تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شعور

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.
Title Cover of book شعور

(8) ”ساهه“ ڇا آهي؟

توهين ڄاڻو ٿا ته ماڻهو جهنگلي ماحول مان نڪري جابلو، ميداني ۽ پاڻياٺي علائقن ۾ پکڙجي ويو، جن مان ڪي ڪوسا هئا ته ڪي ٿڌا. هر هڪ جٿو جنهن به علائقي ۾ ويو ان ئي علائقي جي طبعي ماحول ۾ رچي وسي ويو. ڪنهن کي کائڻ لاءِ گانگٽ، ڏيڏر، مڇي، ڪڇون مليا ته ڪنهن کي جهنگلي سانَ، ٻار-سڱا، گهوڙا، هاٿي، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا جانور، ڪنهن کي ميوا، ڀاڄيون ۽ جيت جڻيا ته ڪنهن کي سڀ قسم جون شيون.
هر هڪ راڄ کي پنهنجي پنهنجي گهرجن موجب هٿيار، اوزار گهڙڻا پيا. ڪٿي چهنبدار پٿر، ڪاتي، ڀالي، نيزي، تير ڪمان وغيره جي وڌيڪ گهرج هئي ته ڪٿي ونگوڙي، ڇلي ۽ رڇ جي، ڪٿي باهه جي وقتي گهرج هئي ته ڪٿي هر گهڙي، ڪٿي غار يا ڇپر آڏو ڀِت، اوٽ ٻڌڻ جي گهرج هئي ته ڪٿي جهوپڙيءَ جي، ڪٿي مينهن پاڻيءَ جي ته ڪٿي گهلندڙ هوا جي...
هر راڄ جي هر ماڻهوءَ جو هر ڏينهن ڪيترن ئي قسمن جي ساهوارن سان واسطو هو ـــــــــ ڪو سگهارو هو ته ڪو نٻل، ڪو وڏو هو ته ڪو ننڍو، ڪو تيز ڊوڙندڙ هو ته ڪو ڊڊو، ڪو اڏامڪ هو ته ڪو پاڻيءَ منجهه. جڏهن جانور جو شڪار ٿيو پئي تڏهن جانور جي ويڙهه، ڀاڄ، ڦٿڪي جي سگهه هوري هوري ختم پئي ٿي. اهڙيءَ طرح گهايل ماڻهوءَ، پوڙهي، ٻارڙي وغيره جي به ڪڏهن گهائن کان ته ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندڙ سور (بيماريءَ، تپ ٻري) سبب هر چرپر ختم ٿي پئي وئي ـــــــــ نه کائي پيو، نه پيئي پيو، نه ئي وري ڳالهائي پيو.
سوين سالن جي ڪم ۽ پرک نيٺ ماڻهوءَ کي پروڙ ڏني ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ ساهه آهي، جيڪو ساهه کڻي-ڪڍي ٿو، جيڪو چري پري کائي پيئي ٿو، ۽ مئل اهو آهي جنهن جو کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ بند آهي. وڌيڪ جاچ اهو به ڏيکاريو ته خود کائڻ پيئڻ چرڻ پرڻ به ان وٽ آهي جنهن وٽ ساهه آهي، جنهن وٽ ساهه ناهي اهو مئل آهي.
جڏهن ساهه جو کڄڻ نڪرڻ بيهجي پئي ويو تڏهن سيني جي ڌنوڻ به بند پئي ٿي وئي ۽ پوءِ ڪهڙا به حيلا وسيلا ڪتب آندا پئي ويا پر ”ستل“ سجاڳ نه پئي ٿيو ۽ بهرحال اهو سمجهيو ويو ته اهو مري ويو. جڏهن ٻار ڄمي ٿو تڏهن ساهه کڻي ٿو (جي ساهه نه کڻي ڪڍي ته مئل) ۽ جڏهن مري ٿو تڏهن مرڻ جي نشاني آهي ساهه جو بيهڻ (باقي ته سڀ ڪجهه ساڳيو هو). جڏهن ساهه جي پروڙ تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين تڏهن کيس سڌ پئي ته ”ساهه“ ته ”هوا“ آهي. ان ڪري سمجهيو ويو ته جيئرو اهو آهي جنهن ۾ ”هوا“هجي ۽ جنهن ۾ ”هوا“ نه آهي اهو مئل. ماڻهوءَ اهو به ڏٺو پئي ته اڄ نه سڀان ڪو ماڻهو، ڪو جانور، ڪو پکي، ڪو جيت وغيره مري پئي ويو ۽ اهڙيءَ طرح ساهواري ٻي ساهواري کي جنم پئي ڏنو ـــــــــ جياپي لاءِ ”هوا“ اڻٽر شرط ٿي پئي.
ماڻهو، جانور ته مري مٽيءَ ۾ پورجي يا سڙي کاڄي پئي ويو، پر ”هوا نڪري پئي وئي“ ۽ ”هوا موٽي ٿي آئي“ (جيئرو)، هوا هر حالت ۾ هئي، ”هوا ڪا نه ٿي مئي.“
لاڳيتي عمل سبب ئي اهو تصور ٺهي سگهيو ته ماڻهو، ساهوارو سڙي، ڀري ختم ٿي وڃي ٿو يعني فاني آهي (۽ ان ڪري مادو آهي) ۽ ”هوا“، ”ساهه“، ”روح“ لافاني آهي، دائمي آهي جيڪو جسم (مادي) جي مرڻ کان پوءِ به وجود رکي ٿو. حقيقت ۾ ”ساهه“ هوا جي تصور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي پر گهٽ ڄاڻ واري ماحول، وهم، ويساهه، عقيدي ان کي هڪ غير مادي ۽ لافاني هستي بنائي ڇڏيو آهي.
جيڪا به شيءِ چرپر ڪندي نظر پئي آئي، ان بابت اهو تصور جڙيو ته ان ۾ ”ساهه“ آهي، ڇو ته ساهه کان سواءِ ڪا به شيءِ چري پري، ڳالهائي ٻولائي ڪا نه ٿي سگهي. ان ڪري ئي اهو وهم، ويساهه يا عقيدو ٺهيو ته ڀڙڪندڙ باهه، وهندڙ پاڻي، گهلندڙ هوا، اپائيندڙ مٽيءَ، ٻرندڙ جبل، گجندڙ جهڙ، کنوندڙ کنوڻ، چمڪندڙ چنڊ، ٻرندڙ سج، ٽمڪندڙ تارن وغيره ۾ به ”ساهه“ آهي (جڏهن ته اڄوڪو ٻار به ڄاڻي ٿو ته انهن مان ڪنهن به شيءِ ۾ ساهه ڪونهي).
ڇا عقيدو ٻڌائي سگهندو ته سينوَر ۾ ”ساهه“ آهي يا نه (سينور هڪ گهرڙي ”وڻ“ جو ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ ميڙو يا جهڳٽو آهي)، جيوڙن (مَڻي جهڙا، انگور جهڙا، ونگوڙيا، لٺڙيا، پڇڙيا ـــــــــ سوين جنسون ۽ اربن کربن ۾ ڳڻپ)، جيتامڙن (وائرس... ٽٻڪڙيا، گُلڙيا وغيره ـــــــــ سوين جنسون ۽ کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ۾ ساهه آهي يا نه؟۽مثال طور، هڪ گلاس ۾ پئجي سگهندڙ سلهه (ٽِي بِي) جي لٺڙين جيوڙن (جيڪي قد بت ۾ گهڻن ئي جيوڙن کان وڏا آهن) جي ڳڻپ ئي وڃي ڪروڙن ۾ ٿيندي. هڪ گهرڙا جانور جيئن ايميبا، پئراميشم وغيره (سوين جنسون کربن پدمن ۾ ڳڻپ) ”ساهه“، ”روح“ رکن ٿا يا نه؟ انهن ۽ اهڙين ٻين هزارين جنسن ۾ ڪي به عقيدا، ويساهه، وهم يا ڏند ڪٿائون ڪنهن به قسم جي ”ساهه“ يا ”روح“ هجڻ جي نشاندهي نه ٿيون ڪن، ڇو ته اڳوڻي زماني جي ماڻهوءَ نه ته انهن بابت ڄاتو پئي، نه ته انهن وٽ پرک جا وسيلا هئا ۽ نه ئي انهن بابت ڪو تصور ـــــــــ انهن اهي ساهوارا نه ڪڏهن ڏٺا، نه ڪڏهن ٻڌا ۽ نه ئي ڪڏهن انهن کي چکي، سنگهي يا ڇهي سگهيا. ماڻهن سيءَ-تپ جي بيماري گذريل صديءَ تائين خراب هوا (مليريا) سبب سمجهي پئي. هنن وٽ مڇر مان رت ۾داخل ٿيندڙ جيوڙن (چوسڻن، ڪينئنِ) بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي.