مختلف موضوع

سڀ رنگ سانول

هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ليکڪ، ادب دوست ۽ سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوست محترم هاشم شوري صاحب جي لکيل تاثراتن، شخصيتن جي خاڪن، ڪهاڻين، شاعري ۽ آٽوگراف ڪليڪشن تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2301
  • 581
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • هاشم شورو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڀ رنگ سانول

• انٽرويو يادگيرين جا حسين پل انٽرويو وٺندڙ: فهيم فدا شورو

مون کي چٽي طرح ياد آهي ته، هو منهنجي اوطاق (شورا هائوس مسڻ وڏي) تي چوڪڙي سان چِٽيل مشهور سنڌي رليءَ جي سيج تي، ديوار سان ٽيڪ لڳائي ويٺل هو. سندس هڪ پاسي ساڻس گڏ آيل سندس پيارو دوست نجيب اقبال شورو ۽ ٻئي پاسي منهنجو والد ماجد مولانا محمد يامين شورو ويٺل هئا. آئون سندس سامهون گوڏا ٻڌي نهايت ئي نماڻائي ۽ نهٺائي سان ويٺو هئس.
جڏهن هن عام رواجي دعا، سلام ۽ مختصر واقفيت کان پوءِ پنهنجي آتم ڪٿا ٻڌائڻ شروع ڪئي ته محفل ۾ هڪدم ماٺار اچي وئي ۽ مون سوڌو سمورين مجلسين تي ڪا گهڙي سڪتو طاري ٿي ويو. سندس هر هڪ لفظ کان پوءِ دل انهي تجسس سان ڀرجي ٿي آئي ته اڳتي ڇا ٿيو؟ اڳتي ڇا ٿيو؟ اهڙي ريت هن پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌائيندي تام ڪندي چيو ته “معاف ڪجو! منهنجا جذبات ٻڌي محفل تي خاموشي ڇانئجي وئي.” ٻڌندڙن جي نيڻن ۾ لڙڪن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ڪجهه دير لاءِ سُڪي ويو هو. منهنجي لاءِ اها ڪالههه جي ڳالهه آهي ته، سندس ڪهاڻي ٻڌڻ مهل منهنجي نيڻن ۾ اٽڪيل لڙڪن مون کان ان وقت وچن ورتو هو ته “فهيم! توکي اسان بي يار و مددگار لڙڪن جو قسم آهي ته، جيڪڏهن چاهين ٿو ته منهنجي قلم کي تقويت ملي ته هن سنڌي سٻاجهڙي ۽ ڏاهي انسان جي زندگي جون ساروڻيون ضرور بضرور قلمبند ڪندو رهجانءِ.” مون پنهنجي ڀِنل نيڻن سان اهو عهد رچايو ته آئون هن آدرشي انسان کي پڙهڻ ۽ اوهان سان انهي واعدي وفائي جي ڪوشش ڪندس. سوچيو هئم ته سندس دردن جو درمان ٿيان، سندس دل تان هماليه جي بار کي هلڪو ڪرڻ جي ڪجهه قدر ڪوشش ڪريان.
انهي پيار ۽ پريت ڀريي محفل ۾ منهنجي والد ماجد مولانا محمد يامين شوري کان متاثر ٿي هو مون ڏي به متوجهه ٿيو، پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو هئائين ته “فهيم! تون ڪيڏو نه ڀاڳن ڀريو آهين جو توکي آزاد ذهن، علم جا ڀنڊار ۽ پُرتشخص شخصيتن ۽ اعلى خوبين جا ماءُ پيءُ مليا آهن. توکي انهن والدين تي هڪ ڀيرو نه صد بار فخر محسوس ڪرڻ کپي، وڌ کان وڌ انهن جي خدمت کي پنهنجي آخرت جو ثمر سمجههجهانءِ!. اهڙن والدين تي پوري دنيا مون سميت رشڪ ڪندي رهي آهي. فهيم ! تون واقعي ڀاڳن وارو آهين.”
رفته رفته وقت گذرندو ويو، آئون اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ هئس . کيس ڪافي بار اهڙي التجا ڪئي به هئم، پر پاڻ “لڀيس لوڻ به ڪونه، سڏائي سون ٻائي” وانگر وراڻيائين ته، “فهيم! مون وٽ اهڙو ڪو ثمر ڪونهي، اهڙي ڪا به خدمتِ خلق يا ڪارنامو ناهي جنهن کي منهنجو قوم مٿان قرض سمجههيو وڃي جنهن کي آئون قلمبند ڪرائيندو وتان.” آئون اهڙي ريت کيس بار بار اها وينتي ڪندو رهيس. آخر ڪار هڪ دفعو سندس دل ڀرجي آئي ۽ پنهنجي زندگي جون ساروڻيون قلمبند ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو. سندس راضپو ڏسي دل باغ و بهار ٿي ويئي، پنهنجي وچن جي وفا ۽ اکڙين ۾ سجايل خواب جي ساڀيان ٿيندي ڏٺم.
اها شخصيت ڪير آهي جنهن ۾ مون کي پنهنجي لاءِ ايترو قرب ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟!!
جنهن ۾ بيڪ وقت ايتري پنهنجائپ ۽ سندس درد ڀري ڪٿا هڪ تجسس ڀري ڪهاڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي!!
جي ها! منهنجو اشارو ڪوٽڙي شهر جي رهاڪو ادا هاشم شورو ڏانهن آهن. سندس زندگيءَ جي هر پهلوءَ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. ٿي سگهي ٿو ته ڪا اهم ڳالهه رهجي به وئي هجي. پر پوءِ به دلي اطمينان آهي ته ڪجهه قدر سندس زندگي جون يادگيريون سهيڙي سگهيو آهيان.
ف/ش: ادا هاشم اوهان پنهنجو مختصر تعارف ٻڌائيندا؟
هاشم شورو: منهنجو نالو محمد هاشم، پيءُ جو نالو خميسو خان، ذات شورو، پاڙو ٻِتڙ آهي. منهنجي رهائش ڪوٽڙي شهر ۾ آهي. تعليم ڊبل ايم اي آهي. هڪ ايم اي سوشيالوجي ۾ ڪيم ڇاڪاڻ ته مون کي تنهن وقت سماجي ڪمن ۽ عام ڀلائي وارن ڪمن ۾ دلچسپي رهندي هئي. سوچيم ته سماجي ڪمن کي نئين نظريي ۽ سائنس کي سامهون رکي ڪرڻ گهرجي. ان کان پوءِ ٻيو ڀيرو سنڌي ادب طرف شوق هجڻ ڪري سنڌي ۾ ايم اي ڪيم. تازو بئنڪ افسري تان رٽائرڊ ٿيو آهيان.
