11
اي خضر بي خجستہ مددکن بهمتم
رياضي علومن ، باوجود انتها محنت جي ٻه دفعا ڌوڪو ڏنو هوم. سو پڪو ارادو ڪيم ته اڳتي وڌيڪ ساڻن ڇيڙڇاڙ نه ڪندس. جون 1919ع ۾ بي اي ۾ داخل ٿيڻ شرط رياضي علومن کي ڇڏي فارسي زبان ۽ ادبيات هٿ ۾ کنيم، ڇاڪاڻ ته اڳيئي فارسي زبان تي گهڻو عبور هوم رياضي علومن جي مدرسن پروفيسر ٽرويڊي ۽ پروفيسر لاهو گهڻو ئي هرکايو پر آئون عزم بالجزم تان ڪين مڙيس. هڪ جاهلي عرب شاعر ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:
فاذا لم تسطع شيئا فدعہ
وجاوزه الي ما تستطع
(يعني جيڪڏهن ڪا شيءِ ڪري نه سگهين ته ان کي ڇڏي ڏي ۽ انهيءَ کان درگذر ڪري اها شيءِ هٿ ۾ کڻ، جنهن سان پڄي سگهين)
تنهنڪري رياضي علومن کي ڇڏي اگرچه اڃا به ساڻن گهڻي دلچسپي اٿم ۽ مئٽرڪ وارا حساب ڀلجي ڪون ويا اٿم.
فارسي نصاب ۾ ڪيترائي ڪتاب منهنجي دل وٽان هئا جهڙوڪ ڪيمياءِ سعادت، مثنوي مولانا روم، تذڪره دولت شاهي ۽ قصائد قاآني وري پاڙهيندڙ پروفيسر گربخشاڻيءَ جهڙو ماهر مليوسين، جو خاص مثنوي پاڙهيندي مست ٿي ويندو هو ۽ سندس ڪيف ۽ نشو پڙهندڙن کي به مخمور ڪري ڇڏيندو هو. هم رفيق سڀ فارسيءَ ۾ هشيار هئا، جهڙوڪ سيد ميران محمد شاهه، سيد عطاحسين شاهه، قاضي نواز علي نصرپوري ۽ محمد اسماعيل قادري، محراب شاهه شهدادزئي، هندو همدرسن جا نالا هينئر وسري ويا اٿم انهي ڪري علمي چٽا ڀيٽي چڱي هلندي هئي. پر مان سڀني امتحانن ۾ کانئن گوءِ کڻي ويندو هوس. هينئر ته اهي هڪ ئي وقت مخلص دوست گهڻو ڪري منهن مٽي ويا آهن ۽ سڀڪو دنيا جي چڪر ۾ اچي ويو آهي:
رفيقان چنان عهد صحبت شکستند
کہ گوئي نبودست خود آشنائي
مالي حالت گهڻي قدر درست هئي اگرچه پاڻ کي ۽ عزيزن کي خوشحال رکڻ ۾ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي. وائنس صاحب مهرباني ڪري ستين درجي جي اتاليقيءَ سان گڏ حسن علي هائوس جي مٿين طبقي جي ڏاکڻيءَ ڪنڊ واري ڪوٺي رهايش لاءِ ڏني هئي، جا اولهه ڏي منهن هئڻ ڪري نهايت هوادار هئي. ان جي عوض انهيءَ طبقي جي نگراني منهنجي حوالي ڪئي هئي. انهيءَ وقت مسٽر پيرزادو ۽ صديقي محمد حنيف به انهيءَ طبقي ۾ رهندا هئا ۽ مونکان حسابن جون مشڪلاتون حل ڪرائيندا هوا. ازانسواءِ چرچ مشن هاءِ اسڪول ۾ به حساب ۽ فارسي سيکاريندو هوس. پڻ پرنسپال شاهاڻيءَ شفقت فرمائي ڪاليج جي في معاف ڪري ڇڏي هئي، جنهن ڪري خرچ جي تنگي ۽ تون ڪانه هوندي هئي.
هرگز بيمن عاطفت پير مي فروش
ساغر تهي نه شد ز مي صاف روشنم
الحمد لله وقت نهايت سٺو گذرندو هو.
ضروري ۽ اختياري انگريزءَ ۾ خود انگريز ادبيات جي شاگردن کان به عبارت آرائيءَ فهم ۾ گهڻو سرسو هوندو هوس، اگرچه انهن جيتري فراغت نه هوندي هيم جو عام ڪتب پڙهي سگهان. حاتنڪه سينٽبري تنقيد نگار جي نالي پڻ غير واقف هوس.انگريزيءَ ۾ شاهاڻي صاحب شيڪسپيئر جي الميه ميڪبيٿ ۽ اوڻهين صديءَ جا انتقادي مقالا پڙهائيندو هو آڊواني صاحب گولڊن ٽريزريءَ جو چوٿون حصو نهايت ذوق ۽ شوق سان پاڙهيندو هو ۽ انگريزي ادب ۽ خاص شعر جي مطالعه لاءِ ترغيب ڏياريندو هو. اختياري پيپرن جا ڪتاب هڪ گجراتي ليڪچرر ۽ ان بعد مسٽر لالسنگ آجواڻي پاڙهيندو هو. مطلب ته انگريز ادب توڙي فارسي م سڀني شاگردن کان اعليٰ هوندو هوس.
