تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شعور

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.
Title Cover of book شعور

سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائن؟

سوچ جون واٽون اسان جي دماغ تائين شين، لقائن، عملن، اثرن ــــــــــ حقيقتن ــــــــــ جو اولڙو، عڪس، احساس ٿيون پهچائن.
اچو ته ڪجهه مثال وٺون.
هن وقت توهان پنهنجي چوڦير ڇا پيا ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهو؟
توهان ڪنهن نه ڪنهن شيءِ (ڪرسيءَ، کٽ يا پٽ) تي ويٺل يا ليٽيل آهيو ۽ توهان جي جسم جو ڪو نه ڪو حصو ويهڻ جاءِ کي ڇهي رهيو آهي، هوا (ڪوسي، ٿڌي يا وچٿري) اوهان جي جسم کي ڇهي رهي آهي، اوهان جو هٿ هن ڪتاب کي ڇهي رهيو آهي ۽ توهان جون نظرون ڪتاب جي اکر اکر، لفظ لفظ ۽ جملي جملي کي، ڪتاب کي ۽ ڏيکارجندڙ پسمنظر کي ڏسي، محسوس ڪري رهيون آهن، توهين ڪنهن نه ڪنهن ڪمري، جاءِ يا باغ ۾ آهيو. ٿي سگهي ٿو ته ڪو وڻ، گل، ٻوٽو، ڪا ٻي جاءِ به ڏيکاربي هجي يا ڪنهن پکي پکڻ، جانور يا گيت گاني جو آواز اوهان جي ڪنن تائين پهچندو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن گل جي سڳنڌ يا کاڌي جو سواد به اوهين محسوس ڪري رهيا هجو. ٿي سگهي ٿو ته توهين ڪنهن سواريءَ تي سفر ڪري رهيا هجو ۽ توهان جي چوڌاري لقاءَ بدلبا رهندا هجن. توهان جتي به آهيو پر ڌرتيءَ تي آهيو ۽ ڌرتيءَ جا سمورا لقاءَ به موجود آهن. ڌرتي هن وقت به پنهنجي وچ چوڌاري لاٽونئڙي چرپر ۽ سج چوڌاري گولائي چرپر ڪري رهي آهي. سج پنهنجن سمورن سيارن سميت پنهنجي مخصوص گس ۾ ڦري رهيو آهي، اهو گس پنهنجي مها-گس سرشتي ۾ ڪنهن نه ڪنهن واٽ تي ڊوڙي پيو ــــــــــ مطلب ته سڄي ڪائنات ۽ ان جي لقائن جو هڪ ذرڙو اوهين به آهيو.
ڇا اهو سڀ ڪجهه توهان جي دماغ ۾ ان ڪري موجود آهي جو اوهان انهن بابت اڳواٽ سوچي رکيو آهي، ته اهي آهن؟
جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته اهي سڀ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ لائق شيون ۽ جيڪي به شيون ۽ لقاءَ اسان جي پهچ کان پري آهن، اهي سڀ سندس دماغ ۾ موجود آهن ته پنهنجي خيال موجب هو ڪا عقلمنديءَ واري ڳالهه ڪو نه ٿو ڪري، پر هو نج ناسمجهيءَ واري ڳالهه پيو ڪري. عقلمنديءَ واري ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ شيون ۽ لقاءَ اسان جي سمجهه جا محتاج ناهن، پر ان کان آزاد وجود رکن ٿا.