(9) ديوي ۽ ديوتا جو تصور ڪيئن ٺهيو؟
سڀ کان وڏِي، پوڙهِي، جهونِي ماءُ سڄي راڄ جي ماءُ هئي. اها ئي سڀني جي کاڌي پيتي، ڏک سک، رهڻي ڪهڻيءَ، اٿا ويٺيءَ جو لحاظ ۽ خيال ڪندي هئي ۽ هر هڪ جي گهرج جو سڌ سماءُ رکندي هئي، ٻيون جوان مائرون به رکنديون هيون، پر انهن جي وڏي به اها ئي پوڙهي ئي ماءُ هئي. سڀ ان جو اولاد هئا. ابتدائي راڄ جي ان قسم کي اَماڻو (مائاڻو، ماءُ وارو) راڄ سڏجي ٿو.
مائن جي ماءُ گهڻي قدر سٺي، سٻاجهي، مٺي، مهربان، سيبتي، سلڇڻي، پرو ۽ پرگهور رکندڙ هئي ۽ هن جي انهن خصلتن جون يادگيريون سندس مئي پڄاڻا به پيون هلنديون هيون ۽ ڳڻ پيا ڳائبا هئا.
توهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته گذريل واقعي جو بيان عام طرح ساڳي ان نموني نه ٿي سگهندو آهي جيئن اهو ٿيو هجي. ڪو ماڻهو وڇون (ڀٽون) ماريندو ته بيان ٿيندو هيڏو، هٿ جيڏو، سائو هيڊو، زهريلو وڇون هو. گهوڙو ڊوڙيو ته ڪو نه پئي، هوا سان ڳالهيون ٿي ڪيائين. ”ير! ماڻهو ته ڪو گبر شينهن آهين“، ”ڀاڙيو ڪنهن جاءِ جو، ڌڪ ئي نه جهليائين“ وغيره. انهن راڄ-مائن بابت به قصو گهٽ وڌ پيو هلندو هو.
نيڪ سيرت، خوب خصلت، چڱيءَ چلت واريون مائرون نيڪيءَ، سونهن، سلڇڻائيءَ ۽ مهربانيءَ ۾ سڀني کان سرس هيون (اهي ٿيون نيڪيءَ جو نشان) ۽ ڪاوڙيل، ساڙيليون، بخيل ۽ جهيڙاڪر مائرون شر جو نان.
هر نيڪي، چڱائي، سلڇڻائي، پنهنجائپ، پيار، انس (لڳاءُ)، سڪ، ساڃاهه ۽ (ڪردار جي) سونهن رکندڙ ماءُ مهربانيءَ (ٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جو هر چڱو ڪم انهن جي ڳالهين، سوچن ۽ عملن موجب پرکيو ويندو هو. ”ماءُ کان پوءِ ممتا حد آهي“، ”مٺڙيون ڳالهيون ته منهنجيءَ امڙ جون“، ”سڀ جي پيٽ جي کيس خبر هئي“، ”ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير آهي جو ايڏي اڪير رکي“ وغيره. لاڳيتيون يادون، يادن ۾ وسندڙ خاڪو، ڀلائيءَ ۽ چڱائيءَ جو ماءُ سان واسطيدار تصور، پيار ۽ سڪ جو انساني عڪس، هڪ مٺيءَ ماءُ جو اولڙو ـــــــــ ماءُ جي انساني روپ وڌي ياد ۾ خيالي روپ کي پختو ڪيو. ماتا ديويءَ جو تصور ايئن ٺهيو.
ماڻهوءَ جي ياد ماءُ جي روپ تي ماتا ديويءَ کي جنم ڏنو. ڌرتيءَ به پنهنجي سيني تي سڀ کي سانڍيو، پاليو ۽ پناهه ڏني پئي. هوءَ به ماتا جيان سٻاجهي ۽ سهڻي آهي. ڌرتي ماتا ۽ ماتا ديويءَ ۾ ڪو خاص فرق ڪونهي. پيار جي ديوي، سونهن جي ديوي، آباديءَ جي ديوي، ساوڪ جي ديوي، اوسيئڙي جي ديوي، امن (شانتيءَ) جي ديوي، وغيره.
