ٻاراڻو ادب

وڏي ڀيڻ

ھي ڪتاب ٻارن جي لاءِ دلچسپ پيرائي ۾ لکيل، ڄاڻ ڀَريُن ۽ نصيحت آموز 15 ڪھاڻين تي ٻڌل آھي. هي ڪھاڻيون تفريح سان گڏ اصلاحي بہ آهن، جيڪي هڪ واضح مقصد رکن ٿيون-۽ اهو مقصد آهي؛ ٻارن جي ڪچڙن ذهنن تي، سولي ٻوليءَ ۾ اُهي ڳالھيون آڻڻ، جيڪي کين هر طرح، ۽ هر سطح تي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڏين. 

  • 4.5/5.0
  • 5
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • انور ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وڏي ڀيڻ

جيئندو

جيئندي کي سندس امڙ حُورَ صبح جو ننڊ مان زوريءَ اٿاريو ته سهي، پر هُو اسڪول وڃڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهس سمجهايس، پيءُ ساجن به سمجهائيندي چيس ته: ”پٽ، تون پورو هفتو، ڳوٺ ۾ پنهنجي چاچا سرفراز جي شاديءَ جي ڪري، رهي آيو آهين. ان کانپوءِ رڳو هڪڙو ڏينهن اسڪول ويو آهين، ته وري اڄ ٻئي ڏينهن تي اسڪول نه وڃڻ تي ضد ڪري بيٺو آهين. اڳ ۾ ئي تنهنجو هڪ هفتي جو ڪم رهيل آهي، مٿان وري وڌيڪ موڪل ڪندين ته، ان سان ته تون ٻين ڇوڪرن کان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويندين.... ۽ هاڻي ته آڪٽوبر مهينو به شروع ٿي ويو آهي. ڊسمبر ۾ تنهنجا ششماهي امتحان ٿيڻا آهن. اُنهن ۾ ته تون فيل ٿي پوندين.“
پڻهس کيس لڳاتار سمجهائيندو رهيو ۽ پنجن سالن جي عمر جو پٽ جيئندو ڪنڌ هيٺ ڪري کيس ٻڌندو رهيو. ماڻهس حور ته بورچيخاني ۾ هلي وئي ته جيئن هوءَ پنهنجي پٽ لاءِ آنو اوٻاري ۽ ڊڳڙي پچائي وٺي.
جيئندي پيءُ جي ڳالهه ٻڌي چيو:”بابا مون کي اسڪول پسند ناهي.“
”بابا، ڇو توکي اسڪول پسند ناهي؟“
”مون کي مِس ماري ٿي.“
”جي توکي مِس ماري ٿي ته پوءِ مان هلي ڳالهايانسِ ٿو. هوءَ توکي اڳتي نه ماريندي.“
”بابا، مون کي اسڪول پسند ناهي،“ جيئندي وري ساڳي ڳالهه ڪئي.
”ڏسُ پٽ، ضد نه ڪر... اُٿ تيار ٿيءُ ته مان توکي اسڪول ڇڏي اچان.“
ان دوران حور به آنو اوٻاري کڻي آئي. هُن جيئندي کي زبردستيءَ تيار ڪيو. کيس ڊڳڙيءَ سان آنو کارايائين ۽ بيگ ۽ لنچ ساجن جي گاڏيءَ ۾ رکيائين.
اسڪول وڃڻ وقت جيئندو روئي رهيو هو، ڇڙهيون هڻي رهيو هو، پر پڻهس سندس هڪ به نه ٻڌي.
ساجن کيس اسڪول وٺي ويو. هِن کي اندر اسڪول ۾ موڪلي، اسڪول جي چوڪيدار کي چيائين ته: ”مون کي جيئندي جي ڪلاس ٽيچرِ سان ڳالهائڻو آهي، پليز اُن کي سڏي اچو.“
ان وقت مارننگ اسيمبلي ختم ٿي چڪي هئي. ٽيچر آئي. جيئندي جي بابا کيس سلام ڪيو، ۽ پوءِ کيس جيئندي جي پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندي چيائين ته:”جيئندي جي پڙهڻ ۾ دل نٿي لڳي. هو اسڪول نٿو اچڻ چاهي. چئي ٿو، ’مون کي اسڪول پسند ناهي.‘ هو ڏاڍو هوشيار آهي، پر اسڪول کان سندس بيزاريءَ سبب اسان ڏاڍا پريشان آهيون. هو ته اهو به چوي ٿو ته: ’مِس مون کي ماري ٿي.‘“
ان تي مِس مُرڪي ته جيئندي جي بابا کيس وڌيڪ چيو: ”هو ته اِهو به چوي ٿو ته: ’مان ڊائري خراب ٿو لکان. ٻيا ڇوڪرا مون کان سٺي ڊائري ٿا لکن. مِس هُنن کي اسٽار ڏئي ٿي، پر مون کي نٿي ڏي. اڃا مون کي ماري ٿي....‘ سو پليز هِن کي ماريو نه... هِن کي پيار ڏيئي ڏسو ته ڪيئن نه هيءُ اوهان کي پنهنجي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو.... مان هِن کي سڃاڻان... هي ڏاڍو هوشيار آهي... بس هِن کي ڪوڙا سُوڙا اسٽار ڏيو... سندس مٿي تي پيار جو هٿ رکو....“
ٽيچر چيو: ”واقعي، جيئندو ڏاڍو حساس آهي، مون به اهو ڏٺو آهي. ٻي ڳالهه ته مان هن کي ماريندي ناهيان، بس ڪڏهن ڪڏهن ٿورو دڙڪو ڏيندي آهيانسِ، پر هاڻي اُهو به نه ڏيندي سانسِ.... هو اوهان سان اڳتي اهڙي ڪابه شڪايت نه ڪندو.“
ساجن سندس ٿورو مڃيو.
منجهند جو جڏهن جيئندو گهر آيو ته ڏاڍو خوش هو. سندس ڳِٽن تي ٻه اسٽار ٺهيل هئا. سندس ڪاپيءَ ۾ به اسٽار ٺهيل هجن، جيڪي هِن خوش ٿيندي پيءُ ماءُ کي ڏيکاريا. هِن پيءُ ماءُ کي ٻڌايو ته: ”اڄ مِس مون کي سڀني کان اڳيان چيئر تي ويهاريو.... مون کي اسٽار ڏنائين... ٻين ڇوڪرن کي به چيائين ته، جيئندو ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي...“
جيئندي جو والد پنهنجي پٽ کي خوش ڏسي چوڻ لڳو: ”ڏسو، پيار ۾ ڪيڏي نه طاقت آهي- ۽ ٻار کي ته کپندو ئي پيار آهي. هِن کي پيار ڏيو، پوءِ ڏسو ته هي ڪيئن نٿو پڙهي.“
ٻئي ڏينهن تي جيئندي جي بابا اسڪول ۾ جيئندي کي ڇڏي، سندس ڪلاس ٽيچر سان ملي اُن جو ٿورو مڃيو، جنهن تي مِس چيس ته: ”منهنجي لاءِ هيءُ نئون تجربو هو. اسان کي هر ٻار کي هڪ ئي طريقي سان ڊيل نه ڪرڻ گهرجي. هر ٻار الڳ الڳ مزاج ۽ طبيعت جو ٿئي ٿو ۽ مار ته ٺهيو، پر ان کي دڙڪو به نه ڏيڻ گهرجي.“
جيئندي جي پيءُ اهڙي ڳالهه تي سندس هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورو مڃيو.