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوال ڪري ته مظلوم قومون، مظلوم طبقا، مظلومن جي ڇوٽڪاري لاءِ هلايل جدوجهدون، ظالم قومون، ظالم طبقا ۽ ظالمن جون ظلم قائم رکڻ لاءِ ڪوششون، سازشون ۽ ٺڳيون، سماجي اوسر جي مختلف سطحن تي رهندڙ ماڻهوءَ سماج ــــــــــ سوشلسٽ، عوامي جمهوري، سرمائيداري، جاگيرداري، غلامداري ۽ ابتدائي راڄوڻي سماج جا رهاڪو، سائنسي ايجادون ۽ انهن جا ڪرشما وغيره يا اڃا به ڪجهه تفصيل ۾، مثال طور سنڌي سماج کي وٺجي، ته ان جي رهڻي ڪهڻي، سڌ سماءُ، ٻولي ۽ ثقافت، تاريخ ۽ ڪردار، نفسيات ۽ جذبا، اسرندڙ سرمائيداري، ڇانيل جاگيرداري ۽ ٽٽندڙ غلامداري سماج جا اثر، اسان جي ٿيندڙ قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ، سنڌي سماج مٿان ڇانيل ڌاريا ۽ انهن جي حيثيت، سنڌ جي ايشيا توڙي دنيا ۾ حيثيت وغيره ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪي اهڙيون شيون ناهن جن کي رڳو ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي سگهجي. اهي لقاءَ آهن مختلف نمونن جا، اصطلاح آهن مختلف لقائن بابت. ظلم ڪا نهري شيءِ ناهي، ان کي ڏسي، ٻڌي، سنگهي، چکي يا ڇهي نه ٿو سگهجي، ته به ظلم هڪ خاص عمل، لقاءَ بابت مخصوص ڪيل لفظ آهي. ساڳيءَ طرح آزادي به هڪ خاص لقاءَ بابت هڪ مخصوص ڪيل لفظ آهي. ڇا اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ رڳو اسان جي ذهن ۾ وجود رکن ٿا؟ ڇا انهن جو اسان جي دماغ کان آزاد، پاڻ مرادو ڪو وجود ڪونهي؟ ڇا اهي رڳو ان ڪري آهن جو اسين سوچيون ٿا؟ جيڪڏهن اسين نه سوچيون يا انهن جي وجود کان انڪار ڪريون ته ڇا اهي اڻ موجود ٿي پوندا؟ ڇا جيڪڏهن ڪو ايئن چوي ته مصر ۾ ڪنهن به فرعون ڪا به حڪومت نه ڪئي يا هن ڪو به ظلم نه ڪيو، يا اٿينس ۾ سقراط زهر جو پيالو نه پيتو يا بکين غلامن ڪا به بغاوت نه ڪئي، ته ڇا ان جي سوچ کي درست، ٺيڪ، سچو چونداسون؟ ڇا اڄ کان اڳ گذري ويل، ٿي چڪل هر لقاءَ، هر عمل، هر سماج ۽ هر سماج ۾ ٿيل هر ڪم، ويڙهه، آزاديءَ، ڦرلٽ، غلاميءَ وغيره جو وجود رڳو ان ڪري آهي جو اسين ان بابت سوچيون ٿا، نه ته انهن جو ڪو به وجود نه هو، ته ڇا اهو سچ چئبو؟
اهي سڀ شيون، سڀ عمل، سڀ لقاءَ، سڀ اثر اسان جي سوچڻ جا محتاج ناهن، انهن جو پنهنجو وجود آهي. اسين انهن بابت سوچيون يا نه سوچيون، پر اهي موجود آهن ۽ انهن بابت اسان جي دماغ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اهو حقيقتن جو عڪس آهي، احساس آهي، اولڙو آهي، فوٽو آهي، تصور آهي، سوچ آهي. جاءِ، باغ، وڻ، گل، لات، سڳنڌ، هوا، پاڻي، جبل، ڌرتي، قوم، وطن، دنيا، سامراج، طبقو، ويڙهه، خونريزي، جدوجهد، ڇوٽڪارو، پاڻ وهيڻائي، خوشحالي وغيره سڀ تصور آهن ٻاهرين حقيقتن جا. جيڪڏهن اهي ٻاهريون حقيقتون موجود نه هجن ها ته اسان وٽ انهن بابت ڪو به تصور ٿي نه پئي سگهيو. دنيا، ڪائنات، مادو اسان جي سوچن جو محتاج ناهي، انهن کان آزاد وجود رکي ٿو، اسان جون سوچون انهن جو عڪس، اولڙو، احساس آهن ۽ ٻاهرين حقيقتن جون محتاج آهن.
