مختلف موضوع

سڀ رنگ سانول

هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ليکڪ، ادب دوست ۽ سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوست محترم هاشم شوري صاحب جي لکيل تاثراتن، شخصيتن جي خاڪن، ڪهاڻين، شاعري ۽ آٽوگراف ڪليڪشن تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2301
  • 581
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هاشم شورو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ رنگ سانول

• پنهنجي پاران

جڏهن منهنجي شعور واري اک کلي، ته مون پاڻ کي غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ گهراڻي ۾ ڏٺو. منهنجو والد ڪوٽڙي اسٽيشن تي قلي هو ، روز ڪمائيندو هو ۽ روز خرچ ٿيندو هو، هوائي روزي هوندي هئي ، ڪڏهن ملندي هئي ته ڪڏهن بک تي به گذاريندا هئاسين .
منهنجي ڪڙم ۾ منهنجي والده، والد، چاچو ۽ ڏاڏي هوندا هئا. چاچو الابالي طبيعت جو هوندو هو موڊ ٿيندو هئس ته مزدوريءَ تي ويندو هو نه ته سڄو ڏينهن صديق جي هوٽل تي تاس پيو کيڏندو هو ، هو ڏاڏي مرحومه جو دادلو هوندو هو ، منهنجي ڏاڏي مرحومه تنهن وقت جي مشهور دائي هوندي هئي ۽ اها به چاچي کي پئسو ڏوڪڙ پئي ڏيندي هئي . ڏاڏي مرحومه جو مون ۾ ساهه هوندو هو، مونکي تمام گهڻو ڀائيندي هئي، گهر ۾ آئون اڪيلو ئي ننڍو ٻار هئس.
ڏاڏي مرحومه کي علم جو وڏو شعور هو ، هوءَ چوندي هئي ته آئون پنهنجي پوٽي کي بابو بڻائيندس، مونکي سڏيندي ئي بابو هئي، بابا چوندو هو ته ٿورو وڏو ٿئي ته ڪنهن ورڪشاپ ۾ ڇڏي اچبس جيئن ڪو هنر سکي پوي، پر ڏاڏيءَ چيو نه منهنجو پوٽو پڙهندو بابو ٿيندو، انهيءَ ڳالهه تي گهر ۾ اڪثر ڏاڏيءَ مرحومه جو ۽ بابا جو جهيڙو پيو هلندو هو . جڏهن منهنجي عمر پنج سال ٿي ته ڏاڏي منهنجي آڱر جهلي مونکي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرائي آئي ۽ روز اسڪول جو هڪ پئسو خرچي ملندي هئي جيڪا تمام گهڻي هئي. پوءِ اهڙي طرح پرائمري پاس ڪري جڏهن هاءِ اسڪول پڙهڻ جو مرحلو آيو ته بابا وري ڦڏو ڪيو ته مونسان گڏ ڪم تي هلي، پڙهي ڇا ڪندو، مون وٽ هن جي پڙهائڻ لاءِ پئسا ناهن، پر ڏاڏي مرحومه منهنجي ۽ بابا جي وچ ۾ ڍال بڻجي بيهي رهي ۽ چيائين بابو پڙهندو ۽ ضرور پڙهندو، هن جو سڄو خرچ مان پاڻ ڪنديس، توکان ڪجهه به نه وٺندو. گهڻي هڻ وٺ کان پوءِ بابا خاموش ٿي ويو ۽ پنهنجي مرحومه ڏاڏيءَ جي مهربانين سان هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس، ڏاڏيءَ کي ڪنهن سياڻي صلاح ڏني ته هيڊ ماسٽر کي هڪ درخواست ڏي ته اسين انتهائي غريب آهيون، اسڪول جو خرچ نٿا ڀري سگهون ۽ منهنجو پوٽو پڙهڻ چاهي ٿو، غريب ٻارن جي فنڊ مان منهنجي پوٽي جي في معاف ڪئي وڃي، هيڊ ماسٽر مونکي سڏايو ۽ ڪجهه سوال ڪيا، جنهن کان پوءِ منهنجي في معاف ٿي، آخر 1973ع تي مون مئٽرڪ پاس ڪئي.
اها هئي منهنجي ڏاڏيءَ مرحومه جو تعليم بابت شعور، جيڪا پاڻ مڪمل اڻپڙهيل ۽ ڳوٺاڻي عورت هئي،آئون پنهنجي رب جو نهايت شڪرگذار آهيان جو مونکي اهڙي ڏاڏي ملي جيڪا شعور جي مڪمل بلندين تي پهتل هئي ۽ وري منهنجو پيءُ جيڪو مڪمل منهنجي ڏاڏيءَ مرحومه جي ابتڙ آهي. تڏهن ته چوندا آهن ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. منهنجي ڏاڏي مرحومه 1974ع ۾ وفات ڪري ويئي جهڙي منهنجي ساري ڪائنات اوندهه ۾ ٻڏي ويئي هجي . هن وقت آئون پنهنجي ڏاڏي مرحومه کي ڏاڍو مس ڪندو آهيان، ته جيئن اڄ منهنجون ڪاميابيون، منهنجا ٻار اکين سان ڏسي ها، منهنجي ٻارن جي تعليم ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابيون جيڪر ڏسي ها ته جڏهن مون مئٽرڪ پاس ڪئي ته منهنجو هڪ مائٽ ايريگيشن ورڪشاپ ۾ ايس ڊي او جو واقفڪار هو تنهن ايس ڊي او کي منهنجي نوڪريءَ لاءِ چيو ، تنهن مهرباني ڪري مونکي بلڊوزر جو گريسر ڪري رکيو. روز ويندو هئس بلڊوزر جي صفائي وغيره مرمت جو ڪم ڪندو هئس. ائين ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ سب انجينئر جو پٽيوالو مون کي سڏڻ آيو ته جوکيو صاحب ٿو سڏي. آئون پريشان ٿي ويس، صاحب ڇو ٿو سڏي، ڪٿي مونکان ڪا غلطي ٿي آهي ڇا؟ خير مان ويس ، هڪ سنهڙو سيپڪڙو پر رعبدار سب انجينئر سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو هو . مون سلام ڪيو . سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين، مون سمجهو نه، ته چيائين ويهه پٽ ،آئون ويهي رهيس .
ڪير مڙس آهين ؟
چيم ، شورو آهيان سائين.
ڪيترو پڙهيل آهين ؟
سائين هاڻي مئٽرڪ ڪئي آهي ، هن سال .
اڇا......اونهون ساھ کڻي چپ ٿي ويو.
مون توکي ان لاءِ گهرايو آهي ته تون منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪرين، پر جيڪڏهن تون ميڪينڪ جو ڪم سکڻ چاهين ته تنهنجي مرضي، جيڪڏهن تون آفيس ۾ ڪم ڪرڻ چاهين ته سڀاڻي کان صاف ڪپڙا پائي اچجان ۽ اچي آفيس ۾ ڪم ڪجان، پر عهدو تنهنجو گريسر ئي رهندو، جي ڪو عهدو خالي ٿيو ته توکي ڪلارڪ به ڪري سگهجي ٿو .اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿيو .
هي صاحب سائين رحيم خان جوکيو ۽ تخلص جرس آهي، جيڪو تن ڏينهن ۾ سب انجينئر هوندا هئا ايريگيشن ورڪشاپ ڪوٽڙيءَ ۾ . هي صاحب انتهائي شريف النفس انسان آهن، هن ماڻهوءَ جي طفيل منهنجو پير ادب جي ميدان تي پيو. پاڻ سنڌي ادب جو وڏو ڄاڻو، تاريخ جو ماهر ۽ انسان دوست ادب دوست آهي .
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ جوکيو صاحب پڇيو، ادب پڙهندو آهين، چيم ادب ته ايترو نه پڙهيو اٿم پر اردوءَ جا جاسوسي ناول ، ابن صفي ۽ عمران سيريز جا ڪتاب ۽ ڪجهه ڊائيجيسٽ ضرور پڙهيا اٿم، پاڻ چيائين سنڌي ادب پڙهندي ؟ مون ها ڪئي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن سائين ڪجهه سهڻي جا پرچا کڻي آيو ۽ چيائين پڙهي ٻڌائجان. مونکي پڙهڻ جو اڳئي شوق سو ڏاڍو دلچسپيءَ سان پڙهيم، ائين سائين جوکيو صاحب سان ادب جو مضبوط ناتو جڙي ويو. سائين مونکي ڪتاب ڏيندو ويو آئون پڙهندو ويس، ائين مون کي سنڌيءَ جي وڏن ڪهاڻيڪارن کي پڙهڻ جو موقعو مليو، جن ۾ علي بابا، امر جليل، قاضي خادم، خيرالنساءُ جعفري، نورالهديٰ شاه، آغا سليم، ماهتاب محبوب، تنوير جوڻيجو، غلام نبي مغل، عبدلقادر جوڻيجو، شوڪت شورو، رشيد ڀٽي، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا گهڻا.
سهڻي، روح رهاڻ ۽ ملير ڊائيجيسٽ، سوجهرو ۽ ٻيا به ڪافي ماهوار رسالا هوندا هئا جن جو شدت سان انتظار رهندو هو ۽ ان سان گڏ حيدرآباد جي ادبي گڏجاڻين، ڪتابن جي مهورتن ۽ ڪنهن نه ڪنهن اديب سان ملهايل شام ۾ ضرور شرڪت ڪبي هئي .الله پاڪ جوکيو صاحب کي عمر خضري عطا ڪري، جو هن صاحب مونکي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو ۽ اهو چوندي مونکي فخر محسوس ٿو ٿئي ته مونکي اڳتي پڙهڻ لاءِ پاڻ آماده ڪيائون ۽ منهنجي پڙهڻ جو گهڻو خرچ به پاڻ ڪيو هئائون ۽ ٽيوشن به ڏيندا هئا، جنهن ڪري مان سنڌي ادب ۽ سوشيالاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي.
اهڙي طرح ادب سان اهڙي جند جڙي جو هر شوق ختم ٿي ويا .پوءِ دوستن جي اسرار تي ينگ رائيٽرز گلڊ ٺاهي ويئي جنهن جي پليٽ فارم تان ڪافي ادبي گڏجاڻيون ڪيون سين ، وري سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپجي وياسين ، ۽ اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل آهيون. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان زبردست گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، جن ۾ مرحوم اسير ملاح، گل ملاح، اختر رند، شهيد سومرو، قمر عباسي، مرحوم امير بخش خاصخيلي، علام رسول غرق، قمر چانڊيو ، منير سومرو، عالم سومرو، نصير سومرو ، مرحوم گلشير ڀٽي، سرور شيخ، تنوير شيخ، مرحوم اڪبر شورو مرحوم اڪرم ٻورڙائي ، علي بابا، وغيره تمام گهڻا سرگرم هوندا هيا. علي بابا ۽ عبدالڪريم بلوچ سان شامون ملهايون ۽ مشاعره ڪندا رهندا هئاسين .سڀ کان اهم ڳالهه 1974 ۾ اسان ڪجهه دوستن جن ۾ آئون ، الطاف صديقي، عالم سومرو، منير سومرو ۽ قمر چانڊيو گڏجي شاه لطيف لائبيريري قائم ڪئي، جنهنجو پهريون لائبريري انچارج آئون هئس. لائيبريري لاءِ اسان ميونسپل ڪميٽيءَ کان چار اخبارون منظور ڪرايون، اسين سڀ دوست گڏجي لائبيريري جي مسواڙ ڀريندا هئاسين .پاڙي ۽ ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کان پئسو به نه ورتو اسان ڳوٺ جي ماڻهن کي اخبارن تي ايڏو ته هيرائي ڇڏيو جو شام جوپنجين بجي جيئين ئي لائبيريري کلندي هئي ته ماڻهو انتظار ۾ هوندا هئا . هن لائبريري لاءِ اسان کي ڪتابن جا عطيه به مليا، سائين ڊاڪٽرشيرمحمد شاه صاحب ، اسان کي ڪافي ڪتاب عطيه ڪيا ، ڀيڻ خير النساءِ جعفريءَ به اسان جي ڪتابن جي حوالي سان ڪافي مدد ڪئي. سائين تاجل بيوس به ناز سنائيءَ معرفت ڪتاب موڪليا هئا.
مونکي فخر آهي ته مون هن لائبريري ءَ کي پنهنجي عروج تائين پهچايو، پر بدقسمتي اهڙي جو منهنجي نوڪري اسٽيٽ بئنڪ ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن ڪري ڪجهه دوستن کي لائبريريءَ جي چارج 1986ع ۾ ڏئي ڪراچيءَ هليو ويس، پوءِ دوستن جي عدم دلچسپيءَ جي ڪري ماڻهو قيمتي ۽ اڻلڀ ڪتاب کڻي ويا ۽ فرنيچر به کڻي ويا .
تنهن وقت ۾ ادب پڙهڻ جو ايڏو جنون هوندو هو جو ڪتاب بازار ۾ ايندو ئي مس هو ته وٺبو هو ۽ ان ئي ڏينهن پڙهبو هو ، سائين سراج جو جڳ مشهور ناول “ پڙاڏو سوئي سڏ” مون سائين رسول بخش درس وٽ جهمپير ۾ سندس اوطاق تي ڏٺو هو جتان کڻي اچي پڙهيو. سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن سان به سٺا لاڳاپا هئا ، جيئن ادي خيرالنساءِ جعفري، سائين نثارحسيني، آپا زيب نطاماڻي، سائين تاج جويو ، سائين شوڪت شورو، سائين علي بابا، سائين طارق عالم ابڙو ، سائين اياز عالم ابڙو ، سائين مرحوم طارق اشرف ، سائين مدد علي سنڌي ۽ ٻيا .
منهنجي شادي 1981ع ۾ ٿي منهنجي ٻارن جو تعداد ست آهي، پر منهنجو هڪ پٽ سارنگ 22 ورهين جي عمر ۾ بلڊ ڪينسرجهڙي موذي مرض ۾ 25 جولائي 2008ع تي وفات ڪري ويو، جنهجو ڏک جھڙ نيڻئون نه لهي جي چواڻي آهي، وڏو پٽ رابيل ماشاالله بئنڪ ۾ آفيسر آهي ۽ ٻيو پٽ هالار اڃان پڙهي پيو .
نياڻيون ماشاالله چار ئي اعليٰ تعليم يافته آهن، جڏهن کان اسٽيٽ بئنڪ ۾ نوڪري ملي اتي ادبي ماحول نه هئڻ ڪري هڪ خال محسوس ٿيو، بئنڪ جي نوڪريءَ ۾ ايتري ته مصروفيت رهي ٿي جو پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍڻ ڏاڍو مشڪل آهي، پر ان هوندي به سنڌي بلوچ ويلفئرايسوسي ايشن سياست ۾ اچڻ ٿيو چونڊون کٽيون سين ۽ هڪ ميگزين جي ادارت ڪئي جنهن جو نالو “پرين پچار” هو، ڪراچيءَ ۾ دوست رزاق سهتو منهنجو ڪليگ هئو، جيڪوچوندوهو ته هر آچر تي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿين ٿيون، پر آئون ڪوٽڙي هليو ويندو هئس انڪري گڏجاڻين ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس.
اهڙي طرح 24 سال ڪراچيءَ ۾ گذاري 01-01-2004ع تي منهنجي ٽرانسفر اسٽيٽ بئنڪ حيدرآباد ۾ ٿي ۽ هاڻي تازو جڏهن مان پنهنجي نوڪريءَ مان ريٽائر ڪيو ته ڪجهه دوستن خاص ڪري آفتاب کوهارو ۽ عبدلله بروهيءَ ٻڌايو ته نوجوان محبوب سنڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ڪيمبرج اسڪول شاهه لطيف چوڪ وٽ ٿين ٿيون اوهان سينئر دوست به شرڪت ڪيو ته اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي، پوءِ مون هنن دوستن کي ڳولهي وڃي هٿ ڪيو، تقريبن نوان دوست هئا، جن ۾ محبوب سنڌي، بهزاد سنڌي، صائب ميمڻ ،آفتاب کوهارو ايڊووڪيٽ، نور حسين ڪلهوڙو، زين تنيو، راحيل قاضي ايڊووڪيٽ، علي دوست لاکو ۽ ٻيا. باقي پراڻن دوستن ۾ عبدالله بروهي، عاشق اوڍاڻو، غلام رسول غرق جهڙا دوست هن ادبي اوطاق ۾ شامل هئا، انهن دوستن سان گڏ ٻه سٺا راڳي دوست اصغر کوهارو ۽ سرور سخيراڻي به مليا، جيڪي هر گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي مڌر آواز / آلاپن سان گيت ٻڌائي ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن.
هن ڪتاب ڇپائڻ جو سڄو ڪريڊٽ پياري آفتاب حسين جو آهي، جنهن مون کي ڪتاب ڇپائڻ جو اتساھ ڏياريو.
چيائين سائين ڪتاب ڇو نٿا ڇپايو؟
مون چيو خواهش منهنجي به آهي پر هڪ ته مون وٽ ايترومواد ئي ناهي، ٻيو مونکي خبرئي ناهي ته ڪتاب ڇپجڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي.
آفتاب چيو توهان مونکي مواد ڏيو ٻيو سڄو ڪم منهنجو آهي.
مون ڪجهه ڪهاڻيون، ڪجهه شاعري، شخصيتن تي لکيل تاثر ،آفتاب کي ڏنا، جنهن چيو سائين ماشاءَالله تمام بهترين ڪتاب تيار ٿي ويندو.
مون چيو بس پوءِ تيار ڪري ڇپائي ڏيو، اها سموري ذميواري مان اوهان کي سونپيان ٿو.
اهو سچ آهي ته جيڪڏهن پياروآفتاب نه هجي ها ته شايد منهنجو هي ڪتاب جيڪو اڄ توهانجي هٿن ۾ آهي اهو شايد مان ڇپرائي نه سگهان ها.
منهنجو پيارو دوست سائين مٺل جسڪاڻي پڻ پنهنجي تاثراتي ليک سان نوازيو، سندس وڏا وڙ جو مون مسڪين مٿان ڀلايون ۽ ڀال ڪيائين، آئون سندس تهه دل سان شڪرگذار آهيان.
ٻيو ٿورائتو آهيان مان سائين اياز عالم ابڙي جو جنهن وڏي محبت مان ڪتاب جو مهاڳ لکي ڏنو ۽ ٻي سڄي سنگت جا لک ٿورا جن منهنجي ڪتاب تي ڪجهه نه ڪجهه لکي مون تي احسان ڪيا، آئون سندن تاحيات ٿورائتو آهيان جن مون کي عزتون ۽ محبتون بخشيون.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

هاشم شورو
ڪوٽڙي
اڱارو 14 اپريل 2015ع