بابا، اسان اڳتي نه وڙهنداسين
هِنن جي ان کَس کسان ۽ ڪنهن وقت هڪ ٻئي کي هلڪا ڌڪ هڻڻ سبب دانهون ڪرڻ تي، سندن امڙ ذليخان بورچيخاني مان ٻاهر نڪري آئي. هُوءَ هِنن لاءِ ناشتو ۽ اسڪول لاءِ لنچ تيار ڪري رهي هئي. ذليخان کين پري کان ئي رڙ ڪري چيو: ”ڇو ٿا وڙهو صبح صبح سان؟...“ ٻنهي الڳ الڳ طور چيو: ”هي مون کي رموٽ نٿو ڏي.“
ذليخان اچي ان وقت ننڍي پٽ صدر کان رموٽ ڪنٽرول کسيو، جيڪو بدر کي نه ڏيندي، ڪاوڙ ۾ اچي اهو چئي اڇلائي ڀڃڻ وارو هو ته: ”مان ڀڃي ڇڏيندس.“
”صدر، تون هر وقت ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ کان شيون ڦُري اهي ٽوڙي ڇڏين ٿو.....اهو صحيح نٿو ڪرين. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ به تو ائين رموٽ ڪنٽرول ڀَڳو هو.... اڳتي ائين ڪيئي ته مان ڪُٽيندي سانءِ.“ ماءُ جو دڙڪو ٻڌي ۽ رموٽ ڪنٽرول کسجي وڃڻ تي صدر اندر بيڊ روم ڏانهن اهو چوندي وٺي ڀڳو ته: ”مان استول نه ويندم. مون ٿي نِندَ ٿي اچي.“
بيڊ روم ۾ پڻهس راحت پنهنجي آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو. هُن ڏٺو ته صدر سڌو اچي بستري ۾ مُنهن هنيو آهي ته چيائينس: ”بابا، تيار ٿيءُ، اسڪول هل... روز اوهان کي دير ٿي وڃي ٿي. اسيمبليءَ ۾ به نٿا پهچو. اوهان جي پرنسپال جون مون کي روز ڳالهيون ٻڌڻيون ٿيون پون.... هوءَ چوندي آهي ته، دير ڪري ڇو ٿا اچو....؟“
صدر فوري طور سندس ڳالهه کي رد ڪندي چيو:”هوءَ ته چوندي آهي اچو اچو...“ صدر جي ائين چوڻ تي راحت کان ٽهڪ نڪري ويو، ڇاڪاڻ جو سندن پرنسپال واقعي هِنن جي اسڪول، دير سان به پهچڻ تي کين چوندي آهي:”آئو آئو....“
مونٽسري ون ۾ پڙهندڙ صدر وري سمهي پيو، جنهن تي پڻهس چيس: ”بابا...اُٿو اسڪول هلو... اوهان جو امتحان هلي رهيو آهي. اهو ته هر حال ۾ ڏيڻو آهي. گُسائڻو ناهي.“
صدر پنهنجي مُنهن تان رلهي هٽائيندي چيو: ”مون ٿي نِندَ ٿي اچي... مان استول نه وندم....“ پٽ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي راحت سندس ڀرسان وڃي چيو: ”بابا، اٿ...... تيار ٿي... ڏسُ بدر توکان اڳ ۾ تيار ٿي وِنر (Winner) ٿي ويو آهي.“ بدر مونٽسري ٽو ۾ آهي. هن امتحان کانپوءِ هو اپريل مهيني ۾ پهرين درجي ۾ ويندو.
”مان ٿمهان ٿو، نِندَ ٿي اچي... “ صدر جي ان ڳالهه تي پڻهس چيو: ”رات مون توکي نائين وڳي پئي چيو ته: ’بابا سمهه، سمهه... سويل ننڊ ڪر، ته جيئن صبح جو ننڊ مان اُٿي آرام سان اسڪول هلي سگهين،‘ پر تون رڳو کيڏڻ ۽ بدر سان مستيون ڪرڻ ۾ پورو هُئين. رات جو ساڍي يارهين وڳي سُتو آهين... ظاهر آهي ته هاڻي صبح جو ستين وڳي اُٿڻ تولاءِ مسئلو آهي، پر بابا اسڪول ته هلڻو آهي.... امتحان ۾ توکي ويهڻو آهي....“
ائين چئي راحت سندس مٿان پيل رلهي هٽائي کيس ڀاڪر ۾ کڻي ٻاهر آيو. هُو ڪافي ڦٿڪيو، پر پڻهس نه ڇڏيس. ٻاهر وٺي اچي ذليخان کي چيائين ته: ”هِن جو هٿ مُنهن ڌوءُ، مان بدر کي ماني کارايان ٿو.“
پر صدر جو ساڳيو ضد، جنهن تي ماڻهس کيس چپاٽ هڻڻ واري هئي ته راحت روڪي ورتس. هُو صدر کي هنج تي، اهو چوندي واش روم ڏانهن کڻي ويو ته: ”مان توکي کوڙ ساري شئي وٺي ٿو ڏيان.... تون بس هاڻي ضد نه ڪر...“
”لدر (لغڙ) به وٺي ڏجان...“ صدر پنهنجي ضد تان ٿورو هيٺ لهندي چيو.
”کوڙ لغڙ بابا لاءِ ...“ پڻهس دلجاءِ ڏني.
”ٻه ٻه وٺي ڏجان...“ هِن ٻارڙي جي فرمائش وڌڻ لڳي.
”ها ٻه ٻه وٺي ڏيندس،“ ائين چئي پڻهس سندس هٿ مُنهن ڌوتو. ماڻهس کيس يونيفارم پارايو ۽ ناشتو ڪرايو. ان بعد راحت کين اسڪول وٺي ويو، پر رستي ۾ هِن پنهنجي ٻنهي پٽن کي چيو ته: ”بابا، اوهان ڪيڏا نه ڀلا آهيو... پاڻ ۾ نه وڙهندا ڪريو.....سٺا ٻار پاڻ ۾ ناهن وڙهندا... اوهان پاڻ ۾ نه وڙهندئو ته مان توهان کي سٺيون سٺيون شيون وٺي ڏيندس... پر جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نه مڃيندئو، ته اهڙي مارَ ڪڍندوسانوَ جو ياد رکندئو...“
ان تي ٻنهي هڪ آواز ٿي چيو:”بابا، اسان اڳتي نه وڙهنداسين...“ اهڙي وعدي ڪرڻ تي ڪمال کين چيو: ”واهه، اوهان ته ڏاڍا ڀلا ٻار آيو. چڱو هلو ته دڪان تان هلي مان اوهان کي شئي وٺي ڏيان.“
راحت کين اسڪول جي ڀرسان واري دڪان تان سندن پسند جي شئي وٺي ڏيئي اسڪول جي گيٽ وٽ ڇڏيو - ۽ هو اسڪول جا ڳؤرا ٿيلها ڪلهن ۾ لڙڪائي خوشيءَ خوشيءَ پنهنجي پنهنجي ڪلاس روم ڏانهن وڃڻ لڳا ته اُتي بيٺل سندن پرنسپال کين چيو: ”آئو...آئو...“ اهي لفظ ٻڌي صدر ڪنڌ ورائي، مرڪي پيءُ کي ائين ڏٺو، ڄڻ کيس ياد ڏياريندو هجي ته: ’گهرَ ۾ مون جيڪا ڳالهه ڪئي هئي، سا صحيح هئي نه..“ ان تي پڻهس به، گهر ۾ ڪيل سندس ڳالهه کي ياد ڪري مسڪرائي ڏنو.