هر برائي، بڇڙائي، ڪلڇڻائي، اوپرائپ، نفرت (ڌڪار)، چڙ، بيزاري ۽ ڪوجهائپ رکندڙ ماءُ اٻاجهه (ڪُٻاجهه) جو حوالو هئي ۽ راڄ جي هر غليظ ڪم جي ڀيٽ ان جي حوالي سان ٿيندي هئي: ”ڪِني رَن نه مري ٿي ۽ نه ئي جند ٿي ڇڏي“، ”ٻانڀ اچي ٿي آهي، بڇڙائيءَ کان پاسو نه ٿي ڪري“، ”ٻه ويڙهائو ڌُوتي جتي ڪٿي باهه لڳايو ويٺي آهي“، ”سڀ شيءِ تي بڇڙي نظر، سڀ جو کاڌو ويٺي تڪيندي“، وغيره. ڪروڌي، بري، ڌڪار ۽ بد چل مائيءَ سان واسطيدار يادن، ان بابت ڳالهين جي ورجاءَ، ٿيندڙ براين جي ان جي براين سان ڀيٽ، ماڻهوءَ جي ذهن ۾ انهيءَ عڪس کي پڪو ڪيو جيڪو نسبتاً وڌيڪ بڇڙو هو ـــــــــ اهو ئي تصور هو جنهن برائيءَ جي ديويءَ، ڪروڌ جي ديويءَ، ساڙيلي ديويءَ، نفرت جي ديويءَ، غضب جي ديويءَ وغيره کي جنم ڏنو.
هر جوانيءَ کي پنهنجي جسم جي ڇڪيندڙ سونهن آهي، ڪنهن جي جهلڪ ڏسڻ جي اوسيئڙي، قرب جي خاص خوبيءَ، اندر ٺاريندڙ ادا، ٻهلور ويندڙ جذبي،جذباتي ٺار بخشيندڙ هستيءَ، جنهن جي ٽور تي مور وائڙا ٿي پئي ويا، جنهن دلبر کي ديکيندي سورج شاخون جهڪيون پئي ٿيون ۽ قمر ڪوماڻو پئي ـــــــــ پرين ـــــــــ پرينءَ جي ادا، هر ناز، هر روپ، هر گهڙيءَ جي دلبري ڏيک، پنهنجو پنهنجو تصور پئي ڏنو ۽ ”روح“ ۾ راحت ٿي پيدا ڪئي. ان بابت يادون، جوانيءَ جون يادون، جوش ۽ جذبي سان ٽمٽار يادون، سڪون ۽ سانت ڀريون يادون، عشق، محبت، پيار، پريم جي ديويءَ جي جنم جو ڪارڻ بڻيون ـــــــــ سونهن جي ديويءَ، عشق جي ديويءَ، پيار جي ديويءَ، جنس جي ديويءَ، جوش جي ديويءَ، بيوفائيءَ جي ديويءَ، وڇوڙي جي ديويءَ، اوسيئڙي جي ديويءَ وغيره جنم ورتو.
ابتدائي راڄوڻي سماج جي ابتدائي اماڻو دور هوري هوري اباڻي دور ۾ بدلجي ويو. پهريائين اپت گهٽ ٿيڻ سبب راڄ جا سمورا ماڻهو پنهنجي وت ۽ وس آهر شڪار ۾ حصو وٺندا هئا. ان ۾ زناني مرداڻي جو فرق ڪو نه هو، اَگهو پوڙهو ۽ جهور پوڙهيون پنهنجين جهوپڙين ۾ شڪار تي ويل سورهين ۽ سورمين جو انتظار ڪنديون هيون. شڪار لاءِ زبري سگهه گهربل هئي، جانور وڏا ۽ هٿيار هيڻا هئا، پر پوءِ به خاص طرح ڳڀري (ڍڪي، ”پيٽ سان“) عورت لاءِ پويَن، ڀريَن مهينن ۾ شڪار لاءِ هٿ ونڊائڻ اوکو ڪم هو. انهن کي گهرن ۾ ٻارڙن ۽ وڏڙن سان رهڻو پوندو هو. نئين ڄاول ٻار جي پرگهور لاءِ به کيس ئي سيڙجڻو پوندو هو.
گهر ۾ رهندڙ عورتن آڱر (اڱڻ) ۾ آندل گاهه ٻوٽن کي نئين مند ۾ نئين سر ڦٽندي، سلو ڪندي، وڌندي، انگورجندي ۽ سنگ جهليندي ڏٺو. سوين سالن تائين ٿيندڙ رهندڙ ان عمل اهو تصور پڪو ڪيو ته گاهه ٻوٽي ۾ ڪا اهڙي شيءِ سگهه آهي جو اهو زمين ۾ پيهي نئين سر ڦٽي پوي ٿو. ارادي سان ٻج ڇٽيو ويو ۽ نيٺ اهو ڦٽي پيو. مينهن نه پوڻ سبب، ڌرتيءَ جي سخت هئڻ سبب سلو پاڙون وٺي نه پئي سگهيو پر آلي ڌرتيءَ ۾ هڪدم پئي اڀريو ـــــــــ پوکيءَ، فصل جي ابتدا ٿي.
چهنبدار ڪاٺين سان ڌرتي چيري (کيڙي) ان ۾ ٻج وجهي پاڻي ڏنو ويو ته سلو ڦٽي آيو. پوکيءَ جو هنر گهريلو عورت پاران لاڳيتي جاچ، پرک ۽ پروڙ جو نتيجو آهي.
نوَن نوَن سخت پٿرن جي ڳولا، انهن جي گهاڙ، هٿيارن جي تکائيءَ ۽ ججهائيءَ سِڱن کي هٿيار طور ڪتب آڻڻ نيزي، ڀالي، تير ڪمان جي ايجاد به شڪار ۾ سهولتون پيدا ڪري ورتيون.
ڳرو، سخت، ٿڪائيندڙ ۽ گهڻي سگهه گهرندڙ ڪم مرد جي حوالي ٿيو ۽ نسبتاً هلڪو، نرم، سولو (سهنجو) ۽ گهٽ سگهه گهرندڙ ڪم عورت جي حوالي ٿيو ـــــــــ پورهيي جي پهرين ورڇ ٿي.
جڏهن پوکيءَ جي هنر واڌ کاڌي ۽ ان لاءِ هر، جانور وغيره ڪم اچڻ لڳا تڏهن اهو ڪم به مرد جي حوالي ٿي ويو. جنهن گهڻو ڪم پئي ڪيو اهو هوري هوري راڄ مٿان ڇائجندو ويو ۽ نيٺ راڄ ۾ مردن جي مٿيرائي قائم ٿي ـــــــــ اباڻو سماج ٺهي پيو.
کاڌي پيتي، پال پوس، سار سنڀال، هنري سکيا ۽ تجربن جي تعليم وغيره ۾ جيتوڻيڪ مرد ۽ عورت ٻنهي حصو پئي ورتو پر پوءِ به هلندي، سرندي، مٿيرائي مرد جي هئي. هاڻي ماڻهوءَ کي گهرج پئي ته هو پنهنجي آڪهه ـــــــــ پنهنجن ٻارن ٻچن ـــــــــ جي نشاندهي ڪري. گهر، آڪهه، ڪهول، ڏاڏنگ، قبيلي ٺهڻ شروع ڪيو ۽ قوم جون نشانيون اسرڻ لڳيون.
پَڪن پوڙهن وٽ تعليم، تجربو ۽ تدارڪ وڌيڪ هئڻ فطري هو. انهن پنهنجي نوجوان پود کي شڪار جي ٽلن، بِلن ۽ چالاڪين جي، شڪار کي وٺڻ، پڪڙڻ ۽ جهلڻ جي هنرمندين جي، ان کي گهلڻ، ڌوڪو ڏيڻ، ڪوڙڪيءَ (ڄار) ۾ آڻڻ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي. ڪي وري مختلف قسم جي اوزارن، هٿيارن، شين (ٿانون، سِرُن، جهوپڙين) جي ڪم ۾ وڌيڪ مهارت هٿ ڪري ويا ۽ انهن وري اهڙين شين جي سکيا ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ـــــــــ پورهيي جي ورڇ شروع ٿي وئي. هڪ قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن ٻي قسم جي هنرمندي ڪندڙ ماڻهن سان پنهنجي پورهيي (يا ان جي حصي) جي بدلي ٻي جي پورهيي (يا ان جي حصي) سان مٽا سٽا شروع ڪئي. ماڻهو مختلف هنرن ۽ پورهيي جي ورڇ ۽ مٽا سٽا جي بنياد تي مختلف ڌنڌن ڌاڙين ۾ جنبي ويا.
اباڻي راڄ ۾ بابا (يا بابا جو بابا) سڀ کان وڌيڪ لائق. فائق، اهل ۽ بزرگ هو. هن جهڙن ڀلارن پنهنجي اولاد، راڄ، قبيلي، قوم جي سار سنڀال پئي ڪئي ۽ پرگهور پئي لڌي (امڙ به گهٽ ڪا نه هئي، گهر ۾ سڀني عورتن کان وڌيڪ هئي، پر بابا ان کان به مٿير هو ۽ گهر کان ٻاهر ته بابا ئي گهڻو ڪجهه هو). ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي سٺا، سيبتا، سلڇڻا، سٻاجها ۽ سگهارا پريا مڙس هئا ۽ ڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن وٽ نسبتاً وڌيڪ سٺا گڻ هئا. ان جي جيئري يا مُئي پڄاڻان ان جون ڳالهيون، سوچون، تجربا، تعليمون، ڪم ڪاريون ماڻهن لاءِ مثالي بنجي پئي ويون. ڪوپا، ڪٽ مست، ڪونڌر ماڻهو، جوڌا، جُنگ، جوان ماڻهو، مٿير، مرد، مهائي ماڻهو سڀني لاءِ مثالي هئا ـــــــــ انهن جي تصورن، انهن جي يادن، انهن جي شبيهن، انهن جي منهن مهانڊن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ پڪي حيثيت اختيار ڪري ورتي. بابا، بهادر، ڇڳير شهمير وڌي ديوتا جو روپ ورتو ـــــــــ ديوتا انساني خصلتن جو خيالي روپ آهي، سمورا ديوتا ماڻهوءَ جي منهن مهانڊي ۽ ڪردار جو خيالي روپ آهن.