڪرمپور واري زماني ۾ مولودن، معجزن ۽ مدحن سکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق جاڳيو، اگرچه ان کان اڳڀرو ڪيترائي مولود بابي کان سکيو هوس، جي لکندو ويندو هوس. پاڻ قرآن شريف ٿورو گهڻو پڙهيو هوائين، پر دماغ اهڙو کليل هوس، جو هيڪر ڪو مضمون پاڙهيو هوس ته پوءِ پاڻهي پڙهي ۽ ياد ڪري ويندو هو.کيس گهڻو ڪلام ياد هوندو هو. سماع جا بيت سٺا چوندو هو، انهن جون وراڻيون به اينديون هيس. ماهون پهرئين جمعي تي شاهه بخاريءَ تي وڏو شغل ٿيندو هو جتي آئون پڻ سنديس وٽ وراڻي ڪندو هوس. معراج نامو، بهڻ جو ڪلمو، ملهه جو پهريون معجزو، ڪانگ جو پهريون ڪلمو، فتح فقير ۽ حافظ پنيي جون چئن يارن سڳورن جي شان ۾ مداحون سڀيئي ڪنٺ ڪيون هوائين جهڙوڪ:
1. هي من منهنجا سٽي مار، ڏينهن دنيا ۾ ڏون ڪي چار
2. چار ئي سرور سين سونهن، چئني جي رک محبت من
جن جي عبارت ۽ رنگين ڪلامي عبرت ۾ وجهندڙ آهي.
مون ڏاڏي محمد صديق کان رمضان ڪنڀر وارو هرڻي جي معجزه ۽ ڪانگ جو ٻيون ڪلمو ۽ ڪيترائي مولود لکيا هئم سي پڻ کيس ياد هوا. محبت فقير کان ملهه جو ٻيو معجزه ۽ ڪانگ جو ٽيون ڪلمو لکيم، ۽ ملي هارون کان پيربادشاهه جي مدح، سي به ياد ڪري ويو غضب جو حافظو هوس. ازانسواءِ چاچي نظام الدين (ننده) کان ٻه ٽي قديم مولود لکي ورتم. سي سڀ مون کان ڏاڏي حوا قاضياڻي ورتا هوا. جنهن وٽان اهي منهنجو سوٽ عباس کڻي ويو ۽ وڃي پنهنجي نار جي ڳاڌيءَ تي پڙهندو هو. هڪ ڏينهن سندس پيءُ چاچي حمزه کيس ڏسي ورتو، سو ڪاوڙ وچان اهو ڪتاب ئي کڻي کوهاڏي ۾ ڦٽو ڪيائين، اهڙي طرح ورهن جو پورهيو اک ڇنڀ ۾ ڪٽ ٿي ويو. رمضان ڪنڀر جي ملهه جو ٻيو ڪلمو، ڪانگ جي ٻئي ڪلمي وانگر هڪ جواهر پارو آهي جو هينئر ناياب آهي، فقط هڪ ٻه سٽون سيني ۾ سانڍيل اٿم.
ڇا هي وس چڙيءَ جو، ڇا عنتر عقابا؟
چار ئي چڪ چري ويا، جئن ڪيو دزد ڌڪاءُ
پاڙي ۾ اسان جي مائٽياڻي مائي آست (عائشه) هوندي هئي، جا نهايت نيڪ نمازڻ ۽ پڙهيل هئي. ڪيتريون ئي نياڻيون وٽس قرآن شريف جي تلاوت ڪنديون هيون. گهر ۾ نماز لاءِ خاص خونرت هوندي هيس. اها خونرت عين انهيءَ جاءِ تي هئي. جتي مخدوم بلاول رح نفلي نماز پڙهندو هو.
وٽس ڪيترائي بمبئي سنگي ڇاپي جا ڪتاب هوندا هوا. جهڙوڪ مولودن، معجزن ۽ مدحن جو مجموعو ۽ قصص الانبياء جي مون سڀئي پڙهيا ۽ انهن مان ڪيترائي ياد ڪيا. افسوس جو اهو مجموعو به اڄ ڪونه ٿو ملي سگهي. ان ۾ ڪيترن ئي سنڌ جي قديم شاعرن جو ڪلام هو، اڄڪلهه جا شاعر غزلن وغيره کي چهٽي پيا آهن، پر مولودن ۽ معجزن۾ جيڪو مزو آهي، سو هرگز مصنوعي ڪلام مان نه ملندو.