تلقين درس اهل نظر يک اشارت است
کردم اشارتي و مکرر نمي کنم
هن سال اسان جو مدرسي وارو استاد مسٽر ڊي بي ڪوٽوال پيريءَ ڪري پنهنجي وائس پرنسپاليءَ جي عهدي کان سبڪدوش ٿيو. اگرچه مدرسي جي اختياريءَ وارن کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر پاڻ وڌيڪ رهڻ پسند نه ڪيائين. سندس جاءِ تي ڪجهه وقت مرحوم مسٽر جمعه تيجاڻي ۽ ڪجهه وقت مسٽر مريد علي ڪم ڪيو. سال جي آخر ڌاري مدرسه بورڊ کي اچي هن جنون کنيو ته وائيس پرنسپال جي جڳهه لاءِ اشتهار وجهجي. سو بمبئي جو هڪ ماهر تعليم پارسي، جنهن هڪ اسڪول اتي ڪاميابي سان هلايو هو، تنهن کي کڻي مقرر ڪيائون. ملا صاحب هونءَ ته گهڻوئي چڱو ڏسڻ ۾ ٿي آيو پر هو انگريزن جو خوشامدڙو هو. پاڻ کي سرخرو بنائڻ لاءِ هڪ جلسو ڪيائين، جنهن ۾ هڪ خاص ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکي شاگردن ۾ ورهايائين. ان ۾ انگريزن سان وفاداررهڻ جي تلقين هئي ۽ ڪتاب جي سري تي هيءَ ڪمزور حديث به هئي ته “السلطان ظل الله في الارض” يعني بادشاهه زمين تي الله جو سايو آهي. ان مان العادل جو لفظ عمدا وساري ڇڏيو هوائين انهيءَ تي مون مدرسي جي سڀني بورڊرن کي اشتعال ڏياريو. چي اهڙو ڪتاب ساڙڻ گهرجي. مدرسي ۾ منهنجي گهڻي هلندي هئي سو سڀني شاگردن سنجها وقت سڀيئي ڪتابچا ميڙي ميدان جي وچ ۾ گڏ ڪيا ۽ انهن کي وٺي باهه ڏنائون جو سارو ميدان مچ جي ڪري روشن ٿي پيو.
وائينس صاحب مون تي تمام گهڻو مهربان هو. اڳيئي انهيءَ سال جڏهن عام مسلمانن خلافت تحريڪ جي ڪري شهزادي ايڊورڊ جي آجيان کان انڪار ڪيو هو، تڏهن خار وچان جن ماسترن انهيءَ ۾ بهرو ورتو هو تن کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو هوائين. خصوصا منهنجن دوستن مرحوم تاج محمد ٻگهيي، مسٽر عبدالرحمان مغل ۽ مسٽر احمد بخش راهوءَ کي مان وائينس صاحب وٽ ميڙ کڻي ويس ته اهڙا ستاد اوهان کي ڪٿان ملندا، جنهن تي وري انهن کي پنهنجن جاين تي برقرار رکيائين. پر هي ته انتظامي معاملو هو. وائينس صاحب مرحوم مولوي عبدالرحيم مگسي کي اچي ڀيڙيو ۽ منهنجي شاگرد مسٽر حاجي محمد بلوچ کي ڪشي مار ڏنائين. آخر انهن سچي ڪئي ته اها سڄي شرارت منهنجي هئي. وائينس صاحب ٻيو مونکي ڪجهه نه چيو. پاڻ قدري بيمار هو ۽ مدرسي وارو بنگلو ڇڏي وڃي ڪچهري روڊ تي هڪ جاءِ ۾ رهيو هو. جا پيلس هوٽل جي سامهون هوندي هئي. مونکي پاڻ وٽ گهرائي چيائين ته اونهاري جي وئڪيشن (1920) کان اڳ مدرسو ڇڏي وڃي ٻاهر رهه ۽ مونکي هڪ عاليشان سرٽيفڪيٽ ڏنائين. ان کانپوءِ پاڻ ستت ولايت هليو ويو، جتي وڃي وفات ڪيائين. جزاه الله خيرا. هو مسلمانن جو وڏوهڏ ڏوکي هئو، ۽ ڪيترائي سال مسلمانن ٻچن جي تعليم لاءِ پاڻ کي گهڻو پتوڙيو هوائين. ۽ انهي محنت ڪشيءَ ڪري ئي سندس صحت جهري پيئي “عجيب مردي بود”.