ف/ش: شورا برادي جي ماضي، شان۽ حال بابت ڪجهه چوڻ چاهيندا؟
هاشم شورو: ها ادا بلڪل. شورا قبيلو سنڌ جو سدا حيات قبيلو آهي. شورا برادري جي شاندار ماضي رهي آهي. هن قبيلي جا افراد هر دؤر ۾ مالدار، سکيا ستابا، ماني مڇي وارا، مالوند مارُو رهيا آهن. ۽ الله جو شڪر آهي اڄ به آهن. پر هڪ ڳالهه جو افسوس ضرور آهي ته جڏهن هن قبيلي جي تاريخ جي پسمنظر جو مطالعو ڪجي ٿو ته پتو پوي ٿو ته، شورا برادري جي ماضي شاندار ۽ سونهري تاريخ سان لکڻ لائق آهي پر (ادا هاشم ٿڌو شُوڪارو هڻندي چوي ٿو ته) سندس حال ماضي وانگر شاندار نه آهي. سندس ماضي ۽ حال ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي. ماضي قريب ۾ ڪوٽڙي جي مٿير مرد ۽ سنڌ جي سچي سپوت حاجي محمد صديق شوري هن قبيلي جي اتحاد، ٻڌي، ترقي لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو. هي صاحب شورا برادري وٽ لنگهي انهن جا پراڻا اختلاف ختم ڪري منجهن هميشه لاءِ ميٺ محبت پيدا ڪري دلي دعائون کٽيائين. پنهنجي قبيلي کي متحد ڪرڻ لاءِ حاجي صاحب “آل سنڌ شورا تنظيم” جو وجود وجهي پاڻ پتوڙيو. پر حاجي صاحب جي گذري وڃڻ کانپوءِ اسان هڪ دفعو ٻيهر ڇڙوڇڙ ٿي وياسين. اختلافن ۾ ڪاهي پياسين. دعا ڪيو جو وري ڪو حاجي محمد صديق شوري جهڙو موڀي پٽ ۽ پنهنجي قبيلي جو حقيقي هڏ ڏوکي پيدا ٿئي جو اسين هڪ دفعو وري دنيا جي آڏو متحد ٿي پاڻ ملهايون.
ف/ش: حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ شورا برادري ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ جو سبب ڇا هو؟
هاشم شورو: ادا انهي جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ آل سنڌ شورا تنظيم پاڻمرادو ختم ٿي وئي ڇوته پوين جي عدم دلچسپي ۽ منجهن اهي لياقتون، جيڪي حاجي محمد صديق شوري ۾ هيون، نه هجڻ ڪري اها تنظيم اڳتي وڌي نه هلي سگهي. جڏهن اها تنظيم (جيڪا هڪ بنيادي پليٽ فارم جي حيثيت رکندي هئي) ختم ٿي ته شورا برادري ۾ آهسته آهسته ايڪو، اتحاد ۽ ٻڌي ختم ٿيڻ لڳي.
ف/ش: بئنڪ افسري دوران ڪهڙي عهدي تي فائز رهيا ۽ سروس ڪهڙي سال ۾ ملي.
هاشم شورو: ادا اسٽيٽ بئنڪ ۾ منهنجي اپائٽمينٽ 1986ع دوران ٿي. ان کان پهرين آئون ايريگيشن کاتي ۾ اسٽور ڪيپر رهيس. اتي منهنجي سروس 13 سال رهي ۽ بئنڪ ۾ منهنجي سروس 25 آڪٽوبر 2013ع تائين رهي.مون آفيسر گريڊ ون ۾ ريٽائرڊ ٿيس.
(سالم شوري وچ مان رڙ ڪندي چيو ته سائين منهنجي ڄم جي پيدائش 1986ع آهي. ادا هاشم سالم جي ڳالهه تي کلندو رهيو)
ف/ش: سائين اوهان جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
هاشم شورو: ادا منهنجي ولادت نانگو لائن ڪوٽڙي ۾5 جون 1955ع ڌاري ٿي. منهنجو ڏاڏو جنهن جو نالو مائٽن مون تي رکيو، اهو جمعون ٻِتڙ نزد ڪارو کهو ۾ رهندو هو.پوءِ مائٽن سان اختلافات جي ڪري اتان لڏي نانگو لائن ڪوٽڙي ۾ اچي رهيو. منهنجو ڏاڏو محمد هاشم، جڏهن انگريزن ريلوي جي پٽڙي وڇائي ٿي، ان وقت اتي مزدوري ڪندو هو.
ف/ش: ادا هاشم شورا برادري ۾ اوهان جو ڪهڙو پاڙو آهي ۽ اوهان جي پاڙي کي شورا برادري جي راڄ نيتي نظام ۾ ڪهڙو مقام آهي؟
هاشم شورو: ادا اسان جو شورا برادري ۾ پاڙو ٻِتڙ آهي ۽ راڄ نيتي نظام ۾ ارباب جو جيڪو وزير چونڊيو ويندو آهي اهو ٻِتڙ پاڙي مان هوندو آهي. هتي ياد دهاني ڪرائيندو هلان ته شورا قبيلي جون ٻه اهم شاخون “پسايو” ۽ “مُنو” آهن. پسائي ۾ چوڏهن پاڙا ۽ مُني ۾ ست پاڙا آهن. اسان جو ٻِتڙ پاڙو پسائي واري شاخ ۾ اچي ٿو. شورا برادي جي انهي تاريخي ڳالهه بابت وڌيڪ معلومات تاريخ شورا ڪتاب ۽ فيس بڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ فيس آف شورو گروپ ۾ اپلوڊ ڪيل فائيلن مان اوهان (فهيم فدا شورو) جي تحرير ڪيل تاريخي مواد “هڪڙو هو پسايو-هڪڙو هو مُنو” تان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
ف/ش: اوهان جو خانداني پسمنظر ۽ حسب نسب منهنجو مطلب شجرو (جيڪڏهن ياد هجي)؟
هاشم شورو: ڀاءُ منهنجو ڪو خاص خانداني پسمنظر نه آهي. آئون هڪ اڻپڙهيل مزدور جو اڪيلو پٽ آهيان. منهنجي نه ٻي ڪا ڀيڻ ۽ نه ئي ڪو ڀاءُ آهي. مائٽن جو اڪيلو آهيان ۽ مون کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اها منهنجي ڪوتاهي چئجي ته آئون پنهنجو شجرو هٿ نه ڪري سگهيو آهيان. ڪوشش ۾ آهيان ته پنهنجي خاندان جو شجرو هٿ ڪريان.
ف/ش: اوهان پنهنجي هن تاريخي انٽرويو ۾ پنهنجي والد محترم جي زندگي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا ته بهتر ٿيندو.
هاشم شورو: ادا منهنجي پيءُ جو نالو خميسو خان شورو هو. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ مزدور ماڻهو هو. سندس سوچ به ڪافي قدر محدود هئي. منهنجي والد صاحب جي مطابق آئون به بس اهي سنڌي جا پنج درجا پڙهي ساڻس مزدوري ۽ گهر جي گاڏي هلائڻ ۾ هٿ ونڊيان.
ف/ش: اوهان جي پرورش ڪنهن ڪئي؟جڏهن ته اوهان جو چوڻ آهي ته اوهان جي والد صاحب جي سوچ مطابق اوهان کي بنيادي تعليم هجڻ کپي ها؟ جيڪو ڪجهه اڄ اوهان اسان جي سامهون آهيو. بنيادي تعليم و تربيت سان ائين هجڻ نا ممڪن هجي ها.
