• ڪتاب سڀ رنگ سانول تي ٻه اکر
تنين جي جهپيٽ جنگن کي جوکو ڪري.
(شاهه)
چوڻي آهي ته مڙسن جا قد نه ڪڇبا آهن. هن ڪتاب جو ليکڪ سائين هاشم شورو قد جو پورو پنو ڀريل هاٺي وڏين اکين ۽ ڪڻڪائين رنگ جو مالڪ آهي،. سندس تخليق سگهاري ۽ قدآور آهي. پاڻ کلمک سُٺو سڀاءُ رکندڙ-سُوڀر-سنڌ جي مٽيءَ جو ڳوهيل مجسمو آهي ۽ صفا سولو ۽ سڌو ماڻهون آهي.
سال 2014ع جي ڊسمبر مهيني ۾- سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جي شروعاتي ويهڪن ۾ سائين سان ڄاڻ سڄاڻ ٿي. ليکڪ آفتاب حسين کوهارو جيڪو منهنجو عزيز آهي، سو هڪ ساهي ۾- سائين جي شخصيت ۽ علمي ادبي سفر تي ڳالهائيندو ويو. سائين سان ملندي، پنهنجائپ محسوس ٿي، ائين لڳو ڄڻ سالن کان واقف آهي، آفتاب تعارف ڪرائيندو رهيو- ۽ محمد هاشم مشڪندو رهيو. پنهنجو تعارف ڪرائيندي چيائين آءُ هاشم شورو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙيءَ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهيان. شايد سال 1970ع ۽ 1980ع جي ڳالهه ڪري رهيو هُيو.
کلندي وراڻيائين. جنم ڀومي ڪارو کهو ڪوٽڙيءَ اٿم. بابا نانگولائين ۾ شفٽ ٿي آيو، بچپن نانگولائين جي گهٽين ۾ ڪڏندي گذريو. ويندي ڦوه جواني به هتي گذري. مئٽرڪ انٽر ڪوٽڙيءَ مان ڪيم. گريجوئيشن ۽ ماسٽر سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. غريب جو ٻار هئس. پڙهڻ جوشوق هيم، منهنجي ڏاڏي، منهنجي پڙهائي ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. پهرين ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسٽور ڪيپر ٿيس. بعد ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ آفيسر ٿيس. 25 آڪٽوبر 2013ع تي رٽائر ٿي، پنهنجي پراڻن پڊن نانگولائين ڪوٽڙيءَ ۾ پهتس. بچپن کان هينئر تائين، ڪتابن پڙهڻ جو شوق اٿم. ڪراچيءَ ۾ رهندي، سنڌ جي ناميارن اديبن سان ڪچهريون ۽ رهاڻيون ٿينديون رهيون. ڪتابي ذوق ۽ ادبي صحبت لکڻ تي اُتساهيو ۽ سانده لکندو پيو اچان.
محمد هاشم شورو ادب جي سڀني صنفن تي لکندو پيو اچي. پر سائينءَ جون ڪهاڻيون ۽ شاعري شاندار آهن.
اسانکي سائين جي تخليقن سان به پيار آهي ۽ سائين سان به پيار آهي، ڇو ته سائين صفا سڌو، سُٺو ۽ سولو انسان آه، پاڻ کلمک، سُٺو سڀاءُ رکندڙ، سنڌ جي مٽيءَ جو ڳوهيل مجسمو آهي، هاشم شورو جي ڪهاڻين ۾ پلاٽ پڌرو ڪردار چٽا واضح ڄڻ جيرا جاڳندا آهن. منظر ڪشي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڪئي اٿائين.
ڪهاڻي- پيلا گل پلاند ۾:
ڪهاڻيءَجي شروعات هنن لفظن سان ڪري ٿو.
“حيدر چوڪ پار ڪندي پويان سڏ ٿيو ، آواز زنانو ۽ ڄاتل سڃاتل پڻ هو، آئون بيهي رهيس ۽ مڙي پوئتي نهاريو هڪ عورت مونڏانهن اچي رهي هئي، آئون هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
“ ڪون سڃاتئي ڇا؟ ويجهي ايندي چيائين.”
ڪهاڻي پڙهندي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ ڊرامو اکين سان ڏسي رهيو آهيان.
ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي لکي ٿو ته:
15 سال پهرين جي شوخ ۽ شرير نسيم ياد آئي ، جيڪا ڳالهه يون ۽ شرارتون ڪندي ڪانه ڍاپندي هئي ، پر هيءَ نسيم خاموش ڪنڌ جهڪائي چانهن ٺاهي رهي هئي ۽ ڪجهه سوچي به رهي هئي ڄڻ سندس دل تي ڪو بار هجي ، هيءَ نسيم هن نسيم خان گهڻو مختلف هئي .
