مُنهنجي پاران
هي ڪهاڻيون جڏهن، جيئن، جھڙن ڪردارن، جنهن ٻوليءَ ۽ جنهن ماحول سان منهنجي ذهن ۾ آيون، تيئن مون اهي لکيون. مقصد واري ڳالهه پوءِ آئي..... پر مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته، اسان جيڪو ڪجهه به لکون، ڀل اها مڪمل تفريح واري تحرير ئي ڇونه هجي، ان جو به هڪڙو اجتماعي مقصد هئڻ گهرجي- ۽ اهو مقصد ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿائڻ، انهن کي پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق ۾ سٺو ٿيڻ، سٺو ۽ ڪامياب انسان ٿيڻ ۽ انسان دوست بڻجڻ واري واٽ ڏيکارڻ وارو هجي. ڳالهين ڳالهين ۾ ڪم جي ڳالهه به ڪري وڃجي، پوءِ ڀل اها هڪ جملي ۾ هجي يا هڪ پيراگراف ۾ هجي. ائين ڪرڻ ضروري آهي.
ان سان گڏ مان اهو به چاهيندو آهيان، ته ٻارن سان گڏ سندن والدين به، ٻارن لاءِ لکيل منهنجي ڪهاڻين مان ڪجهه پرائين، ڇاڪاڻ جو والدين جو باشعور هئڻ سان گڏ پنهنجي ٻارن جي تعليم، نفسيات، مزاج، دلچسپين، سرگرمين ۽ حرڪتن کان به باخبر هئڻ ضروري آهي. ان ئي موضوع تي مون ”ننڍڙو چنڊ“ ناول ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
گڏوگڏ هي ڪهاڻيون ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ به آهن، جيڪي هُو پڙهي، پنهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ جي پيار کي سمجهي سگهن ٿا. ان سان گڏ هي ڪهاڻيون استادن لاءِ به آهن، ڇاڪاڻ جو ٻارَ پنهنجي والدين کانپوءِ اسڪول ۾ استادن وٽ اچن ٿا، جن لاءِ ضروري آهي ته هو اول ٻارن کي سمجهن، انهن کي، سندن حساس طبيعت جي مدِنظر پڙهائڻ جي ڪوشش ڪن، پڙهائيءَ ۾ انهن جي دلچسپي پيدا ڪن ۽ ڪوشش ڪن ته لڪڻ نه کڻن.
هي گهڻي ڀاڱي، اڄ جي دؤر جي، شهر ۾ پيدا ٿيل ٻارن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ماحول جي لحاظ کان ته ڳوٺن جي ٻارن کان ڪجهه مختلف آهن، پر عادتن، سوچن ۽ حرڪتن ۾ ته سڀ ٻارَ هڪجهڙا ٿين ٿا، سو هي سڀني ٻارن لاءِ ڪهاڻيون آهن، هر طبقي جي ٻارَن لاءِ ڪهاڻيون آهن، جيڪي، مان اميد رکان ٿو ته منهنجي پڙهندڙ ٻارَ- جيڪو ڇهن کان ٻارهن سالن جي عمر تائين جو آهي، کي ضرور پسند اينديون- ۽ جي ائين ٿيو ته مان پاڻ کي ڀاڳ وارو ڀائيندس.
مان پنهنجي انتهائي پياري دوست ۽ سنڌ جي مشهور پبلشنگ اداري- پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور جي سربراهه قربان منگي صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجو، پنهنجي اداري پاران، ٻارن لاءِ لکيل هيءُ ٽيون ڪتاب شايع ڪيو آهي. هن کان اڳ ۾ هُو منهنجو ٻاراڻين ڪهاڻين وارو ڪتاب ”عني ۽ مائو“ (جنهن کي سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ پاران انعام به مليو هو) ۽ ٻارن لاءِ لکيل تقريرن ۽ خاڪن وارو ڪتاب ”چوڌاري چمڪاٽ“ به شايع ڪري چڪو آهي. هن ڪتاب لاءِ به هڪ ملاقات ۾، پيار مان چيائين:”ادا! ڪتاب ڏي ته شايع ڪيان.“ سو مان قربان منگي صاحب جو هڪ ڀيرو ٻيهر تمام گهڻو احسانمند آهيان.
مان موجوده سنڌي ادب جي هڪ وڏي ۽ معتبر نالي- سائين محمود مغل صاحب جن جو به تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي. محمود مغل صاحب جن جي، مون وٽ هڪ وڏي ڀاءُ واري حيثيت به آهي، جن جي پيار ۽ پنهنجائپ مون کي هميشه ڪجهه نه ڪجهه چڱو ئي علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ تي اتساهيو آهي. سو سندن هي لفظ، مون سان گڏ هيءُ ڪتاب پڙهندڙ پيارن ٻارڙن لاءِ به روشنيءَ جي ڪرڻن جيان آهن.
موجوده وقت ۾ سنڌي ادب جي هڪ اهم نانءَ ۽ خاص ڪري ٻاراڻي ادب لاءِ ڳڻپ جوڳو ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي صاحب جو به مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو هُنن هِن ڪتاب جي بيڪ ٽائٽل لاءِ پنهنجي را ءِ لکي ڏني.
سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ نثرنويس امر اقبال جو به ٿورو نه مڃڻ، مناسب نه ٿيندو. هو اڳ جيان، هن ڀيري به پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران شايع ٿيندڙ منهنجي هن ڪتاب لاءِ ڪارائتيون صلاحون ڏيندو رهيو. ڪپتان ابڙو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ وانگر آهي، جنهن منهنجي لڳ ڀڳ سڀني ڪتابن جا ٽائٽل ۽ اسڪيچ ٺاهيا آهن. ڪپتان ابڙي هن ڪتاب جو به خوبصورت ٽائٽل ۽ اسڪيچ ٺاهي مون تي هڪ وڌيڪ ٿورو ڪيو آهي.
آخري ڳالهه: جيتوڻيڪ اڄ جي دؤر ۾ سيل فون، ٽئبليٽ، آءِ پيڊ، ڪمپوٽر ۽ اهڙين ٻين انفارميشن ٽيڪنالوجيءَ جي مشينن (devices) جي اچڻ ڪري ٻارن ۾ (اڪثر وڏن سميت) ڪتاب پڙهڻ جو لاڙو گهٽ ٿي ويو آهي، پوءِ به اسان کي تيستائين ٻارَ جي هٿ ۾ ڪتابَ ڏيڻا آهن، جيستائين انهن جي جاءِ، ڪا ٻي ڊوائس، مڪمل طور تي نٿي اچي والاري. تنهن ڪري ههڙو مددي مواد اسان کي، ٻارن کي لازمي طور ڏيڻ گهرجي، جيڪو سندن سوچ، سمجهه ۽ سکيا جي عمل کي وڌائي ۽ کين علم، ادب ۽ آرٽ جي وڌيڪ ويجهو آڻي.
انور ابڙو
28 نومبر 2020ع
ڪراچي