هاشم شورو: اوهان بلڪل صحيح چيو. جيئن آئون پهرين بيان ڪري چڪو آهيان ته منهنجو والد صاحب انتهائي غريب هيٺئين طبقي جو ماڻهو هو. سندس پيٽ گذر معمولي مزدوري تي هوندو هو. نصيب جي ڳالهه هوندي آهي.منهنجي والد جو چوڻ هو ته آئون پنج درجا پرائمري پاس ڪري تعليم ختم ڪريان ۽ مزدوري ڪرڻ لڳان. پر منهنجي ڏاڏي مرحومه جو آئون دادلو هئس. هن ئي منهنجي نشو و نما ۽ پرورش ڪئي. مون کي تعليم ڏياري هن منزل تي پهچائڻ ۾ سندس ئي جفاڪشون آهن. ڏاڏي مون کي پيار مان “بابو” سڏيندي هئي. منهنجي ڏاڏي چوندي هئي ته منهنجو بابو پڙهي لکي وڏو آفيسر ٿيندو. هي مزدوري نه ڪندو بلڪه پڙهي لکي هڪ وڏو ماڻهو ٿيندو. اهڙي ريت ڏاڏي مون کي وڏي جدوجهد کان پوءِ هاءِ اسڪول تائين تعليم ڏياري. اسڪول جي في وغيره ڪتابن جو خرچ، ڊريس ۽ خرچي وغيره سڀ اخراجات ڏاڏي برداشت ڪندي هئي. آئون يقين سان چوان ٿو ته، منهنجي ڏاڏي نه هجي ها ته آئون جنهن منزل تي آهيان، نه هجان ها! ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته منهنجي ڏاڏي هڪ مڙس ماڻهو ، بي ڊپي ۽ دلير عورت هئي.
ف/ش: لڳي ٿو ته اوهان پنهنجي پياري ڏاڏي جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ چوڻ گهرو پيا؟
هاشم شورو: جي ها بلڪل آئون هن سڄاڻ ، سگهڙ ۽ روشن خيال عورت جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائڻ گهران ٿو. منهنجي ڏاڏي مون کي جنون جي حد تائين ڀائيندي هئي، پيار ڪندي هئي. منهنجو هر انگل پورو ڪندي هئي. مون کي ڪڏهن به ناراض نه ڪيائين. پاڻ ناليري مشهور دائي هئي. عورتن کي ويم ڪرائڻ ۽ دائپي جي حوالي سان سن شهر تائين سندس وڃڻ ٿيندو هو. پاڻ سنڌ جي قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي خانداني دائي Family Midwife هئي. هڪ ڀيرو ڪنهن سيد جي گهر ۾ پٽ ڄڻايائين ته سيد سڳوري کيس پٽ ڄمڻ جي خوشيءَ ۾ هڪ ڀلي ڳئون ڏني. پاڻ اڻ پڙهيل ٿي ڪري مون کي دل لڳائي پڙهايائين. دلير به ڏاڍي هوندي هئي. مون تي ته اصل ساهه ڇڏيندي هئي. شل نه مون تي ڪو آڱر کڻي وجهي، سڌو ٿاڻي تائين هلي ويندي هئي. مان سندس صفتن ۽ خوبين جو اوهان سان ڇا ڇا ذڪر ڪريان. هڪ افسوس مون کي عمر ڀر تائين ڪاريهر بنجي ڏنگيندو رهندو جو مون وٽ سندس ڦوٽو نه آهي. مون به ته ڪڏهن سوچيو ئي نه هو ته ايترو جلدي مون کان منهنجي ڏاڏي جدا ٿيندي.
ف/ش: اوهان پرائمري تعليم، سيڪنڊري، هاير سيڪنڊري ۽ اعلى تعليم ڪٿان حاصل ڪئي؟
هاشم شورو: ادا مون پرائمري تعليم نانگو لائين اسڪول مان، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان، انٽر سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ۽ ڊبل ايم اي (ايم اي سوشيالوجي+ ايم اي سنڌي) سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيم.
ف/ش: ادا هاشم اوهان جي ڪن استادن ۽ همڪلاسي ڌوڙين جا نالا ٻڌائيندا؟
هاشم شورو: ادا فهيم مون کي استاد تمام بهترين ۽ شفيق مربي مليا. جن ۾ استاد محمد قاسم سمون، سائين عبدالستار انصاري کان سواءِ پي ٽي وي جو بهترين پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سائين محمد بخش سميجو، سائين غلام علي رند، سائين امير علي قادري، سائين خالد ۽ ٻيا استاد ٿي تعليم جي زيور سان سينگاريائون. جيڪي منهنجا همڪلاسي ڌوڙي رهيا انهن ۾ جڳ مشهور مزاحيه فنڪار قادر بخش مِٺُو، غلام رسول، حميد دُراني، گلشير ڀٽي، دوست محمد ڀٽي، ۽ انهن کان سواءِ ٻيا به ڪافي ڌوڙي ۽ همڪلاسي رهيا ڪن جا نالا في الحال ياد به نه اٿم. ڪي ته ويچارا الله کي پيارا به ٿي ويا.
ف/ش: ادا هاشم اوهان جي ننڍپڻ جو ڪو واقعو جيڪو اڄ به اوهان کي وسريو نه هجي؟
هاشم شورو: ماڻهوءَ جي زندگي ۾ ڪافي اهڙا واقعا ٿيندا آهن جيڪي زندگي ڀر حافظي تي حاوي رهندا آهن پوءِ اهي واقعا ڀلي کڻي ننڍپڻ جا ڇونه هجن. منهنجي ننڍپڻ جو ئي هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو اڄ به ياد اٿم. واقعو هن ريت آهي ته هڪ ڀيري دير سان رات جو گهر آيس. ڊپ ۾ لڪندي لڪندي ته من ڪير مون کي ڏسي دير سان اچڻ جو سبب نه پڇي ۽ مار نه ڏي. انهي ڊپ مان آئون هنڌن (بسترن) جي لاءِ ٺهيل پيهي تي، بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي سمهي پيس. صبح جو منهنجي ڏاڏي ڏٺو ته آئون نه آيو آهيان. هوءَ ويچاري ڏاڍي پريشان ٿي وئي ته خدا خير ڪري بابو خبر ناهي ڪيڏانهن ويو؟ انهي پريشاني جي عالم ۾ هو منهنجي دوست عالم سومري جي گهر ويئي ۽ کيس چيائين ته “ڪيئن به ڪري منهنجو پوٽو مون کي پيدا ڪري ڏي، تو ئي ڪٿي گم ڪري کيس لڪايو آهي.” هن ويچاري کي ته ڪا ڪَل ئي ڪانه هئي. هو انڪار ڪندو رهيو ته مون کي سندس باري ۾ ڪا خبر ڪانهي. پر منهنجي ڏاڏي مڃڻ کان صاف انڪار ڪندي کيس چوندي رهي ته منهنجو بابو تو وٽ ئي آهي. آئون وڃان ٿي پوليس اسٽيشن توکي ٻڌرايان ٿي. منهنجي دوست ويچاري عالم کي سندس گهروارن به انهي ڳالهه تي خوب ڦيهه ڪڍي. آخر ڪار اهو دوست مون کي جڳهه جڳهه ڳوليندي ڳوليندي ٿڪجي پيو. جڏهن منهنجي گهر آيا ته آئون گهر خير خوبي سان با سلامات ويٺو هئس. اهو واقعو منهنجي ننڍپڻ جو تاريخي واقعو آهي جيڪو اڄ به مون کي ياد آهي.
