وئڪيشن
موڪل ملڻ کانپوءِ ارمان ته ايترو خوش هو، جو جمعي جي ڏينهن، جيئن ئي اسڪول مان گهر آيو ته ٽپا ٿي ڏنائين ۽ هو جمالو ٿي ڳايائين.
سندس اهڙي حالت ڏسي ماڻهس نعمتِ چيو:”ارمان ٻچا، هاڻي بس به ڪر... ڇنڇر ۽ آچر جو ڏينهن گذاري توکي تنهنجي اسڪول واري مِس روبينه وٽ ٽيوشن جي لاءِ ڇڏي اينديس. هُوءَ توکي روزانو ٻه ڪلاڪ پنهنجي گهر تي پڙهائيندي.“
ٽيوشن جي ڳالهه ٻڌندي ئي ارمان جي خوشي ختم ٿي وئي ۽ اچي روئڻ ۾ شروع ٿيو. اُن وقت پڻهس نواز علي به گهر اچي ويو، جنهن کي ڏسندي ئي ارمان ڊوڙي وڃي کيس چنبڙيو ۽ چوڻ لڳو: ”بابا، مان ٽيوشن نه پڙهندس..... مان ٽيوشن نه پڙهندس....“
پڻهس هِن جي اهڙي حالت ڏسي کيس دلجاءِ ڏيندي چيو:”ٺيڪ آ پٽ، تون ٽيوشن نه پڙهجانءِ.... اسان سي ويوِ تي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي گهمڻ هلنداسين..... ٻيون به سٺيون سٺيون جايون گهمنداسين. ڳوٺِ به هلنداسين..... بس تون پريشان نه ٿيءُ.“
پيءُ جي ڏنل ان آٿت کانپوءِ وڃي مس ارمان روئڻ کان بس ڪئي - ۽ پوءِ پنهنجي سڄي هٿ جي تريءَ سان ڳوڙها اُگهي راند ڪرڻ لڳو.
ان بعد نواز عليءَ پنهنجيءَ زال نعمتِ کي چيو: ”ڏسو، ٻارن سان فوري طور اهڙيون ڳالهيون ڪري، هُنن جي خوشي ختم ناهي ڪبي. هُو اڃا هاڻي ئي ته اسڪول مان آيو آهي ۽ وئڪيشن جي خوشيءَ ۾ آهي ته اوهان ٽيوشن جي ڳالهه ڪري کيس پريشان ڪري ڇڏيو. في الحال هِن سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪريو. پندرهن ويهه ڏينهن کيس گهمڻ ڦرڻ ڏيو، پوءِ کيس ٽيوشن تي ڇڏي اينداسين.“
ارمان اک ٽيٽ ڪري پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڏسي ۽ سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. هيءُ جيتوڻيڪ ڇهن سالن جو آهي، پر سمجهدار وڏو آهي. سو اُٿي، پيءُ کي مُڪ اولاريندي چيائين: ”هان....تو مون کي چيو ته ٽيوشن تي نه وڃجانءِ، وري امان کي چوين ٿو ته موڪلينداسونسِ.... هان....؟“
اِن تي پڻهس کِلي کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڪيو.