سمجهه حقيقت ۾ ڇا آهي؟
هاڻي اسين گڏيل نموني اهو جاچينداسون ته سمجهه ڇو ٿي ٺهي، سمجهه جي فطرت ڇا آهي؟
توهان کي اها چڱيءَ طرح خبر هوندي ته اڳ، پهريائين پهريائين جڏهن ڪنهن گهر جي ڇت ٽيئرن گيڊرن سان ٺاهي ويندي هئي تڏهن گهڻي قدر اها اونهاري ۾ ڦاٽي (ٽُٽي، ڏري، ڇِڄي) پوندي هئي. اوساري ڪندڙ رازا وائڙا هئا، ته ايئن ڇو ٿو ٿئي؟ نيٺ سائنسدانن اها مام پروڙي ورتي. ڄاتو ويو ته اونهاري ۾ موسمي ڪوساڻ سبب ٽيئرن گيڊرن ۾ واڌ پئي ٿئي، ۽ ظاهر آهي ته لوهي واڌ ڇتين کي ڦاڙي رکندي.
توهان کي اها به ڄاڻ آهي ته گندرف واري تيلي گندرف تي گسائڻ سان باهه ٻاريندي آهي، ڪاٺيءَ سان ڪاٺي گهي يا پٿر تي پٿر رهڙي به باهه پيدا ڪبي آهي. تپيل لوهه سُجيل، ڳاڙهو ۽ نرم ٿي پوي ٿو، وري مترڪي سان ڌڪ هڻڻ سبب ان تي ڌڪ جو نشان ٺهي بيهي ٿو. بنڊ تي ڪهاڙيءَ جو وڍ ٺهي بيهي ٿو، بيشڪ پاڻي سڪي ويو هجي پر ان جي وهڪ ۽ لهرن جي وڍ (ڪاٽ) جابلو پٿرن، ٽڪرين ۽ زمين تي (جيئن مثال طور سيوهڻ ڀرسان ڀَڳي ٺوڙهي جبل، ڄامشوري وارن جبلن، سامونڊي ڪنارن وارن جبلن، هاڪڙو نديءَ، سرسوتي نديءَ ۽ سنڌو نديءَ جي پراڻن وهڪرن جا آثار) صدين تائين ظاهر رهن ٿا، چنڊ ۾ ته روشني ڪانهي پر هو سج جي روشني موٽائي، اولڙو ڪري ٿو، جنهن کي چانڊوڪي چئون ٿا، وغيره. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ جيالاجي شعبي ۾ توهان کي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ، ٿڙ نظر ايندا جيڪي پنجن وکن جي پنڌ تان به توهان کي ڪاٺ نظر ايندا، پر هٿ لائڻ کان پوءِ خبر پوندي ته اهي پٿر آهن ــــــــــ بنڊ، پن، جيت، کوپر ساهوارا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون پٿر ۾ رهي پاڻ پٿر، پنڊ پهڻ ٿي ويون.
ايئن ڇو ٿو ٿئي؟
هر شيءِ ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت آهي، ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ڪنهن ۾ سادي ته ڪنهن ۾ اُچي، ڪنهن ۾ هيڻِي ته ڪنهن ۾ سگهاري ــــــــــ ان جو دارومدار هڪ ٻي مٿان عمل ڪندڙ شين جي خصوصي نوعيت ۽ بدني اڏاوتي تنظيم تي هوندو آهي. اولڙي ڪڍڻ يا عڪس کي ظاهر ڪرڻ جي معاملي ۾ اهڙي ڪا به پابندي ناهي ته بدن (بت، شيءِ) هروڀرو جيئرو (ساهوارو) هجي، مئل بدن به اولڙو ظاهر ڪندو آهي، جيئن مٿي ڏنل ڪجهه مثالن مان ظاهر آهي. باقي ايئن ٿيندو آهي ته ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت وڌيڪ آهي ۽ هر ساهوارو اوسر (ارتقا) جي جيترو مٿاهين ڏاڪي تي هوندو ان ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ به اوترو ئي وڌيڪ اتم هوندو. هڪ جيو-گهرڙي واري جيوڙي جي ڀيٽ ۾، گهڻ جيو-گهرڙي جيوَ ۾ وڌيڪ ۽ گهڻ جيو-گهرڙن ساهوارن مان وري انهن ساهوارن ۾ وڌيڪ وڌيل، جن ۾ تنتي سرشتو هوندو آهي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ وري مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ ساهوارن ۾ اولڙو ڪڍڻ جو گڻ اڃا به مٿاهين سطحن تي پهتل هوندو آهي ۽ مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙن ۾ وري ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم سطح تي پهتل آهي ــــــــــ اهو ئي سبب آهي جو هر هر پٿر اڇلائي دشمن کي هڻڻ جو عمل يا ڪاٺيءَ سان پاڙون کوٽي ڪڍڻ جو عمل ۽ انهن جو لاڀ ماڻهو ئي پروڙي سگهيو ۽ ٻيو ڪو به ساهوارو پروڙي نه سگهيو، جڏهن ته انهن ۾ به دشمن تي وار ڪرڻ لاءِ ”هٿيار“ ڪتب آڻڻ جو ڏانءُ موجود آهي.
ساهوارن جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت اَساهن (بي جان، ”مئل“) جسمن جي ڀيٽ ۾ مٿاهين سطح تي ڇو پهتل هوندي آهي؟
اَساهن جسمن جي ڀيٽ ۾ ساهائن (ساهوارن) جسمن ۾ اولڙي ڪڍڻ جي صلاحيت ان ڪري مٿاهين سطح تي هوندي آهي جو اهي جيئرا آهن، حياتيءَ وارا آهن.