مثال طور، جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو ”گل“، تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙو اولڙو ٺهي ٿو؟
توهان جي ذهن ۾ هر ان ”گل“ جو تصور ٺهندو جيڪو توهان ڏٺو هجي. ڪنهن به مخصوص ”گل“ جو عڪس نه ٺهندو، ڇو؟ ان ڪري جو مون ڪنهن به خاص ”گل“ جي نشاندهي نه ڪئي آهي، پر جڏهن ڪنهن خاص ”گل“ جي نشاندهي ڪندس، ته هڪدم باقي سمورن گلن جا اولڙا اوهان جي دماغي پردي تان هٽي ويندا ۽ رڳو ان ئي خاص ”گل“ جو اولڙو ٺهي ويندو، جنهن جو هينئر آءٌ نالو کڻڻ وارو آهيان. تيستائين توهان سوچي وٺو ته جڏهن مون ”گل“ لفظ ٻوليو تڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪهڙي ڪهڙي ”گل“ جو عڪس اڀري آيو هو؟
”گل.“
ڌيانَ سان پنهنجو دماغ جاچيو (ماڻهوءَ ۾ ئي اها وڏي ۾ وڏي خوبي آهي جو هو پنهنجي ڄاڻ ــــــــــ منطقي ڄاڻ، ادراڪي ڄاڻ، نفسي ڄاڻ، نظرياتي ڄاڻ ــــــــــ کي ذهن جي ”پردي“ تي وري اٿاري به سگهي ته جاچي به سگهي). ڪهڙن گلن جو عڪس آهي اوهان جي دماغ ۾؟
ڇا هر ان ”گل“ جو اولڙو ناهي جيڪو اوهان ڏٺو هجي؟
پڪ سان ايئن آهي. (اها مون کي خبر ڪيئن پئي، پوءِ ٻڌائيندس.)
هاڻي آءٌ گل جو خاص نالو کڻڻ وارو آهيان، سوچجو ته توهان جي دماغ ۾ ڪهڙي گل جو عڪس وڌيڪ نمايان ٿئي ٿو. گل جو نالو آهي:
”گمي!“، ”گمي جو گل!“
ڏٺوَ! توهان جي دماغ ۾ ڪهڙو عڪس ٺهيو؟
ڪو به نه! آهه! ايئن ڇو ٿيو؟ چئبو، ته توهان نالي پڙهڻ ۽ سوچڻ ۾ ئي منجهي پيا! شايد اهو لفظ گَمِي آهي الائي گُمِي، يا وري گِمِي آهي يا گِمي، الائجي گَمي آهي يا گُمي آهي! سمجهو ڪري ته اهو لفظ گـِمِي آهي ــــــــــ گِمِي جو گل! ڇا ڪو تصور ٺهيو؟ نه! ڇو؟
ان ڪري جو اهو لفظ، اهو گل توهان ڏٺو ئي ناهي، ٻڌو ئي ناهي، سنگهيو، چکيو يا ڇهيو ئي ناهي، ان ڪري توهان جي دماغ ۾ ڪو به خاص عڪس نه ٺهيو.
”گلاب جو گل.“
ڇا هاڻي ڪو عڪس ٺهيو؟
پڪ سان گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو. اوهان جي ڏٺل هر ٻي گل جو تصور ڊهي ويو، هاڻي رڳو گلاب جي گل جو ئي عڪس دماغ تي رهجي ويو، ڇو؟
ان ڪري جو توهان اهو گل ڏسي، ان بابت ٻڌي يا ان کي سنگهي ۽ ڇهي چڪا آهيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن چکي به ڏٺو هجي. هاڻي ڇا ٿيو؟ گلاب جي گل جو اولڙو پنهنجي هر ان جز ۽ تفصيل سميت توهان جي ذهن ۾ تري آيو جنهن کان اوهين واقف آهيو. هر شاعر، سائنسدان، فيلسوف، فنڪار يا چترڪار وغيره ان کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سمجهي سگهندو. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاعر به هجي ۽ ڪلاڪار به، فيلسوف به هجي ته چترڪار به، پوءِ ان جون سوچون ڪيئن هونديون... اهو ئي سمجهي سگهي ٿو.
پر منهنجي ذهن ۾ جنهن گلاب جو گل جو تصور آهي اهو ٻُڪ جيڏو، روايتي ڳاڙهو گلابي گلاب نه آهي پر ”ڪارو گلاب“ آهي. ڇا توهان ڪارو گلاب ڏٺو آهي، ان جي سڳنڌ کان واقف آهيو؟ جيڪي ڄاڻندا هوندا انهن جي ذهن ۾ تصور به ٺهيو هوندو، پر جيڪي نه ڄاڻندا هوندا اهي عام رواجي گلاب جي گل کي ڳاڙهي گلابيءَ بدران ڪاري رنگ ۾ سوچيندا هوندا. ايئن ڇو ٿيو؟
ان ڪري جو گلاب جي گل جو عام رواجي ڳاڙهو گلابي رنگ ڦيرائي ڪارو رنگ ڏٺو ويو. ڪارو گلاب چوڻ سان ڇا ٿيو؟
گلاب جي گل جو تصور ۽ ڪاري رنگ جو تصور پاڻ ۾ ملي پيا.