رمضان واڍو، سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اديب بابا جو دوست هو. بدن جو مضبوط ۽ جوپ. ڏاڙهي ننڍي ۽ مٿي تي وڏو ڦيڙهو ٻڌندو هو هٻار کان پنڌ ڪهي اڪثر اسان وٽ مهمان ٿي ايندو هو. چاچي محمد بچل جي دڪان تي ٽڪندو هو. مان کيس ماني ٽڪي پهچائيندو هوس. منهنجي دلچسپي ڏسي نئين ڇپايل “هاري جي مدح، سوکڙي ڪري ڏنائين جنهن جو هڪڙو بند اڃا تائين نه وسريو آهي
اڏون نائڪا ٽڪون ٺاهه، نار تنهين تي نينهن جو وهاءِ
ووڻ اٿل جو ڊپ نه لاهه، هاري ڪر موچاري ڪار
سنڌ جي امي عطائي شاعر رمضان ڪنڀر پڻ اسان جي خاندان جو گهڻگهرو دوست هو، پر منهنجي زماني کان گهڻو اڳي دربقا ڏي راهي ٿي ويو هو.
مامو عبداڪريم پڻ چڱو روحانيت وارو هو. پاڻ ملڪاڻي بزرگ ميان غلام محمد صاحب جو خاص مريد هو. مان به ساڻس بعضي بعضي بزرگن جي زيارت ۽ وعظ ٻڌڻ لاءِ ملڪاڻين ويندو هوس. بزرگن جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي مريد کين عزت وچان صاحب سڳورا ڪري سڏيندا هئا. وڏيءَ ڏيا ۽ حشمت وارا هئا. جهڙو عاليشان ڏيل هون، تهڙو ئي اندر آئيني وانگر اجريل هو. ڏسنديئي هنيون پاڻي ٿي ويندو هو. ڪيترائي سنگدل ۽ هاڙها چور سندن صحبت ۾ سڌري وڌي روحاني درجي تي پهتا. سندن آواز سوزناڪ ۽ دهشت وارو هو. جڏهن وعظ ڪندي شاهه جابيت فراق مان چوندا هوا. تڏهن سندن اکين جا نار پيا ٽمندا هوا. ۽ ماڻهن ۾ سخت گريو ۽ روڄ راڙو پئجي ويندو هو. هنڌ ماڙيون ۽ حجرا سڀ انهيءَ درد جي دانهن ۾ گونجندا هوا. اجهو هينئر به الفاظ لکندي اکين مان پاڪ ڳوڙها نڪري ڳلن تي ڳڙي پيا آهن. ۽ قرآن شريف جي اها آيت سڳوري دل تي تري آئي اٿم جنهن ۾ الله تعاليٰ حضرت دائود عليه السلام جي ذڪر ۾ فرمائي ٿو ته يا جبال اوبي معہ والطير اي پهاڙو ۽ پکيو اوهين به ساڻس گڏجي منهنجي ساراهه جا گيت ڳايو. ۽ پڻ سنڌ جي شاعرن جي سرتاج سهڻي شاهه لطيف جو هي بيت ياد اٿم:
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڄڻ ڪوئل جي ڪوڪ؟
ولولو ۾ ووڪ، ايءَ تان آهه عشق جي
رحمہ الله رحمنا واسعنا
سندن قدآور ۽ شاندار بدن تي ڊگهو ڪارو چوغو جهولدار سٿڻ ۽ سر مبارڪ تي عرق چين مٿان لونگي ڏاڍي سونهندي هئي. ۽ منجهائن سج ورنا شعاع نڪرندا هئا. وعظ جو نمونو به عجيب هوندو هون. ٿورو ڳالهائي بس ڪندا هوا ۽ سوز و گداز ۽ رقت وچان ساهي کڻندا هوا ته انهيءَ وچ ۾ مولودي پنهنجي مٺي آلاپ سان مولود چوندا هوا. پوءِ وري پاڻ عقاب جهڙي سنهي ۽ سندر آواز سان وعظ جو سڳو اڳتي سوريندا هوا. اهو ساڳيو وعظ جو طريقو علامه هدايت الله مشتاق متعلوي پنهنجي مولود النبي ۾ ڏنو آهي، جو اڪثر اڳين عالمن ۽ واعظن وٽ رائج هو
جوڳي پنهنجي جوءِ ويا، ٿا جهڙ جيئن نيڻ جهمن
سخن ساميڙن جا، هنيڙي منجهه هرن
سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئي
سندن مريد پڻ مٿانئن عاشق ۽ جان فدا هوندا هئا. جڏهن ڪڏهن مريدن جي ميڙ ۽ منٿ ڪري، دعوتن تي چڙهندا هوا، تڏهن کين ڪلهن تي چاڙهيندا هوا. پٺيان مريدن ۽ ٻين مخلصن جي بهير هلندي هئي، جي مولود چوندا ۽ زيلون ڏيندا پيرن پيادي هلندا ايندا هوا. ساري فضا انهي پڙاڏي سان پر ٿي ويندي هئي. عجيب لطف هوندو هو.آخر پاڻ پنهنجي سواري لاءِ محفو ٺهريائون جو ڀلا گهوڙا ڪاهيندا هوا. اهو محفو اوستي محمد بچل خاصخيليءَ ٺاهيو هو ۽ پنهنجي نوع جو هئو. اوستو محمد بچل شهر جي سڀني واڍن ۽ رازن جواستاد هو. ۽ چٽسالي ۾ سخت مهارت رکندو هو. اسان جي مسجد جي ٽنهي گنبذن تي جيڪا نقاشي هن مصور ڪئي آهي سا بي مثال آهي. اڄ به ائين پئي ڏسجي جيئن ته ڪالهه وجود ۾ آئي آهي. کيس ڪو اولاد ڪونه ٿيندو هو يا جي ٿيندو هو ته بچندو ڪين هو. الله تبارڪ وتعاليٰ جي مهرباني ۽ بزرگن جي دعا سان کيس هڪ سدا ملوڪ فرزند ڄائو جو وڌي وڏو ٿيو ۽ جنهن کي ماڻس اوستي جي وفات کانپوءِ پار وٺي وئي خبر نه آهي ته جئرو آهي يا نه.
باوجود ايڏي عظمت جي بزرگن ۾ ايتري قدر نهٺائي ۽ حليمي هئي جو سڀ ڪنهن ادنيٰ يا اعليٰ کي ڀاڪر پائي گڏبا هوا ۽ ڇاتي سان لڳائيندا هوا منجهن ايتري قدر مقناطيسي اثر هوندو هو جو ماڻهو حال ۽ وجد ۾ اچي ويندا هوا ۽ منجهن قلبي ذڪر جاري ٿي ويندو هو. مون تي بزرگ جي گهڻي نوازش هوندي هئي ۽ منهنجا هٿ اکر کين وڻندا هوا. مدرسي جي پرنسپاليءَ واري زماني ۾ قرب وچان اچي منهنجا مهمان ٿيا ۽ گهڻو خوش ٿي ويا.
پاڻ سنڌي ڪلام به گهڻو چيو ٿو ڏسجين جو ڏاڍي سوز سان ڀريل آهي، جيڪڏهن انهي خاص انداز ۾ پڙهجي ته جگر پاش پاش ڪري ڇڏي مونکي فقط مارئيءَ جي مثنوي جا ڪي بيت ياد آهن جي هيٺ ڏجن ٿا:
اول ڪريان ثنا ستار سائين
وڇوڙيل کي مٺا مارو ملائين
اباڻن جي اڪنڊ ڪيا چاڪ در چاڪ
جگر جيرا جلي کامي ٿيا خاڪ
اداڙي! تو عمر مون قيد ڇو ڪيو؟
پنوهارن جي پرت جو پيچ مون پيو
پنوهاريون هت پين پاڻي پلر پاڪ
آئون ويڍي وسايان منهن مٿي خاڪ
مٺو مرسل جڏهن ايندو سڄڻ سنڌ
بندي بيڪار کان ٿيندو بدا بند
گهڻائي سندن فيض مان رتا. سندن ڪيترائي خليفا هوا. جن مان ڪن جا نالا ياد اٿم، جهڙوڪ ميان عبدالله يمشي فقير، جو خود هڪ بلند پايي جو عالم هو، ۽ سيد خيرالدين شاهه جلباڻين وارو جو اسان جي گهر ايندو ويندو هو. مولود سٺا چوندو هو ۽ آواز نهايت سريلو هوندو هوس ۽ اخلاق عظيم جو صاحب هو. ملڪاڻين کان موٽبو هو ته واٽ تي حافظ نبي بخش يا ميان فقير محمد وٽ ساهي کڻبي هئي. هڪ دفعي ملڪاڻين کان موٽندي تمام ٿڪجي پيس (پنڌ ڪرڻ جو اصل ڪوچڙو آهيان جو پير داڦڙ اٿم. ميل کن پنڌ ڪريان ته هڦجي پوان) ۽ الٽيون ٿي پيم. سو مامون عبدالڪريم مونکي خليفي نبي بخش جي مڪتب واري اوطاق تي وٺي ويو جتي مصري جو شربت پي دل کي آٿت آيو. ميان عبدالله يمشي پهريائين ملڪاڻين ۾ درس ڪرائيندو هو پر پوءِ پار لڏي وڃي ويٺو جتي سنديس تدريس جاري هئي. منهنجا ڪرمپور جا ٻه ملا ڇوڪرادوست محمد رمضان ۽ امام بخش وٽس پڙهندا هوا. ۽ وٽائونس ئي دستاربندي ڪيائون ۽ پوءِ مولوي عبدالحي ۽ مولوي عبدالعزيز جي نالن سان مشهور ٿيا. عبدالعزيز وفات ڪري ويو آهي باقي عبدالحي اڃا جئرو آهي. يمشي فقير هڪ ڀيري ڊي پي آءِ واري زماني ۾ ڪنهن خسيس ڪم لاءِ مون وٽ آيو هو. کيس ڏسي سرهائي حاصل ٿي ٿيم ۽ اهو ڪم ڪري ڏنومانس.