ف/ش: سائين اوهان جي مذهبي تعليم ڪيتري آهي؟
هاشم شورو: ادا منهنجي مذهبي تعليم واجبي آهي. اسان جي ڀرواري واري مسجد ۾ سائين محمد قاسم شاهه کان قرآن شريف ناظره جي تعليم ورتيم جيڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي ڇو ته سگهو ئي سائين محمد قاسم شاهه گذاري ويو ۽ راهه رباني ورتائين. پوءِ ڪافي عرصي تائين اسان جي مسجد ۾ ڪو به مولوي نه آيو. اهڙي ريت منهنجي مذهبي تعليم نالي ماتر رهجي وئي. الحمد لله نماز پوري ايندي آهي ۽ مذهب اسلام جي باري ۾ به ڪافي ڄاڻ آهي.
ف/ش: ادا هاشم اوهان زندگي ۾ ڪهڙين شخصيتن کان متاثر ٿيا؟
هاشم شورو: ادا فهيم! تعليم ۾ آئون سائين شاهجهان کان متاثر آهيان. ادبي حوالي سان ڪافي شخصيتن جهڙوڪ ڪهاڻي ۾ علي بابا، امر جليل، سراج، خير النساءَ جعفري ۽ ٻيا به ڪافي آهن. سياست ۾ آئون سائين جي ايم سيد کان متاثر آهيان. شاعريءَ ۾ لالئون لال لطيف، شيخ اياز، اياز گل، استاد بخاري ۽ ٻين کان متاثر آهيان.
ف/ش: جڏهن اوهان هوش سنڀاليو ان وقت جي ملڪي سياسي، سماجي، ادبي صورتحال ڪهڙي هئي؟
هاشم شورو: جي ها ادامنهنجي جڏهن 1973ع ۾ ايريگيشن کاتي ۾ تقرري ٿي. اتي هڪ ادبي ذهن جو ماڻهو رحيم خان جرس جوکيو سب انجنيئر هو. هن مون کي ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا جيڪي مون پڙهيا. پوءِ ته اسان تي ائين سمجههيو کڻي ڪتابن جو رسُ چڙهي ويو. هر نئين ڪتاب جي ڳولا ۾ مختلف بُڪ اسٽالن جا چڪر ڪاٽڻ اسان جو پارٽ جاب بنجي ويو. تنهن وقت ملڪي صورتحال جي حوالي سان عرض ڪندو هلان ته ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت هئي. هن سنڌي ڪتابن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي جيڪا مون سميت هر ادبي ۽ روشن خيال ماڻهو کي بري لڳي. اڳتي هلي اها پابندي ڪافي دير تائين نه هلي سگهي ۽ ختم ٿي وئي. بهر حال ان وقت سنڌي ادب جي هر صنف تي بهترين لکيو ويندو هو. ادبي رهاڻيون ۽ گڏجاڻيون تقريبن هر واهڻ وستي، ڳوٺ شهر ۾ ٿينديون رهنديون هيون. اسان جو به تنهن وقت ۾ ڪوٽڙي ۽ ڀروارن علائقن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ شوق سان وڃڻ ٿيندو هو.
ف/ش: ادا هاشم ڳالهه نڪتي سنڌي ادبي سنگت جي، اوهان سنڌي ادبي سنگت ۾ باقائده ڪڏهن شموليت ڪئي ۽ وقت بوقت اوهان کي سنڌي ادبي سنگت ۾ عهديدار رهڻ جو موقعو مليو يا نه؟
هاشم شورو: ادا آئون سنڌي ادبي سنگت ۾ باقاعده 1976ع ڌاري شامل ٿيس. ڪوٽڙي ۾ دوستن (عالم سومرو، الطاف صديقي، منير سومرو ۽ مشتاق عباسي) جي ساٿ سان شاهه 76-1975ع ڌاري لطيف لائبريري جو انعقاد ڪيم. مذڪوره لائبريري جو پهريون لائيبريري انچارج مون کي ڪيو ويو. ٿورڙي ٽائيم انهي لائبريري جي شهرت ايتري ته پکڙجي وئي جو اسان وٽ سنڌي ادب جو مشهور شاعر استاد بخاري به قرب جا قدم ڀري آيو. استاد بخاري کان سواءِ علي بابا، اسير ملاح، عبدالڪريم بلوچ، گل ملاح، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو ۽ ٻيا نالي وارا ليکڪ، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار وقت بوقت ايندا رهيا. ياد رهي ته اتي ئي اسان ادب دوستن سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي جنهن جو پهريون سيڪريٽري به آئون ئي ٿيس. آئون سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهيان.
ف/ش: شاهه لطيف لائبريري جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ ٻڌائيندا؟
هاشم شورو: اسان دوستن ميونسپل کان لائبريري جي لاءِ ڇهه اخبارون منظور ڪرايون. جيڪي پڙهندڙن جي لاءِ لائبريري ۾ رکيون ويون. فرنيچر ورتو ويو، ڪتابن لاءِ در در تي وڃڻ ٿيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف اديبن، ليکڪن سان ملاقاتون ٿيون. ادب سان چاهه هئڻ ڪري سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيم. شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ تقريبن هزار کن ڪتاب گڏ ڪياسين. لائبريري ۾ هر موضوع شاعري، افساني، ڪهاڻي، فلسفي، تاريخ، ناول تي ڪتاب موجود هئا.
ف/ش: ادا هاشم هاڻي اوهان جي زندگي جي حسين ترين باب عشق و جواني تي اوهان سان ڳالهه ٻولهه ه ڪندي مون کي مشهور فارسي ڪتاب گلستان سعدي جو پنجون باب ياد اچي ويو آهي جنهن جو به عنوان “باب پنجم در عشق و جواني” (پنجون باب عشق ۽ جواني جي باري ۾) آهي. اوهان سان انهي موضوع تي ڳالهه ائيندي مون کي پنهنجي طالب علمي جو اهو دور سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ اسان مذڪوره باب پڙهندي مست و مگن ٿي ويندا هئاسين. . . خير اسان پنهنجي سوال جواب جي سلسلي کي اڳتي وڌائينداسين. جي ها! ته ادا هاشم اوهان زندگي جي انهي حصي يعني جواني کي ڪيئن محسوس ڪيو؟
هاشم شورو: اوهان جي جذبات کي ڏسي ڪري منهنجي دل ته چوي ٿي ته پهرين اوهان جي حياتي کي ڏسڻ گهرجي ها. پر جيئن ته سوال مون کان آهي ته ٺيڪ آهي. فهيم جاني! ڪڏهن ائين ڀلا ٿيو آهي جو ڪو وڻ هجي ۽ ان کي واءُ نه لڳو هجي. جي وڻ هوندو ته کيس واءُ ضرور لڳو هوندو، جيڪڏهن واءُ نه لڳو هوندو ته پوءِ اهو وڻ ئي ڪونه هوندو. اهڙي ريت زندگي جي انهي حسين لمحي کي به خوب انجواءِ ڪيوسين جنهن ۾ ڪنهن کي خاص الخاص محسوس ڪيو ويندو آهي.