هاڻي اچو ته ”گگارينو“ تي سوچيون.
ڇا گگارينو ٻڌڻ (پڙهڻ) سان اوهان جي ذهن ۾ ڪو عڪس، ڪو اولڙو ٺهيو؟
نه!
ڇو؟
توهان جو ڏٺل، ٻڌل، سنگهيل، چکيل، ڇهيل ناهي! توهان ان کان اڻ واقف آهيو!
توهان کي آءٌ ٿو ٻڌايان.
(1) ”گلاب جي گل“ کي ئي چئبو آهي ”گگارينو“، جرمن ٻوليءَ ۾.
هاڻي ڇا ٿيو؟
گلاب جي گل جو عڪس ٺهيو!
پر هاڻي رڳو عڪس نه ٺهيو، ان سان گڏ جرمن ٻوليءَ بابت به سوچ اڀري آئي! معنى هاڻي تصور ڪجهه وڌيڪ ٿيو ــــــــــ گلاب جو گل ۽ جرمن ٻولي (جرمن ٻولي وري پاڻ ٻه تصور آهن ــــــــــ جرمن ماڻهو ۽ انهن جي ٻولي).
توهان کي سچ ٻڌايان؟ سچ اهو آهي ته جرمن ٻوليءَ ۾ گلاب جي گل کي گگارينو نه چئبو آهي. گگارينو ڪا ٻي شيءِ آهي. وري سوچيو!
هاڻي وري توهان جي ذهن ۾ ڪو تصور، ڪو عڪس، ڪو اولڙو، ڪو احساس ڪونهي!
(2) ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو چئبو آهي.
هاڻي ڇا ٿيو؟ توهان جي ذهن ۾ ويٽنام ۽ رونبي ڪرڻ جا تصور ٺهيا. خود رونبي ڪرڻ جي تصور ۾ ڪيترائي تصور آهن ۽ ويٽنام سان لاڳاپيل ڪي تصور به ذهن ۾ اڀري سگهن ٿا. پر مون کي افسوس آهي ته ويٽنام ۾ رونبي ڪرڻ کي گگارينو نه چئبو آهي ۽ گگارينو اڃا به ڪا ٻي شيءِ آهي.
هاڻي ڇا ٿيو؟
گگارينو بابت توهان جو تازو تصور به ڊهي ويو. توهان جي ذهن ۾ هن وقت وري به گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي. پوءِ نيٺ گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟
(3) پٿر جو گهڙيل هڪ هاٿي، جنهن جي پنيءَ مٿان پوين ٻن ڄنگهن تي اُڀو بيٺل پٿريلو گهوڙو، جنهن جو منهن ۽ اڳيان سنب اڀ ڏانهن اٿيل آهن. يونان جي هڪ جابلو شهر کيٿنس ۾ ٺهيل آهي ۽ هڪ اهڙي شهزادي جي ياد ۾ ٺاهيو ويو جنهن کي هاٿيءَ ۽ گهوڙي جي سواري ڏاڍي پسند هئي.
ڇا توهان ڄاڻي ورتو ته گگارينو ڇا کي چئبو آهي؟
هن ڳالهه ۾ توهان ڏٺو ته ڪيترا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟
پٿر، گهاڙ، هاٿي، اڀو بيٺل، گهوڙو، سنب، اڀ، يونان، جابلو، شهر، شهزادو، سواري، پسند وغيره.
حقيقت هيءَ آهي ته اهڙو ڪو به مجسمو ۽ شهر يونان ۾ موجود ناهي.
پوءِ نيٺ گگارينو ڇا آهي؟
(4) مينهوڳيءَ ۾ مست ٿي، ڇٽ کولي، کنڀ پکيڙي جهمريون هڻندڙ مور کي گگارينو چئبو آهي.