منهنجي انهيءَ ڪارستاني ڪراچيءَ جي مسلمانن ۾ گهڻو ڄوٻول پيدا ڪيو. مرحوم ولي محمد صاحب حسن علي هڪدم مدرسي ۾ هليو آيو ۽ چيائين ته “پٽ ٽپڙ کڻي هلي منهنجي جاءِ “خورشيد لاج” جي چوٽي تي رهه.” هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ مونکي جاءِ ڏنائين. ۽ ماني ٽڪي به مونکي اتي ملندي هئي. سندس فرزند حسن علي جو منهنجو ڇهين درجي کان وٺي دوست هو، تنهن مسين مسين انهيءَ سال مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. ۽ ڪاليج جي پهرئين سال ۾ داخلو ورتو هو. سو مرحوم مونکي فرمايو ته کيس ايف اي جا حساب سيکاريندو رهه. مرحوم مونکي پنهنجي پٽن وانگر ڀائيندو هو. مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، مرحوم الله بخش سومري، حاجي مولابخش سومري ۽ سندن والد صاحب حاجي عمر سان به انهيءَ وقت ڏيٺ ٿي هيم. جي بعضي بعضي اتي اچي رهندا هئا.
سڄو سال سندس شفقت جي نظر هيٺ رهيس. سندس قرب ۽ سندس ناصحاڻا نڪتا اڃا مون کي ياد آهن. مرحوم مسلمان قوم جو وڏورهبر ۽ خيرخواه هئو ۽ محمدن ايسوسئيشن جو سيڪريٽري هو. نهايت ڪرڙو، پر باسليقه انسان هو. منهنجا اکر وڻندا هئس، ۽ گاهه گاهي مون کان خط لکائيندو هو. سندس انگريزي عاليشان ۽ ڪڙڪي دار هئي. سندس اک اڪري ۽ آواز رعبدار هو. سب کانئس ڪنبندا هئا. پر مونسان ڪڏهن به کهرو نه پيو.
ان وقت ڌاري مان الوحيد ۾ مضمون موڪليندو هوس، وائنس صاحب جي وفات بعد بورڊ جي ممبرن وري خانهدار ڪنٽرا ڪٽر جون خدمتون سرڪار کان اڌاريون ورتيون. مدرسي ۾ هڪ بدران ٻه آتش پرست ٿي پيا. منهنجي قلم ۽ قلب کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ دل ۾ پهه ڪيم ته ڪيئن به ڪري مدرسي کي مسٽر ملا جي مدمستيءَ کان آجو ڪجي. الوحيد ۾ ڪيترائي زبردست مضمون لکيم، جن مان ٻن جا سرا اڃا مونکي ياد اٿم. “مدرسي جي ڇيلي جي ڳچيءَ تي ٻه لڙڪا” ۽ حسن علي آفنديءَ جو روح قبر مان پڪاري رهيو آهي.” اهي مضمون منهنجي دوست مرحوم قاضي عبدالحي وڙ رهجي ويا. ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. الوحيد باقاعده مرحوم خانبهادر ولي محمد وٽ ايندي هئي. اهي ليک پڙهي کيس ڏاڍ جڪ ايندا هوا چوندو هو ته “ڇورا هي تنهنجا ئي ڪم آهن.” مان باادب جواب ڏيندو هوس ته سائين “اهڙي سنڌي مان ڪيئن لکي سگهندس” پر کيس ويساهه نه ايندو هو. آخر مدرسه بورڊ فيصلو ڪري مسٽر ملا جي خدمات جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن ملا صاحب ڪاغذ ڪڇ ۾ کڻي خانبهادر وٽ آيو جيئن هيٺ ٿي لٿو، تئن مونکي ڏاڪڻ تي گڏيو. آکڻ لڳو ته هي سڀ تنهنجي مهرباني آهي. چيومانس ته گبر جا ٻچا ياد ڪجانءِ ته ڪنهن مڙس سان هٿ اٽڪايو هيئه. پوءِ ستت ئي بسترو ويڙهي بمبئيءَ راهي ٿيو. “وما بکت عليه السماء والارض” باقي خانبهادر ڪنٽر ڪٽر هليو آيو، ڇاڪاڻ ته هو هڪ نهايت مدبر ۽ ڪاردان تعليمي ماهر هو ۽ سندس ايامڪاري ۾ مدرسي چڱي ترقي ڪئي.
هي منهنجو بي اي جو آخري سال هو. ان وقت خلافت تحريڪ جو سخت زور هو. سياسي ڪم ڪندڙن ڪاليج جي شاگردن کي ڀڙڪايو ته تعليم جو بهشڪار ڪن. مان پڻ سياسي تحريڪ ۾ چڱي دلچسپي وٺندو هوس. هڪ دفعي مولوي عبدالرحيم مگسي صاحب سان گڏ جي دادو ويو هوس. جتي خلافت ڪانفرنس جي صدارت بزرگ ملڪاڻي کان ڪرائي هيائون. مون اتي هڪ نهايت جوش ۽ درد ڀريو نظم پڙهيو هو. وري خيرپور ناٿن شاهه ويو هوس، جتي جلسي جو مير مجلس مرحوم جان محمد جوڻيجو هو. ڪاليج جي شاگردن ۾ سخت تاءُ هو ۽ ڪيترن ئي جهڙوڪ منهنجي دوست علاءُ الدين سمي پڙهڻ کي ترڪ ڪري پاڻ کي نقصان پهچايو ڇاڪاڻ ته خلافتين ۾ صداقت ڪانه هئي. مان به آماده ٿيو هوس ته تعليم کي تياڳ ڏيان پر سرهندي بزرگن، خواجه حسن جان صاحب کي ڪنهن انهيءَ ڳالهه کان آگاهه ڪيو. سو مون ڏي هڪ تنبيه نامون لکي موڪليائون ته متان اهڙو بيوقوفيءَ جو ڪم ڪيو اٿئي؟ مرشدن جو چيو ڪري مان پڙهڻ کي چهٽو رهيس:
نه هر درخت تحمل کند جفاي خزان
غلام همت سروم که اين قدم دارد
انهن جي دعا جو اثر آهي، جو انهي منزل تي پهتو آهيان نه ته جئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا
چلڙ جي چوئين، تن ساگوٽا ۽ سپيون
انهيءَ سال ۾ مسلمانن جي مهندارن کي پئرس ۾ گول ميز ڪانفرنس جي ڪوٺ ٿي. مولانا محمد علي صاحب ، حڪيم اجمل خان، مولانا سيد سليمان ندوي صاحب ۽ سندن سيڪريٽري مسٽر شعيب قريشي ڪراچيءَ ۾ براجمان ٿيا. ڪاليج جي مسلمان شاگردن سندن دعوت ڪئي ۽ ميٺا رام هاسٽل پٺيان سندن عڪس ورتو ويو. مدرسه اولڊ بوائز ايسوسئيشن ۾ پڻ سندن آجيان ڪئي وئي. ۽ مونکي ارشاد ٿيو ته مان سندن شان ۾ تقرير پڙهان. تقرير جي آخر مان مرحوم حاليءَ جي مسدس جو پهريون حصو ترنم سان پڙهيم ۽ خصوصا هن بند حاضرين تي وڏو اثر اثر ڪيو.
یہی حال دنیا میں اس قوم کا ہے
بھنور میں جہاز آکے جس کا گھرا ہے
کنارہ ہے دور اور طوفاں بپا ہے
گماں ہے یہ ہر دم کہ اب ڈوبتا ہے
نہیں لیتی کروٹ مگر اہل کشتی
پڑی سوتی ہیں بے خبر اہل کشتی
۽ مرحوم حڪيم اجمل خان مون کي آفرين چئي.
پڇاڙي وارو سال اچي خير سان ختم ٿيو. مون تياري تمام سٺي ڪئي هئي. ان وقت بي اي آنرس جوامتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندو هو،پر ترڪ موالات جي تحريڪ زور هئي. عام طرح افواه هو ته جيڪڏهن اسين اتي امتحان لاءِ وينداسين ته ڪانگريسي ڪم ڪندڙ يونيورسٽي هال جي دروزي تي پئجي رهندا ته ڀل اسان کي لتاڙي پوءِ اندر وڃو. ڪوبه باغيرت انسان اهو روش اختيار ڪري نٿي سگهيو، انهي ڊپ ۾ منهنجا ٻيا سنگتي اتي رهجي ويا، فقط مان جهاز ۾ چڙهي سامونڊي سفر ڪري وڃي بمبئي نڪتس. پروفيسر شيرازي منهنجي رهائش جو بندوبست بهائي هال ۾ ڪيو هو. بهائين جي فاضل مشنري آقا محمود زرقانيءَ منهنجي وڏي مرحبا ڪئي ۽ امتحان جا ڏينهن اتي نهايت آسودگيءَ سان گذاريم.
بهائي هال يونيورسٽي جي نزديڪ هو، تنهنڪري امتحان هال ۾ پهچڻ لاءِ دات ڪانه ٿيندي هئي. ڪوبه شور و شر ڪون هئو ۽ نه ڪنهن اسان کي امتحان ۾ وهڻ کان روڪيو. پيپر سڀ نهايت سٺا ڪيم.
هي قصو وڏو آهي تنهنڪري
همچو پيش تو اي مختصر پسند
در ناله اي تمام کنم ماجراي دل