هي ڪتاب “سڀ رنگ سانول” ليکڪ، ادب دوست ۽ سوشل ميڊيا جي متحرڪ دوست محترم هاشم شوري صاحب جي لکيل تاثراتن، شخصيتن جي خاڪن، ڪهاڻين، شاعري ۽ آٽوگراف ڪليڪشن تي مشتمل آهي.
سڀ رنگ سانول جي عنوان سان لکيل پنهنجي ڪتاب جو مواد هاشم شورو صاحب يو ايس بي ۾ ڏيندي گهر ڪئي ته آءُ سندس ڪتاب تي ٻه اکر لکان، حاضر جا لفظ اوچاري يو ايس بي کڻي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ مواد محفوظ ڪري مطالعو شروع ڪيم پر ڪتاب جي مواد کان وڌيڪ ڌيان ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل “عوام کي لوڊشيڊنگ جا لڳندڙ شاڪ” ڏانهن ان ڪري ڇڪبو پيو وڃي ته ڪتاب کي پڙهڻ لاءِ مونکي مسلسل ٽي ڏينهن انتظار ڪرڻو پيوڇو ته مواد پڙهڻ جو واحد ذريعو ڪمپيوٽر ئي هو ۽ ڪمپيوٽر وري بجلي کان سواءِ نه پيو هلي پر بجلي وري صرف ايترو وقت مس پئي هلي جو ڪمپيٽر کولي اڃا مواد پڙهڻ مس پيو شروع ڪريان ته وري بجلي گم، بجلي جي اهڙي اک ٻوٽ جنهن ۾ زندگي جو ٻيو ڪو وهنوار ته هلڻ مشڪل آهي پر ان سان اهو فائدو ضرور ملندو آهي جو ڪو مزاحمتي قلمڪار نيٺ برداشت جي ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪري حڪمرانن يا سندس ساٿاري سياستدانن جي (شان ۾) ٻه چار قصيدا لکي وٺندو آهي اهڙي ريت مزاحمتي ادب ته بهتر انداز ۾ سرجي رهيو آهي پر ان مان فائدو حاصل ڪندي سياست جا نوان گس گهڙيندڙن سياستڪارن جا ضمير مئل هجڻ ڪري ان سرجندڙ ادب مان عوام کي ڪو لاڀ نه پيو ملي پر اهو لاڀ عوام کي ملي به ڪيئن جڏهن ته اهڙن سياستڪارن کي پڻ ايوانن تائين پهچائڻ ۾ عوام جو ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي. شام اخبار ۾ ايڊيٽوريل پيج جي انچارج واريون ذميواريون نڀائيندي ايترو موقعو ميسر نه ٿيندو هو جو ڪنهن مانائتي دوست جي پيار ۽ پاٻوهه مان تحفي طور مليل ڪتاب جو مطالعو ڪري سگهان ان ڪري اتان داڻو پاڻي ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو بهتر سمجهيم ته جيڪڏهن ادبي لڏي سان سڏ ۾ سڏ ڏئي گڏ هلڻو آهي ته هاڻي ڪنهن به اخبار يا ٻئي اداري ۾ ملازمت ناهي ڪرڻي، ڇو ته زندگيءَ جو ڳچ حصو ايئن ئي سستي ۾ گذاري ڇڏيو يا وري جيڪو ڪجهه لکيو ان کي جيتوڻيڪ لطيف سرڪار جيان ڪراڙ ڍنڍ ۾ ته نه اڇليو پر اهو سهيڙي به نه سگهيس ۽ هاڻي يادگيرين جي سمنڊ ۾ غوطا هڻي ڪي ٻه چار سپون ڪڍي ان ۾ سمويل موتين کي ڌوئي اڇو اجرو ڪري ٻيهر پنهنجي خزاني کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيان. اها ڳالهه صرف ان ڪري ئي ڪرڻي پئي جو مون جهڙا ڪيترائي شاعر يا قلمڪار پنهنجي مواد کي سانڍي يا سهيڙي ان ڪري نه سگهيا آهن جو سرڪاري توڙي خانگي اشاعتي ادارن ۾ رڳو ياري باشي جي ڌم متل آهي باقي جيڪي سنڌ جا هزارين بي پهچ بخاري، ارڏا اياز، يا سڃا سرڪش پنهنجي اندر جا اڌما يا قوم جو درد اکرن جي روپ ۾ اوتي ڪاڳر ڪارا ڪري ويا انهن جي سار لهڻ وارو ڪو ادارو بچيو ئي ڪونهي، نه صرف ايترو پر اديبن ۽ شاعرن کان اهڙا ادارا اڌ رقم جي آڙ ۾ تقريبن پوري ڪتاب جو خرچ اوڳاڙي ۽ پوءِ تيسين اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي جسارت ناهن ڪندا جيسين کين اهڙو ڪو ٻيو خرچ ڪرڻ وارو مومن هٿ نه اچي. بهر حال ڳالهه پئي هلي ٽن ڏينهن ۾ 64 صفحا پڙهڻ جي ملڪي سياستڪارن اهڙي ريت ملڪ کي لتي ڪنگال ڪيو آهي جو هاڻي صرف وٽن عوام کي ڏيڻ لاءِ ٺلها دلاسا ئي بچيا آهن نه ڪي ملڪي