ڪهڙو تصور ٺهيو؟ ڪهڙا ڪهڙا عڪس مليل آهن؟
(5) پنهنجي بت مان جهمڪو ڪري سوجهرو ڪڍندڙ مڇيءَ جو هڪ قسم آهي گگارينو، جيڪا سمنڊ جي هيٺين (ترائين) سطح ويجهو گَهپ ٻاٽ ۾ رهندي آهي.
ڪهڙو عڪس ٺهيو ۽ ڪهڙا تصور پاڻ ۾ مليل آهن؟
(6) ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ گهنڊڻي ٻڌندڙ ڪوئي کي گگارينو چئبو آهي.
(7) سڙي سڪي کاڄي ويل وڻ جي ٿوڻيءَ کي گگارينو چئبو آهي.
(8) وارياسي ۾ مٺي پاڻيءَ جي چشمي کي گگارينو چئبو آهي.
(9) دئوس قسم جي ٿلهي پهلوان کي گگارينو چئبو آهي.
جيڪڏهن آءٌ ايئن سڄو ڏينهن ويٺو ڳالهايان ۽ اوهان ٻڌندا رهو ته توهان جو ذهن گگارينو بابت رڳو اهو ئي تصور، عڪس، اولڙو ٺاهي سگهندو، جنهن جو ذڪر آءٌ ڪريان، نه ته توهان پنهنجي ليکي گگارينو جو ڪو به عڪس ٺاهي نه ٿا سگهو، ڇو ته توهان وٽ ان بابت ڄاڻ ڪانهي، توهان ڪڏهن به ان کي نه ڏٺو آهي ۽ نه ئي ان بابت ڪجهه ٻڌو آهي، نه ئي ان کي سنگهيو، چکيو يا ڇهيو آهي. جيڪڏهن توهان کي مون تي پت هوندي، ته توهان ان ئي تصور کي سچو سمجهندو جيڪو توهان کي ٻڌايان. جيڪڏهن منهنجي ڄاڻ ئي غلط، وهمي، اڻڄاڻائيءَ واري هوندي ۽ توهان کي ان جي پروڙ پئجي ويندي ته پوءِ توهان ئي مون کي ڪوڙو، وهمي يا اڻڄاڻ سمجهڻ شروع ڪندَو ۽/يا توهان حقيقت ڄاڻي وٺندَو ۽ گگارينو بابت توهان جي ذهن ۾ ويهاريل غلط ڄاڻ ختم ٿي ويندي.
جيئن توهان جي ذهن ۾ گگارينو بابت ڪو به عڪس ڪونهي، اها ساڳي ڳالهه هاتاموسي، ڇاتوڪا، واشامو، ناڪولي، بلادو، ماگوري، ويناتو، ڇڇموري، گدناڪ، واگهاوَ، وڪيما، طوشاٽا، ڇماڪو، وانروڪي وغيره بابت به ٿيندي. ڇا انهن مان ڪنهن به لفظ بابت اوهين ڪجهه ٻڌائي سگهو ٿا؟ توهان جي ذهن ۾ هر هڪ لفظ سان لاڳاپيل ڪهڙو تصور آهي؟
ڪو به نه.
ڇو؟
ان ڳالهه مان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو؟
هن ڳالهه مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته جيڪڏهن اسين ڪنهن به حقيقت بابت نه ٿا ڄاڻون ته ان حقيقت جو اسان جي دماغ ۾ ڪو به تصور نه ٺهندو. حقيقت اڳ ۾ پيش ٿيڻ گهرجي، ان جو اولڙو، عڪس، تصور پوءِ ئي ٺهي سگهي ٿو. جيستائين آئيني سامهون ڪا به شيءِ نه آئي آهي تيستائين آئيني ۾ ڪو به عڪس نه ٺهندو. آئيني سامهون بيٺل ماڻهو هٽي وڃي ته ان جو عڪس به گم ٿي ويندو. ماڻهو مادي جو ٺهيل آهي، حقيقت مادو آهي، مادي جو ڪو به روپ آهي ۽ عڪس ان جو پاڇو، اولڙو، تصور، احساس آهي. اڳ ۾ حقيقت آهي ۽ پوءِ ئي ان جو عڪس آهي. حقيقت نه هوندي ته عڪس به نه هوندو. عڪس غير مادي شيءِ آهي، اهو رڳو اولڙو آهي ڪنهن مادي شيءِ جو، حقيقت هٽي ويندي ته عