مُهاڳ: وڏي ڀيڻ ، احساس، محبتون ۽ تحرير
گهر ۾ وري بابا، امان، اديون، ۽ ڀائر هوندا آهن. ڪٿي ڀائرن ۾ ڪو وڏو هوندو آهي ۽ ڪٿي ڀينرن ۾ ڪو .... هاڻي جي وڏو ڀاءُ آهي ته، ان جي پنهنجي ذميواري آهي ۽ جي وڏي ڀيڻ آهي ته ان جي آسيس جو دامن وري عجيب ويڪر رکي ٿو. شايد اهو سڀ محسوس ڪندي، انورابڙي، پنهنجي هن ٻاراڻي ادب لاءِ لکيل ڪهاڻين جي ڳٽڪي کي ”وڏي ڀيڻ “ جو سرو ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ 15 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جن تي ٿوري تڪڙي نگاهه وجهون ٿا:
(1)وڏي ڀيڻ :
گهر ۾ نياڻين جي تعليم ۽ سندن مثبت سوچ جو خوبصورت استعارو آهي. هڪ نياڻي، جيڪا پاڻ پڙهي ٿي سا نسل سنواري ٿي. هيءَ مختصر ڪهاڻي ان سوچ جو هڪ خوبصورت مظهر آهي ۽ خاص طور تي تعليم جي اهميت بابت ۽ جاڳرتا بابت گهڻو ڪجهه ڏسي ٿي.
(2) لغڙ ۽ ڏور:
ٻارن جي ان نفسيات کي ظاهر ڪري ٿي ته هو تخليقي صلاحيتن کي ڪهڙي نموني قطب آڻي سگهن ٿا. جي سندن ڪا خواهش ڪنهن سببان پوري نه به ٿئي ٿي، ته وٽن ان جي پورائيءَ جا ٻيا به ڪيترائي زاويه هوندا آهن. ٻارن جي نفسيات تي ڪمال تحرير آهي.
(3) ٽيني :
ساهه مٺ ۾ ڪندڙ ڪهاڻي آهي. ائين ٿيندو آهي ته، گهر ۾ ٻليون تنگ ڪنديون آهن ۽ انهن کي ٻوريءَ ۾ بند ڪري، ايترو پري ڇڏي اچبو آهي، جو ان ساڳي گهر ۾ موٽي نه اچي سگهن. پر پوءِ به، گهڻو ڪري الائي ڪيئن اهي موٽي اينديون آهن.
ٻارن جي انهن سان خاص نسبت هوندي آهي. ميريون هجن، گدليون هجن، پر هنن جي ڄڻ ته روح جي راحت هونديون آهن. اهو عمل گهر وارن کي گهڻو ڪري نه وڻندو آهي ۽ هو جان ڇڏائڻ گهرندا آهن. هيءَ ڪهاڻي هر گَهر جي آهي ۽ انور جي مشاهدي جي گهرائي آهي. الائي ڇو اکيون ڀرجي آيون. دل چيو ’انور، ٽينيءَ کي صفدر وٽ موٽائي وٺي اچي ها‘ .
(4) جيئندو:
اسڪولي تعليم جي حوالي سان ۽ انهن ۾ ٻارن جي انٽريسٽ (interest)وٺڻ جي نسبت سان، انور پاڻ ملهايو آهي. ٻارن کي پيار ڏئي، ڪيئن علم جي حاصلات لاءِ ماحول ٺاهي سگهجي ٿو، اها سوچ هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال آهي.
(5) حرڪتي ٻار:
ٻار ۽ حرڪت ڄڻ لازم و ملزوم هوندا آهن، پر انور هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻارن جي نفسيات پٽاندڙ کُلي اظهار ڪيو آهي. ترتيب سان ڪهاڻي هلي آهي، جنهن لاءِ انور جس لهڻي.
(6) زون زون :
ٻارڙا وڏا ٿين ته پهرين سائيڪل ۽ پوءِ موٽرسائيڪل تي اک رکندا آهن. جن گهرن ۾ موٽرسائيڪل هجي، اتي جلدي سکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن ڪهاڻيءَ جو مکُ ڪردار ’فهد‘ به اهڙو ئي هڪ ٻار آهي، اهو عمل بهترين آهي ته مائٽ کيس جيڪا سمجهاڻي ڏين ٿا، اها کيس سمجهه ۾ اچي ٿي.