خزاني ۾ ڪا رقم يا عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪا نيڪ نيتي واري اخلاقي جرئت، ان ڪري ئي بجلي جو بحران ته پنهنجي جاءِ تي پر اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جنهن جاءِ جي عوام جو رت سڪائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري ملڪي معيشيت پڻ تباهه ٿي چڪي آهي جو کڻي اميد ساري سگهجي ته ڪو سال ٻن ۾ اهي بحران ختم ٿين، اهڙي ريت جڏهن بحرانن جي بازار گرم هجي ته ڀلا ڪو ان سماج ۾ رهندڙ قلمڪار انهن بحرانن کان ڪيئن ٿو آجو رهي سگهي ان ڪري ئي اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسري جي ڪرسي تي هوندي به هاشم شورو صاحب ايترو ته مسئلن ۾ گهيريل هو جو هو ملازمت دوران پنهنجو هڪ به ڪتاب نه ڇپرائي سگهيو پر جڏهن ڪوٽڙي ۾ 14 سالن جي وڇوڙي کان پوءِ ٻيهر ادب ۽ شعر و سخن جو دور شروع ٿيو ته هن جا به جذبا جاڳي پيا ته پنهنجي خيالن کي عوام آڏو آڻڻ لاءِ ڇونه ڪو ڪتاب ڇپرائجي. هونئن ته هاشم شورو شعرو شاعري سان به دلچسي رکي ٿو پر هي سندس ڪتاب نج نثر ۾ آهي جنهن جي 64 صفحن مان 21 صفحا سندس انٽرويو تي ٻڌل آهن جيڪو انٽرويو کائنس آن لائن ورتو ويو هو. ان کان علاوه ٽي مضمون عبدالڪريم بلوچ، اياز عالم ابڙو، هند ۽ سنڌ جي ڪهاڻيڪار لڇمڻ ڪومل ۽ لطيف سائينءَ جي بيتن کي تصويري روپ ڏيندڙ گل محمد کتري تي لکيل آهن. جڏهن ته ساڳيو تعداد مطابق ڪتاب ۾ پنج ڪهاڻيون شامل آهن ، ڀرم ڀورا ڀورا ۽ وحشي جذبن جو موت،مسيحا پيلا گل پلاند ۾ ۽ هڪ ڪهاڻي مشهور ليکڪا جي ترجمو آهي ماسي ڌنيءَ جي نالي سان . جنهن جاءِ تي هاشم شورو ڪهاڻي ڀرم ڀورا ڀورا ذريعي هڪ مذهبي اڳواڻ جي اندر ۾ لڪل وحشي روين جي بهتر انداز ۾ اپتار ڪئي آهي ته ساڳي جاءِ تي هن وحشي جذبن جو قتل ڪهاڻي ۾ پنهنجي اندر ۾ لڪل هڪ اهڙي خواهش جيڪا پوري ڪرڻ جي هو هر ممڪن ڪوشش ۾ رڌل هو پر اها پوري ڪري نه سگهيو ۽ ان جي پوري نه ٿيڻ تي هو جنهن مصيبت کان بچي ويو اها پڻ سبق آموز حقيقت آهي ته اهڙي خواهشن جي ور چڙهندڙ ڪيتري ڀوڳنا ڀوڳيندا آهن . هڪ لکاري جي حوالي سان هاشم شورو بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي لکڻ ۾ توڙي جو ڪنهن کي امر جليل جو روپ نظر اچي ٿو ته ڪنهن کي وري موهن ڪلپنا ۽ علي بابا جي لکڻين جا اولڙا ۽ عڪس نظر اچن ٿا پر تنهن هوندي به هو ڪهاڻي کي بهترين اندار ۾ نڀائڻ ۾ مهارت رکڻ کان علاوه ٻولي پڻ اهڙي ئي استعمال ڪندو آهي جيڪا ڪهاڻي جي ڪردار جي گهرج هجي اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪوٽڙي جي دستوري گڏجاڻين ۾ هو پنهنجي ڪهاڻي پڙهندو آهي ته اها تمام گهٽ تنقيد پر ڀرڀور داد حاصل ڪري کيس ٻيهر ڪا ڪهاڻي لکڻ تي اڪسائيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس اندر جو اهو ڪلاڪار جيڪو زماني جي لاهن چاڙهن جي دز ۾ دٻجي دفن ٿي ويو هو هاڻي ان کي نئون جنم نصيب ٿيو آهي ۽ هاڻي هاشم شورو ٻيهر جوان جذبن سان پنهنجي قلم کي جلا بخشي اهو پهه ڪيو آهي ته هو پنهنجي وڃايل وقت جو ضرور پورائو ڪندو ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري هو ايترو ڇپيل مواد سنڌ واسين کي ارپيندو جو ايندڙ وقت ۾ ڪو هاشم شورو کي بهترين دوست يا مائٽ بجاءِ بهترين قلمڪار جي نالي سان ضرور ياد ڪري. منهنجي دعا آهي ته الله سائين کيس سندس ان نيڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.