زُون....زُون
هونئن ته موٽر سائيڪل تي هِن جي نظر ئي ناهي ٻُڏندي، ۽ چوندو ته: ”مان تارِ (ڪار) وٺندم.... پوءِ اُن ۾ چڙهي ڌُمندم....“
۽ وري پيءُ کي چوندو: ”بابا، مان توٿي به تارِ ۾ ٿڻي ڌُمائيندم.“
پڻهس به خوش ٿيندي چوندو: ”ها بابا، اهڙو ڏينهن به ايندو، جو تون پنهنجي بابا کي ڪار ۾ کڻي گهمائيندين.“
پر هيءُ موٽر سائيڪل تي چڙهندو ته پوءِ اُن تان لهندو ئي نه. ڇا به ڪيوسِ، اُن جي سيٽ تي سِڌو ٿي سمهي، اُن جي هينڊل کي چنبڙي پوندو- ۽ چوندو: ”مان بزار ٿو وڃان.... تيرُ (ڪيرُ) هلندو؟“
۽ پڻهس مٿس ڪاوڙ ڪرڻ بدران کِلي چوندس: ”بابا، مون کي به کڻي هلجانءِ.“
ان تي خوش ٿي پيءُ کي چوندو: ”پو ويههُ.“
هيءُ موٽر سائيڪل تي ويهي، پنهنجا پتڪڙا پير ان جي ڪِڪِ تائين زوريءَ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي، تَڏَ ڏيئي، موٽر سائيڪل کي اڳتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس کي ڊپُ لڳندو آهي ته ڪٿي موٽر سائيڪل ڪِري نه پوي، ۽ ڪو ڌڪ نه لڳي پويسِ... پر چئن سالن جي عمر جي هِن حرڪتي ٻارَ کي ڌَڪن جي ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي... روز پيو ڌَڪ کائيندو آهي.
پڻهس ۽ ماڻهس جيڪڏهن موٽر سائيڪل تان کيس زوريءَ هيٺ لاهيندا ته هيٺ لهي وري اُن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي سان ويٺو کشٽ ڪندو. پر جيڪڏهن پاڙي ۾ رهندڙ سندس سئوٽيون ۽ ماساتيون اچي ويون، ته پوءِ اُنهن کي ڏيکارڻ لاءِ وري موٽر سائيڪل تي چڙهي، اُن جو هارن پيو وڄائيندو ۽ وات سان زون...زون پيو ڪندو.
هڪ ڏينهن پاڻ کان ٻه سال وڏي ڀاءُ رحمان جي سائيڪل کڻي هلائڻ لڳو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس ڏاڍو روڪيس ته: ”بابا، اها نه هلاءِ... توکان وڏي آهي، ڪِري پوندين... ڌڪُ لڳي پوندئي.“
پر هيءُ ڪٿي ٿو مُڙي. اُن تي ويهي اُن کي ٿورڙو اڳتي چوريائين ته ڪِري پيو - ۽ سائيڪل اچي مٿان پيس. پوءِ ته روئڻ لڳو، جنهن تي پڻهس ۽ ماڻهس چيس:”ڏس، اسان توکي جهليو هو نه، ته سائيڪل تي نه ويهه. هاڻي ڀلي پيو روءُ...“ پر اُن ئي گهڙيءَ وري اڳ جھڙو، ڄڻ ڪو ڌڪ لڳو ئي نه هئس. وري سائيڪل سِڌي ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
فهد جون اهڙيون حرڪتون ڏسي ۽ سندس ٻاتي ٻوليءَ ۾ ڳالهيون ٻڌي سندس پيءُ ماءُ خوش به ٿيندا آهن ته کيس دعائون به ڏيندا آهن.