“ چانهن” نسيم مونکي چانهن جو ڪپ ڏيندي چيو . مون ڪپ ورتو ۽ نسيم جو جائزو وٺڻ لڳس، اکين تي چشمو ، ڪجهه بت به ڀرجي ويو هئس . ”
هاشم جي لکڻيءَ جي منظرڪشي ڏاڍي زبردست ۽ خوبصورت آهي، وڌيڪ لکي ٿو ته:
“ منهنجي جدائيءَ کان پوءِ ڏاڍي شڪتي اچي ويئي اٿئي ، چهرو ڏسي دل جا راز به پڙهيو وٺين ،” مون هن ڏانهن نهاريو ، هوءَ رئي جو پلئه آڱرين تي ويڙهي رهي هئي ”.
ڪهاڻيءُ ۾ ڇا ته غضب جو سٽاءُ آهي، ڪهاڻيءَ جي End به به ڏاڍي زبردست آهي.
“نسيم چشمو لاهي ڳوڙهن ۾ ڀريل اکين کي ٽشوءَ سان اگهندي چيو. چڱو الله حافظ.. نسيم وڃڻ لڳي ۽ آءُ پاڻ کي ڀڄندو ڀرندو محسوس ڪيو. ”
هن ڪهاڻيءَ ۾ پيار، وصال درد، وڇوڙو، پيڙا، ٽٽل آدرش، سڪ ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو ۽ محسوس ٿو ٿئي ته انسان وقت جي هٿان ڪيڏو مجبور ۽ محڪوم آهي.
هاشم شورو ڪمال ڪاريگريءَ سان، ڪهاڻيءَ جا ٽئي حصا يعني، مُنڍ، وچ ۽ آخر ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هاشم شوري جي ڪامياب لکڻين جو شايد اهو به سبب آهي، جو پاڻ PTV تي سٺن اداڪارن، صداڪارن، ڪهاڻيڪارن ۽ ڊرامه رائيٽرس سان گڏ، ڪم ڪري چڪو آهي ۽ ان سان گڏ غضب جو مطالعو به اٿس. زندگيءَ جي وڏي حصي ۽ زماني جي اُٿل پٿل جو عيني شاهد آهي. جيئن پينٽر پنهنجي ڪاريگريءَ سان فطري حسن چٽيندو آهي، تيئن هاشم شورو پنهنجي لکڻين ۾ منظر ڪشي ڪندو آهي.
سندس ڪتاب “سڀ رنگ سانول” مستقبل ۾ مثالي ڪتاب ثابت ٿيندو، سائين هاشم شورو، طبيعتاً تمام ماٺيڻو سُوڀر ۽ قربائتو انسان آهي. سندس شخصيت ۾ سنڌ جو خمير آهي، محمد هاشم شوري سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن ۽ شاعرن سان گڏ گذاريو آهي، شايد تڏهن ته سندس تخليقي سگهه مضبوط آهي.
سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ سائين پنهنجي شاعري، عنوان “ڪافر” سان پڙهي ٻڌائي ته واهه واهه ٿي وئي. ڌاڪو ڄمي ويو، هن موضوع تي سائين طويل آزاد نظم لکيو آهي، جيڪو هن ريت ورجائجي ٿو:
مان به ڪافر
تون به ڪافر
گلن جي خوشبو به ڪافر
لفظن جو جادو به ڪافر
هيءُ به ڪافر، هو به ڪافر
فيض ۽ منٽو به ڪافر
نورجهان جو گانو ڪافر
مئڪڊولين جو کاڌو ڪافر
برگر ڪافر، ڪوڪ به ڪافر
کلڻ بدعت، جوڪ به ڪافر
طبلو ڪافر، دهل به ڪافر
پيار ڀريا ٻه ٻول به ڪافر
سر به ڪافر، تال به ڪافر
ڀنگڙو ۽ ڌمال به ڪافر
مُگرمان ۽ جمالو به ڪافر
ڌاڌرو، ڀيروي ٺمري به ڪافر
ڪافي ۽ خيال به ڪافر
شاهه لطيف جي مارئي به ڪافر
سسئي ۽ سهڻي به ڪافر
چاهت جي زنجير به ڪافر
زنده مرده پير به ڪافر
نذر نياز جو کير به ڪافر
پُٽ جي ڪتابن جو ٿيلهو به ڪافر
ڌيءَ جي گڏي به ڪافر
کلڻ، روئڻ ڪفر جو سودو
غم ڪافرخوشيون به ڪافر
جينز ۽ گٽار به ڪافر
ڀيڏيءَ کان هيٺ پنهنجي شلوار به ڪافر
فن ۽ فنڪار سڀ ڪافر
جيڪي منهنجون ڌمڪيون نه ڇاپين
سي سڀ اخبارون به ڪافر
يونيورسٽي سڄي ڪافر
ڊارون جو ڀولو ڪافر
فرائڊ پڙهائڻ وارا ڪافر
مارڪس جا سڀ متوالا ڪافر
ميلا ملاکڙا ڪفر جو ڌنڌو
ڳائڻ وڄائڻ سارو ڦندو
مندر ۾ تون بت هجين ٿو
مسجدن جو به حال برو آ
ڪجهه مسجد جي ٻاهر ڪافر
ڪجهه مسجد جي اندر ڪافر
مسلم ملڪ ۾ اڪثر ڪافر
ڪافر ڪافر مان به ڪافر
ڪافر ڪافر تون به ڪافر
جيڪو مڃي اهو به ڪافر
جيڪو نه مڃي اهو به ڪافر.
