(4) تارا ــــــــــ لوهي ٽِڪَ
ماڻهن ڏٺو پئي ته جيئن اڀ ”لسي ڪُٻَ“ ۾ پکڙيل آهي، تيئن تارا به ان ۾ ساڳيءَ سنوت سان ”ٽنبيل“ آهن، تنهنڪري انهن سمجهيو ته اهي روشن لوهي ٽڪون (ڪليون، ڪوڪا) ”اڀ ۾ کتل“ آهن. جيڪڏهن ”کتل“ آهن ته پوءِ اهي هڪ مخصوص واٽ تي هلندا ڇو ٿا رهن، اها ڳالهه کين سمجهه ۾ نه پئي آهي، تنهنڪري تارن بابت ٻٽو تصور ٺهيو ته ”اڀ ۾ کتل“ به آهن ۽ ”هلندا“ به رهن ٿا.
اُنهن ماڻهن وٽ جيڪڏهن اڄوڪن وسيلن جهڙا جديد سائنسي وسيلا هجن ها ته اهي سولائيءَ سان ڄاڻي وٺن ها ته اهي روشن ٽمڪندڙ ٽڪون ـــــــــ تارا ـــــــــ هڪ ٻي کان ڪروڙين، اربين، کربين، پدمين ميلن جي مفاصلي تي، ڪي هيٺ (اوري)، ڪي مٿي (پري)، اڻکٽ ڳڻپ ۾ پکڙيل آهن. ڪيترائي وڏا تارا پري هجڻ سبب ننڍا ۽ ڪيترا ئي انهن جي ڀيٽ ۾ ننڍا تارا ويجهو هئڻ سبب وڏا نظر اچن ٿا ۽ پدمن جي ڳڻپ ۾ اهڙا به آهن جيڪي کين عام ديد سان نظر نه پئي آيا تڏهن شايد اهي حقيقت تائين پهچي وڃن ها.
عيسوي سن جي شروعات کان چار سَو سال کن اڳ يونان ۾ اهڙا ڏاها به پيدا ٿيا جن سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ ۽ آسمان تي غور فڪر ڪيو. ڪي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته سج ديوتا ناهي پر باهه جو گولو آهي، ڪي انهيءَ تي ته چنڊ ۾ ڪا به آئٽ ڪتڻ واري ناني ڪانهي جنهن جي اڏايل ڪاتَ (ڌاڳي، پوڻين) سبب ڪڪر ٺهي پيا، ۽ ڪي ان نتيجي تي پهتا ته ڏينهن رات جو ڦيرو سج جي لهڻ چڙهڻ سبب نه پر ڌرتيءَ جي پنهنجي مرڪز چوڌاري لاٽونئڙي ڦيري سبب آهي پر انهن سوچن کي هوري هوري وڌندي ۽ پراڻين جاهل ڏند ڪٿائي سوچن سان مقابلو ڪندي، سچو ثابت ٿيڻ ۾، سوين سال لڳي ويا. عمر خيام به پاڻ ملهايو پر گوءِ گيارنو برونو ۽ گليلو گليلي کٽي ويا (شايد ان ڪري به جو سندن پچار گهڻي ٿي). برونو کي ساڙيو ويو ۽ گليلو کي گهر-بند ڪيو ويو جتي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ اڀياس ڪندي ۽ لکندي اکين کان ويهجي ويو. بهرحال، اڄ اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڌرتيءَ جي لاٽونئڙي ڦيري سبب ڏينهن رات ۽ سج چوڌاري ڦيري سبب سيارو ۽ اونهارو ٿئي ٿو.سج اُڀري ۽ لهي ڪو نه ٿو، پر ڌرتيءَ جو جيڪو پاسو جيئن جيئن سج سامهون ايندو وڃي ٿو اتي تيئن تيئن صبح، منجهند ۽ شام ٿئي ٿي ۽ جڏهن اهو پاسو سج آڏو ڦري اوجهڙجي وڃي ٿو ته رات ٿئي ٿي.