(7)سارنگ ۽ سانول:
ٻن ڀائرن جي پاڻ ۾ سلوڪ جي ڪٿا آهي. سارنگ وڏو آهي، 7 سالن جو ۽ ڪارٽون پسند ڪري ٿو، جڏهن ته سانول 5 سالن جو آهي ۽ ميوزڪ پسند ڪري ٿو. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان عداوت عيان آهي. هڪ واقعي ۽ ان کان پوءِ ان کي سنڀالڻ جو داستان آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ جي انور ابڙو وڏي ٻار کان ميوزڪ ۽ ننڍي کان ڪارٽون پسند ڪرائي ها ته ٿي سگهي ٿو ته ڪهاڻيءَ جو رخ بدلجي وڃي ها.
(8) فن ڊَي :
غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان ۽ انهن جي اهميت کي ظاهر ڪندڙ، هيءَ هڪ خوبصورت تحرير آهي.
(9) گرم پاڻي :
احتياط جي حوالي سان، ته جن گهرن ۾ ننڍا ٻار آهن، اتي زندگي ڪيئن گذارجي، هيءَ هڪ اهم تحرير آهي. ڏک شديد ظاهر ٿئي ٿو. ڏٺو وڃي ته اهڙا واقعا عام ٿين ٿا. انور کي جس هجي جو ان تي قلم کنيو اٿائين.
(10) بابا اسان اڳتي نه وڙهنداسين:
ٻاراڻي سلوڪ جي حوالي سان، خوبصورت سمجهاڻي آهي. ڪردار باڪمال آهن.
(11) وئڪيشن :
ٻارن لاءِ وئڪيشن جي اهميت تي ننڍڙي خوبصورتي آهي. ٻارن کي جيڪا خوشي ٿئي ٿي، انهيءَ کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي. حسين موضوع آهي.
(12) بستري تي بيهي ڪيل تقرير:
ٻارن کي وڏن جي جتيءَ ۾ پير پائڻ جو شوق هوندو آهي، ۽ انهن کي ڏسي ڏسي هو گهڻو ڪجهه ڪندا رهندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اسرندڙ عمر وارو ٻار، هڪ مقرر بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو.
(13) لغڙ وارو گهر ۽ فيڊر واري ٽانڪي:
ٻاراڻي ذهانت ۽ اڳيان وڌي ڪجهه ڪرڻ جي سوچ تي خوبصورت خيال آهي.
(14) جهنگل جو راجا:
مائٽ ٻارن سان گڏجي ويهن ته الائي ڪيترا سلسلا جڙي پوندا آهن. سمجهاڻين جو جهان کُلي پوندو آهي. هيءَ ڪهاڻي ان حوالي سان خاص اهميت رکي ٿي.
(15) ڇهه فٽ پري :
ڪووڊ -19 جي حوالي سان، مختصر خوبصورت سمجهاڻي آهي ته عملي طور ڪيئن ٻار پرائين ٿا.
هي سڀ ڪهاڻيون ۽ هي ڳٽڪو، انور لاءِ ڪجهه نئون ناهي. 2008ع ۾ ”ڀڳل رانديڪو“، 2016ع ۾ ”عني ۽ مائو“، 2018ع ۾ ”چوڌاري چمڪاٽ“ ، 2018ع ۾ ئي ”ننڍڙو چنڊ“ ۽ ”روشني ڪي مينار: حيدر بخش جتوئي“ سندس ٻارن سان محبت ۽ انهن لاءِ لاڳيتو لکڻ جي شعوري ڪوشش جو مظهر آهن. ٻارن لاءِ لکڻ هڪ بي انتها ڏکيو عمل آهي ڇاڪاڻ ته، اها هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته، ليکڪ کي پاڻ به ٻار بڻجڻو پوي ٿو ۽ نفسيات جي ان مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.
هڪ وڏي ڀاءُ جي حيثيت سان مان سمجهندو آهيان ته انور اڃا تائين ٻار آهي. جي هو ٻار ناهي ته به هن پنهنجي اندر ۾ ننڍپڻ کي ڪومائجڻ نه ڏنو آهي، جنهن لاءِ کيس بي انتها پيار ۽ محبتون رسن.
لکندو رهجانءِ انور! هي وقت جي ضرورت به آهي ۽ هڪ لحاظ کان اسان سڀني لاءِ لازمي به آهي. ڪريم رب جل شان هو توکي سدائين نوازيندو رهي. (آمين)
محمود مغل
جمع، 27 نومبر 2020ع
ڄام شورو