سائين محمد هاشم شورو، پنهنجي هن آزاد نظم ۾، مذهبي انتهاپسندي جي پت وائکي ڪئي آهي، ته اُهي پنهنجي مطلب ۽ شخصي مفاد لاءِ هر شيءَ کي ڪافر قرار ڏيئي سگهن ٿا.
هاشم شورو وقت گو سچ گو فقير منش انسان ۽ سڌو سئون صوفي آهي، بُلا شاه اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي ته “اڙي ملان تمهارا ڪيا، مين جانو ميرا خدا جاني” پيغام ساڳيو ئي آهي.
هاشم شورو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن مان ڊپ ۽ خوف ڪڍڻ ٿو چاهي، نفرتون ختم ڪرڻ ٿو چاهي ۽ محبت ونڊڻ ٿو چاهي، انهيءَ کي ئي ماڻهپو چئبو آهي. دنيا جي ڏاهي هربرٿ سپنر چيوآهي ته: “زندگيءَ جا ٿاٻا ۽ تجربا تعليم جا ذريعا آهن.”
محمد هاشم شورو نه صرف ڪتابن جو مطالعو ڪيو آهي، پر هن زماني جو به مشاهدو ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس تحرير پڪي ۽ پختي آهي، نبي صلعم جي حديث آهي: “مفلسي ۽ غربت منهنجو فخر آهي.”
حضرت عليءَ جو قول آهي ته: “بي عقلي سڀ کان وڌيڪ غربت آهي.”
ماڻهن محلاتون اڏيون . هاشم علم جا مينار اڏيا.
دنيا جي ڏاهي فرينڪلن چيو آهي ته: “هر مذهب سُٺائيءَ جي تعليم ڏيندو آهي، خرابي ته پنهنجي ذهنن جي پيداوار آهي.
امام غزاليءَ چيو آهي ته: “عبادت جي ديوار سُٺي علم تي هُوندي آهي.”
دنيا جي ڏاهي پيٽر بارنم چيو آهي ته: “جيڪڏهن بيوقوف بازار نه وڃن ته، خراب شيون ڪير خريد ڪندو.”
مذهبي بنياد پرستيءَ ۽ ذهني فطور پيدا ڪري دنيا کي دوزخ بڻايو ويو آهي. خدا تعاليٰ قيامت جو ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سزا ۽ جزا جو عمل اُن وٽ آهي. پوءِ اسان ڇو انسانذات کي رنجائي، پنهنجي آخرت خراب ڪيون. تڏهن ته لطيف سرڪار چيو آهي ته:
ڪوڙين ڪتابن ۾ حرف مڙيو ئي هيڪ،
جي تو نظر نيڪ ته بسم الله ئي بس اٿئي.
جيڪڏهن حق سچ لکڻ وارا، حق سچ نه لکن ته، دنيا جيئري ئي دوزخ بڻجي وڃي. هاشم شورو، دهل جي ڏاڪي تي حق سچ لکيو آهي ۽ ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي.
اسان جي دُعا آهي ته، هاشم شورو، لکندو رهي، هن قوم هن ڌرتيءَ هن ملڪ تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي لکندو رهي.
اُستاد بخاري چيو آهي ته:
چيائون او شاعر، اوهان ڌرتتيءَ جو،
مٿي تي تغاري، کڻي ڪو نه سگهندو،
مڃيوسون او سائين، مگر رات آڌي،
اوهان تڙپي تڙپي لکي ڪو نه سگهندؤ.
حق موجود سدا موجود.، ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي.
خادم الفقراءَ
نور حُسين ڪلهوڙو
ڪوٽڙي
اڱارو 14 اپريل 2015ع