- سمجهه ڪيئن ٿي پيدا ٿئي؟
اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ لاءِ اچو ته ماڻهوءَ جي ٻار کي جاچيون. في الحال اسين، مثال طور، اڄوڪي زماني جو ماڻهو سوچينداسون، جيڪو سياڻو آهي، سيبتو آهي،اڳ پوءِ ڏسي وائسي ٿو، گهڻو ڪجهه سوچي سمجهي ٿو، هزارين مامرا پرکيا، پروڙيا ۽ پرجهيا اٿائين، لکين کوجنائون ۽ اڀياس ڪيا اٿائين، تجربن، تنقيدن، مشاهدن ۽ معاملن مان ٽپندو رهي ٿو. اڄوڪو ماڻهو، جيڪو پنهنجي ماحول جو هر طرح باندي ناهي، گهڻو ڪجهه آزاد آهي، جنهن پنهنجي جياپي، جيءَ جي سهولت ۽ سرور لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، جنهن گوناگون تاريخ ڏٺي آهي، رنگا رنگ تهذيبن کي جنم ڏنو آهي، جنهن شيل شڪار ڪيا، ڍور ڍڳا پاليا، پوکيءَ پالنا ڪئي، جيڪو مشينون ڦيرائي ٿو، جهاز اُڏائي ۽ تاري ٿو، جيڪو پاتال ۾ پيهي سپون سوجهي ٿو، ڌرتيءَ جو ڌن ظاهر ڪري ٿو، باغ بستان ۽ عمارتون اڏي ٿو، بسون، ڪارون، فونون، ٽِيوِيون، ريڊيا، ريلون، رستا، راڪيٽ وغيره ٺاهي ٿو، جيڪو پولار ۾ سڄو جڳ جهان ڇاڇولي ٿو، جنهن وٽ ڪروڙين ڪتاب، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن، جيڪو سڌريل ۽ سٻاجهو آهي...
جڏهن ماڻهوءَ ٻالڪ ڄمي ٿو، تڏهن:
- ڇا وٽس سمجهه آهي؟
- ڇا وٽس ٻولي آهي؟
- ڇا وٽس ڪو جذبو، اتساهه، وهم، ويساهه، عقـيـدو، ايـمـان،ڪا دين ڌرم جي ڳالهه آهي؟
- ڇا هو سوچي سگهي ٿو؟
- ڇا هو ڪم ڪري سگهڻ جهڙو آهي؟
- ڇا هو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جهڙو آهي؟
- ڇا هو پنهنجي جياپي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟
- ڇا هو ڪا ڏِيا، ڪا ڏاهپ رکي ٿو؟
هر هڪ ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته هو پنهنجي ماءُ پيءُ، گهر، ماحول، قدرت آڏو بيوس ۽ لاچار آهي، ڏات ۽ ڏاهپ تي سوچ ويچار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، هن وٽ ته ڪا اهڙي لياقت به ڪانهي جو ويندي رڳو پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکي سگهڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جيئرو ئي نه هوندو ته سوچيندو سمجهندو وري ڇا! (ڇا ڪڏهن مئلن به سوچيو ۽/يا ڪم ڪيو آهي؟)
ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته اهو ٻار روئي ٿو، بي چين ٿئي ٿو ۽ اها به هڪ قسم جي جدوجهد آهي، پر سوال وري هي پيدا ٿيندو ته ڇا ڪو روئڻ ۽ بي چين ٿيڻ سان هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندو، جيئرو رهي سگهندو، فلسفي جا مسئلا حل ڪري سگهندو يا سائنس تي تحقيق ڪندو؟
حقيقت هيءَ آهي ته ان وٽ رڳو ايتري سرت ساڃاهه به ڪانهي جو پنهنجي بک ۽ اُڃ اجهائڻ لاءِ کاڌو ۽ پاڻي گهري سگهي. هن ۾ ته ايتري سمجهه به ڪانهي جو پنهنجي وات ۾ ماءُ جي ببي جي ٻنڊڻيءَ کي چڳڙ چوس ڏئي سگهي!