ف/ش: اوهان جي نظر ۾ عشق ڪهڙي احساس جو نالو آهي سندس انتها آهي يا نه؟
هاشم شورو: پيار جهڙي حسين احساس جو نالو عشق آهي جنهن جي ابتدا ته آهي پر سندس انتها جو ڇيهه ئي ڪونهي يا ائين کڻي چئجي ته سندس انتها آهي ئي ڪونه.
سالم شورو: واهه سائين واهه پيار جو ٽاپڪ آهي ڇا؟
هاشم شورو: بلڪل تنهنجو پسنديده موضوع آهي.
سالم شورو: پوءِ آئون به ڪجهه اکر چوندس. نه سائين منهنجو نه بلڪه ادا فهيم جو پسنديده موضوع آهي.
هاشم شورو: خير عشق ته هر پياري ماڻهو جو پسنديده موضوع آهي پوءِ اوهان هجو يا فهيم يا ڪو ٻيو.
ف/ش: ادا هاشم عشق ۾ وصال ڇا کي چئبو آهي ۽ وصالِ حبيب جي ڇا اهميت آهي؟
هاشم شورو: پيارا عشق ۾ وصال جي وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته وصال معشوق ۽ عشق سان متصل آهي. عشق لاءِ وصالِ حبيب ائين آهي جيئن رُکي مانيءَ لاءِ ٻوڙ ضروري هوندي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ميلاپ عشق لاءِ زهر قاتل آهي ۽ وصل ۽ وڇوڙو عشق کي دوام بخشي ٿو.
ف/ش: ادا اوهان مختصر لفظن ۾ وصالِ حبيب ۽ عشق جي باري ۾ تمام سٺو ٻڌايو. ڀلا پهرئين دور جي عاشق ۽ موجوده دور جي عاشق جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ته؟
هاشم شورو: جي ها جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پهرئين دور ۽ موجوده دور جي عشق ۽ عاشق ۾ وڏو فرق آهي . پهرئين دور ۾ عاشق جي اندر محبوب جي لاءِ هڪ بي مثال تڙپ هوندي هئي. سندس ذهن تي هر وقت پنهنجي محبوب جي وصال جي تڙپ رهندي هئي. اها تڙپ بغير ڪنهن مطلب ۽ نفس پرستي جي هوندي هئي. پر موجوده دور جي عاشق کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته سندس عشق ۽ محبت ۾ ڪو نه ڪو مطلب ضرور هوندو. بغير مطلب جي اڄ ڪوبه عشق جي ميدان ۾ نٿو ڪُڏي. ايتري قدر جو عشق جهڙي پاڪيزه جذبات ۾ اڄ نفس پرستي ۽ حوس پرستي به ڪاهي پئي آهي. زندگي ۾ عشق ڪافي بار ڪيو ويندو آهي. جيئن عمومن چيو ويندو آهي ته هي منهنجو پهريون عشق هي ٻيو اهڙي طرح عشق ڪافي بار ٿيندو رهندو آهي.
ف/ش: سائين اوهان پهرئين دور ۽ موجوده دور جي عاشقن جي ڀيٽا تمام بهتر انداز ۾ ڪئي پر آئون اوهان سان انهي ڳالهه ۾ بلڪل سهمت نه آهيان ته اوهان جي بقول عشق ڪافي بار ٿيندو آهي. منهنجو چوڻ اهو آهي ته زندگي ۾ عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي پر محبت ۽ پيار بار بار ٿي سگهي ٿو ۽ اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته محبت جو مقام عشق کان گهٽ آهي. عشق جو مقام مٿانهون آهي.
هاشم شورو: بلڪل آئون اوهان سان انهي ڳالهه ۾ اتفاق رکان ٿو ته عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي ۽ محبت بار بار ۽ عشق جو جهڙي ريت مقام مٿانهون آهي اهڙي طرح عشق جو مان به مٿانهون آهي. پر سچ اهو آهي ته اسان عشق ڪيو ئي ڪونهي اسان ته اڃا صرف محبت ۾ ئي من مستيون ڪريون.
ف/ش: ادا هاشم اوهان کي پهريون لنئون ڪيئن لڳو ۽ ان وقت اوهان جا ڇا احساسات Feelings هئا؟
هاشم شورو: ادا پهريون لنئون ننڍي هوندي پاڙي جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان لڳو. پر جيئن ته اها ننڍپڻ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ ڪنهن به احساس جي ڪا ڪَل نه پوندي آهي. باقي 1975ع ۾ باقائده محبت ٿي. محبت وري اهڙي ٿي جو بس ٻئي انتها درجي تائين هڪ ٻئي کي چاهيندا هئاسين. محبت جي فيلنگس ۽ احساسات کي لفظن سان ادا نٿو ڪري سگهجي بس ڪنهن سان محبت ٿيڻ سان ئي سڀ ڪجهه محسوس ٿي ويندو آهي ته محبت جا احساسات ڇا درجو رکن ٿا.
سالم شورو: ادا هاشم اوهان کان ۽ ادا فهيم کان منهنجو سوال آهي ته عشق ۽ پيار ڇا آهي؟
هاشم شورو: ادا سالم انهي ڳالهه تي پهرين به ڳالهه ٻولهه ه ٿي آهي ته عشق جو درجو محبت کان مٿانهون آهي. عشق صرف هڪ ڀيرو ٿيندو آهي ۽ پيار بار بار ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو. پيار ۾ حاصلات ممڪن آهي پر عشق ۾ حاصلات جو سوچڻ به پاپ سمجههيو ويندو آهي.
سالم شورو: بهترين ادا هاشم. ڀاءُ فهيم اوهان ڪجهه ٻڌايو انهي باري ۾؟
فهيم فدا شورو: ادا سالم پهرين ڳالهه ته اسان ادا هاشم سان ئي شام ملهائي رهيا آهيون مون کي سونهي ڪونه ٿو جو آئون ادا هاشم کان پڇيل ڪنهن سوال جي جواب ڏيڻ ۾ ساڻس شرڪت ڪريان. پر اوهان جي گهڻو اصرار ڪريو ٿا ته ڀاءُ ادا هاشم اوهان کي تمام سٺو جواب ڏنو آهي. اها حقيقت آهي ته محبت ۽ پيار بار بار ٿيندو رهندو آهي پر عشق جي مسند تي صرف هڪڙي ئي معشوق کي ويهاري جلوه افروز ڪري سندس پوڄا ڪئي ويندي آهي. پوءِ ڪُسڻ، مرڻ ۽ پچڻ سڀ ڪجهه انهي هڪڙي ئي معشوق تان هوندو آهي. انهي معشوق کان سواءِ ٻي ڪنهن جو اهو شان نه هوندو آهي ته اها جاءِ وٺي سگهي. منهنجي ننڍڙي علم مطابق عشق جا ٻه درجا آهن هڪ حقيقي عشق ۽ ٻيو مجازي عشق. حقيقي عشق پنهنجي حقيقي مالڪ الله رب العزت سان ٻانهي کي ٿيندو آهي ۽ مجازي عشق خدا پاڪ کان سواءِ ڪنهن ٻي سان به ٿي سگهي ٿو. مجازي عشق کي اصل حقيقي عشق پهچڻ تائين هڪ ڏاڪي جي حيثيت حاصل آهي يا ائين کڻي چئجي ته مجازي عشق حقيقي عشق ڏانهن ويندڙ هڪ راهه آهي جتي هلي انسان حقيقي عشق تائين پهچي ٿو. اهڙي طرح مجازي عشق جا وري ٻه درجا هوندا آهن هڪ عقلي عشق ٻيو طبعي عشق. عقلي عشق ۾ انسان بي وس نه هوندو آهي. عقلي عشق هي آهي ته خدا پاڪ، دين اسلام، نبي پاڪ سان ڪيو وڃي. جيئن قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته ترجمو: “اوهان ايسيتائين پوري طرح سان مومن نٿا بڻجي سگهو جيسيتائين محمد رسول الله اوهان کي سڀني کان وڌيڪ پيارو ۽ محبوب نه هجي.” طبعي عشق ۾ انسان جو ڪوبه وس يا اختيار نه هلندو آهي. هو بيوس ۽ لاچار هوندو آهي. جيئن حديث ۾ اچي ٿو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو “اي الله! مون پنهنجي سڀني گهر وارين سان برابر جو حق ادا ڪيو آهي . پر دلي معاملي ۾ آئون بي وس آهيان منهنجي دل ٻين گهر وارين جي مقابلي ۾ عائشه ڏانهن وڌيڪ مائل آهي. انهي ڳالهه ۾ آئون مجبور آهيان”
سالم شورو: واهه ادا فهيم زبردست اوهان ته عشق جو فلسفو واضع طور بيان ڪري ڏيکاريو. هاڻي ته يقين ٿي ويو ته اصل عاشق ته آهيو ئي اوهان، جو صرف عشق جي باري ۾ هيتري معلومات ۽ فلسفي کان واقف آهيو.واهه واهه
هاشم شورو: جي فهيم عشق کي تمام سٺي انداز ۽ جامع معلومات سان بيان ڪيو.
ف/ش: مهربانيون ادا هاشم ۽ ڀاءُ سلام قرب اوهان جا. ادا هاشم اوهان کان هڪ سوال: ڇا جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي (ميلاپ) ڪجي ؟
هاشم شورو: آئون انهي خيال جو آهيان ۽ منهنجي نظر ۾ هر روشن خيال ۽ سٺي سوچ رکندڙ به اهو ئي چوندو ته جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي يعني ميلاپ نه ڪجي. سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نامياري ليکڪ امر جليل هڪ هنڌ لکيو آهي ته جنهن سان پيار ڪجي ان سان شادي نه ڪيو ڇاڪاڻ ته ميلاپ (شادي) محبت کي ڪاري ڪلر جيان تباهه ڪريو ڇڏي. تنهن ڪري جنهن سان پيار ڪريو ان سان شادي نه ڪريو ته جيئن محبت جو وڻ وڇوڙي ۾ وڌي.
ف/ش:سائين هاشم صاحب! اوهان شايد شاعري جي شروعات به عشق جون منزلون طئي ڪندي ڪئي هوندي؟
هاشم شورو: جي ها ڪجهه اتساهه اهو به هو ۽ ٻيو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ اچڻ ڪري ۽ ادب سان لڳاءُ جي ڪري شاعري جي شروعات ٿي پئي.
ف/ش: محبوب سان گهاريل گهڙيون ڪيئن محسوس ڪريو ٿا؟
هاشم شورو: پنهنجي محبوب سان گهاريل گهڙيون منهنجي زندگي جو اهو سرمايو آهن جن کي آئون مرڻ گهڙيءَ تائين، تا دمِ زيست ساهه سان سانڍي رکندس.
ف/ش: زندگي جي ڪنهن موڙ تي محبوب سائين سان ملاقات ٿي ته اوهان کي ڇا محسوس ٿيو؟
هاشم شورو: تقريبن 25 سالن کان پوءِ ساڻس ملاقات ٿي هئي. محبوب سان گذاريل ڏينهڙا فهيم وسريا ئي نه آهن ڇوته ساربو ان کي آهي جنهن کي وساربو ئي نه آهي.
ف/ش: محبوب سان پنجويهه سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ ملاقات ؟؟؟ اُف ايترو ٽائيم محبوب کان سواءِ گذري ويو. سائين اوهان کي تنهائي ۽ اڪيلائي ته محسوس ٿي هوندي؟
هاشم شورو: ها فهيم محبوب کان سواءِ گهاريل هڪڙو پل به ڏاڍو ڏُکائي ٿو ، ڏاڍو ڏُکيو گذري ٿو. اوهان اندازو لڳايو محبوب کان سواءِ منهنجي حسين زندگيءَ جا پنجويهه سال ڪيئن گذريا هوندا؟ اوهان سوچي به نٿا سگهو ته اهو وڍُ وجهندڙ وقت ڪيئن لنگهي ويو. ان ايتري وقت ۾ اڪيلائي ۽ تنهائي جو ڪاريهر مون کي پل پل ڏنگيندو رهيو. پر يار وقت ڏاڍو ظالم آهي، آهستي آهستي زخم ڀرجي ويندا آهن. اڳتي هلي منهنجي شادي به ٿي وئي ۽ غمِ جانان کان غمِ دوران جي چڪر ۾ پئجي وياسين.
ف/ش: ادا هاشم هاڻي اينداسين علم و ادب جي موضوع تي. سنڌي ادب ۾ اوهان ڪڏهن پير پاتو؟
هاشم شورو: انهي سوال جو جواب آئون پهرين به ڏيئي چڪو آهيان. پر وري هتي ورجايان ٿو. 1973ع ڌاري مون کي ايريگيشن ۾ ملازمت ملي وئي. اتي هڪ سب انجنئير رحيم خان جوکيو جي انڊر ۾ آئون ڪم ڪندو هئس. هڪ ڀيري صاحب جو پٽيوالو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهان کي صاحب سڏي رهيو آهي. پهرين ته پريشان ٿي ويس ۽ عجيب سوچون اينديون رهيون. سوچيم ته شايد ڪا غلطي ٿي وئي آهي جو صاحب ڪاڙجي گهرايو آهي. آخرڪار خوف ۽ ڊپ جي ڪيفيت ۾ آئون صاحب جي آفيس ۾ ويس ته دعا سلام کان پوءِ صاحب پڇيو اوهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ چيو مانس ميٽرڪ. وراڻيائين ته مون وٽ هتي آفيس ۾ ڪم ڪندين. ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ يڪدم ها ڪيم. اهڙي طرح منهنجي ڊيوٽي هاڻي آفيس ۾ مقرر ٿي. اهڙي طرح سان ساڻس ويجهڙائي ٿي. صاحب پاڻ به علم و ادب طرف مائل هو. هن مون کي سنڌي ادب کان روشناس ڪيو ۽ مون کي پڙهڻ لاءِ ڪجهه ڪتاب ڏنائين اهڙي ريت مون کي ادب جو شوق پيدا ٿيو ۽ مون سنڌي ادب ۾ پير پاتو.
ف/ش: سنڌي ادب ۾ اوهان سڀ کان پهرين نثر تي لکڻ شروع ڪيو يا نظم تي؟
هاشم شورو: سنڌي ادب جي نثر واري ڀاڱي ۾ مون سڀ کان پهرين ڪهاڻي صنف کي پسند ڪيو ۽ ڪهاڻي لکڻ شروع ڪيم. منهنجي لکيل ڪهاڻين جو تعداد ڏهه کن آهي.
ف/ش: اوهان ڪهاڻي کان سوءِ ادب ۾ ٻيو ڪهڙي ڪهڙي صنف تي طبع آزمائي ڪئي؟
هاشم شورو: ڪهاڻي کان سواءِ مون ڊرامو لکيو. ان کان پوءِ غزل، بيت، ٽيڙُو، آزاد نظم وغيره به لکيم. نثر ۾ ڪجهه مقالا ۽ مضمون به لکيم. مون مشهور مصور کتري (جنهن شاهه لطيف جي بيتن کي تصويري رنگ ڏنو هو.) ان جي مرتيي تي مون هڪ مضمون لکيو جيڪوان وقت جي مشهور سنڌي اخبار هلال پاڪستان ۽ اردو اخبار امن ۾ شايع ٿيو هو.
ف/ش: اوهان پهريون “ٽيڙُو” ڪهڙو لکيو؟
هاشم شورو: جي ها منهنجو پهريون ٽيڙُو هي هو.
انبن به جهليو آ ٻُور،
سوچي پئي سُهاڳڻ
ڪانڌ آهي ڇو ڏُور.

رابيل ڪئي آ دير،
ماڻس من وسوسا
الله ڪري خير.
ڪڃري پئي نچي،
وڏيري جي جوان زال
دل ۾ پئي پچي.
ڪري هار سينگار،
بيٺي آهي در تي
ويچارن ۾ ويڙهيل نار.
ف/ش: هڪ ڀلوڙ شاعر جي حيثيت سان مشاعرن ۾ڪٿي ڪٿي وڃڻ ٿيو؟
هاشم شورو: جي ها اسان پنهنجي لائبريري ۾ خود هر مهيني باقاعدگي سان مشاعرا ڪرائيندا هئاسين. جنهن ۾ ناميارا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. ان کان سواءِ حيدرآباد، ڄامشورو، ٽنڊو ڄام، ڪراچي تائين مشاعرن ۾ وڃڻ ٿيو. جتي نالي وارن شاعرن تاجل بيوس، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نصير مرزا، شهيد سومرو، اسير ملاح ۽ ٻين سان ملاقاتون به ٿيون.
ف/ش: علم و ادب کان سواءِ ماضي ۾ اوهان جون ٻيون ڪهڙيون مصروفيتون رهيون؟
هاشم شورو: مون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ شايد 1976ع دوران آرٽسٽ جي حيثيت سان ٻه-ٽي سال ڪم به ڪيم. پي ٽي وي تي اداڪاري ڪرڻ جو موقعو به مليو. ان کان علاوه مون اسٽيج تي1988ع ڌاري اداڪاريءَ جا جوهر به ڏيکاريا. اداڪاري دوران هيرو ۽ وِلين جي ڪردار کان سواءِ سڀ ڪردار ادا ڪيم. ڊائريڪٽر ۽ هدايتڪار مختلف رهيا. انهن ۾ سائين هارون رند، محمد بخش سميجو، اقبال سعيد انصاري جا نالا اڃا به ياد اٿم.
ف/ش: زندگي ۾ ڪهڙين سماجي، فلاحي ۽ عام ڀلائي وارن ادارن ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو؟
هاشم شورو: مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي وڏي ۾ وڏي نالي ۽ سماجي ورڪر محترم جناب خان محمد پنهور جي جماعت ڳوٺ سڌارڪ سنگت جي سينٽرل ڪاميٽي جو مون کي ميمبر ٿيڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ اسان رهي ڪري وڏي پئماني تي فلاحي ڪم ڪيا. پنهنجي علائقي ۾ بجلي جي نظام کي بهتر بنائڻ، ٽرانسفارمر لڳرائڻ، اسڪولن ۾ وڃي استادن جون حاضريون چيڪ ڪرڻ ۽ استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ اسان جا فلاحي ۽ عام ڀلائي وارا ڪم هئا. ان کان علاوه سنڌ گريجوئيٽ ايسوسي ايشن جي پليٽ فارم تان اکين جون مختلف ڪيمپون، شاگردن کي مفت ٽيوشن سينٽرن جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيوسين. سماجي، فلاحي ۽ ڀلائي وارن ادارن ۾ 1986ع تائين رهڻ ٿيو.ان کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ ڪراچي ۾ ملازمت ملڻ جي ڪري ڪٽجي وياسين.
ف/ش: فيسبڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ گروپ فيس آف شورو جو بنياد وجهڻ ۽ ان ۾ پنهنجي سرگرمين کي وائکو ڪندا.
هاشم شورو: جي ها فيس آف شورو گروپ فيسبڪ تي شورا برادري جي نمائندگي ڪندڙ واحد گروپ آهي. ۽ انهي ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته فيس آف شورو گروپ کي پنهنجي ئي شورا برادري مان اوهان جهڙا علم و ادب دوست نوجوان ۽ ساٿي مليا جن جي اڻٿڪ ڪوششن سان آئون چئي سگهان ٿو ته هي گروپ ۾ پوري فيسبڪ تي هڪ مثالي گروپ آهي. هن گروپ جي بنياد وجهندڙ ڪاميٽي ۾ مون (هاشم شورو) کان سواءِ نجيب اقبال شورو، حيدر علي شورو، علي رضا شورو شامل هئا. هن گروپ جو نالو مون تجويز ڪيو. اڳتي هلي ڪري اوهان (فهيم فدا شورو) ۽ سالم شورو ۽ ٻين دوستن جي اچڻ جي ڪري هي گروپ ڏينهون ڏينهن ترقي طرف وڌڻ لڳو. مون کي اهو چوندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته انٽرنيٽ تي شورا قبيلي بابت جامع معلومات اوهان کي هن گروپ جي پليٽ فارم تان ئي ملندي رهندي. هن گروپ ۾ منهنجي (هاشم شورو) ۽ اوهان (فهيم فدا شورو) جي اپلوڊ ڪيل مواد کي نمايان مقام حاصل آهي. ان کان سواءِ گروپ ۾ ادا نجيب اقبال شوري جي ڪوششن کي به ساراهيون ٿا. فيسبڪ تي شورا برادري جو جيڪو به فرد ايڪٽو آهي اهو هن گروپ جو ميمبر آهي. جڏهن ته گروپ جي ايڊمن ڪاميٽي چئن ڄڻن هر هڪ آئون (هاشم شورو)، فهيم فدا شورو، نجيب اقبال شورو ۽ هارون شورو تي مشتمل آهي. جڏهن ته سرگرم ميمبرن ۾ سالم شورو، علي شورو، پرويز شورو، احمد شورو، شهزاد شورو ۽ ٻيا موجود آهن. گروپ جي تاريخ جيڪڏهن ورجائجي ته هن گروپ جي ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن گروپ جي مٿان ڪئين لاها چاڙها آيا. ڪيترائي بهترين دوست ۽ ميمبر گروپ ڇڏي هليا ويا ۽ ڪجهه اڃا تائين باوجود ميمبر هجڻ جي به سرگرم نه آهن. جن دوستن ڪافي ڪوشش ڪئي ته هن گروپ جو فيسبڪ تان وجود ئي ختم ڪيو وڇي پر وقت ثابت ڪيو ته اڄ انهن جو فيسبڪ تي نالو نيشان نه آهي. اسان هر وقت هن گروپ جي پليٽ فارم تان پنهنجي قبيلي جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهياسين ۽ رهيا آهيون. گروپ ۾ جيڪو به مواد هينئراپلوڊ ٿئي ٿو اهو معياري ۽ بهترين آهي. اسان اوهان سميت سمورن ساٿين کي گروپ جي ترقي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو. اوهان اسان جي لاءِ وڏي وَٿ آهيو ۽ اميد ته رهندا. ياد رهي ته گروپ کي سرگرم بنائڻ جي لاءِ وقت بوقت مون وٽ ڪوٽڙي ۾، حيدرآباد ۾ ادا نجيب اقبال شوري وٽ ۽ مسڻ وڏي ٽنڊو الهيار ۾ اوهان وٽ ميٽنگون ٿيون جن ۾ گروپ کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي نه صرف غور ويچار ڪيو ويو پر گڏوگڏ عملي اقدامات به کنيا ويا.
ف/ش: سائين هاشم صاحب اوهان تمام مفصل نموني گروپ جي باري ۾ ٻڌايو. اميد ته پڙهندڙ کي وڌ ۾ وڌ گروپ جي باري ۾ معلومات ملي هوندي. اسان جو ايندڙ سوال اوهان جي ازدواجي زندگيءَ جي باري ۾ آهي.
هاشم شورو: ادا منهنجي شادي پنهنجي رشتيداري کان هٽي ڪري پنهور خاندان ۾ 1981ع ڌاري ٿي. جنهن مان هڪ پٽ سارنگ شورو 2008ع ڌاري ڪينسر جهڙي موذي مرض وگهي نوجواني جي عمر تقريبن 22 سالن ۾ گذاري ويو. جنهن جي وڃڻ جو صدمو هر وقت جيءُ جهوريندو رهندو آهي. ان کان علاوه ڇهن ٻارن (ٻن پُٽن هر هڪ رابيل ۽ هالار شورو ۽ چئن نياڻين) جو اولاد آهي. وڏو پٽ رابيل شورو هڪ نجي (پرائيويٽ) بيئنڪ ۾ ملازم آهي ۽ ننڍو پٽ هالار تازو انٽر پاس ڪئي آهي. في الحال شام اخبار ۾ نوڪري ڪندو آهي.
ف/ش: سائين هاڻي اوهان کان انٽرويو جو تمام اهم ۽ انتهائي نازڪ سوال : “پنهنجي زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ يا ائين کڻي چئجي ته ڇا اوهان پنهنجي مطمئن زندگي گذاري؟”
هاشم شورو: (اوهان پنهنجي زندگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟ سوال جو جواب ڏيڻ کان پهرين ادا هاشم هڪ اردو شعر پڙهي ٿو تنهن بعد سوال جو جواب ڏئي ٿو.)
جو لطفِ زندگي پايا هي مين ني فقر و فاقه مين،
تصور اس ڪا هو سڪتا نهين هي ڪَج ڪُلاهون مين.
(نوٽ: ڪَج ڪُلاه فارسي لفظ آهن جنهن جي معنى آهي پيشاني تي فخر ۽ وڏائي سان رکيل ڏنگي ٽوپي. ڪَج: ڏِنگي. ڪُلاه: ٽوپي (ڪُلاه واحد آهي) . ترجمه از: فهيم فدا شورو)
ها فهيم! هاڻي اوهان جي پڇيل سوال جو جواب ڏيندو هلان ته، نه ادا آئون پنهنجي زندگي مان بلڪل مطمئن نه آهيان. ڇوته پنهنجي زندگي ۾ مون جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيو پئي افسوس ته اهو غريب گهراڻي سان تعلق هئڻ جي ڪري نه ٿي سگهيو. ٻيو ته ادا مون چاهيو ٿي ته سموري زندگي سنڌي ادب جي نانءُ ڪري ڇڏيان.پر جيئن ته مون پهرين ذڪر ڪيو ته منهنجو تعلق انتهائي غريب گهراڻي سان هو انهي ڪري پنهنجي پيٽ گذر ۾ پنهنجي زندگي پوري ڪري پنهنجي من جي آس به پوري نه ڪري سگهيس ته سنڌي ادب کي پنهنجي سموري زندگي ارپي ڇڏيان. ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين ۽ مزدوريءَ کان وٺي آفيسريءَ تائين منهنجي زندگي مسلسل جدوجهد جو اڻ کٽ سلسلو رهي. مون تي ايترا ته بار پئجي ويا جو پنهنجي خواهش کي عملي جامو به نه پارائي سگهيس.
ف/ش:دوستن ۽ شورا برادري جي لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا؟
هاشم شورو: سڀني دوستن سميت سموري سنڌ جي شورا برادري کي سندن اختلافات وساري، هڪ ٻئي جي لاءِ ڍال بنجي ڪجهه ڪرڻ لاءِ نماڻو عرض هڪ بار نه بار بار ڪندو رهندس. اهو ئي منهنجو پيغام آهي. خاص ڪري شورا هائوس جي وڏڙن کي به عرض ڪندو هلان ته اوهان معاشري ۽ سماج ۾ اثر رکندڙ شخصيتون آهيو. مهرباني ڪري حاجي محمد صديق شوري وانگر پنهنجي قبيلي جي ايڪتا، ٻڌي ۽ يڪجهه تي لاءِ ڪجهه ڪريو. اوهان وٽ پليٽ فارم آهي. اوهان وري آل سنڌ شورا تنظيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر فعال ڪريو. اسان جون سموريون نيڪ خواهشات اوهان سان گڏ آهن. جنهن وقت به اوهان جو سڏ ٿيو. لبيڪ چئي حاضر ٿينداسين.
آئون پڻ وجهان هٿڙا، آئين پڻ وجهو رڇ،
سندي ڪُن ڪڙڇ، من هون سلامت سُپرين.
(شاهه)
]هڪ تاريخي آنلائين انٽرويو جنهن ۾ ادا هاشم جي زندگي جا حسين لمحا قلمبند ڪيم[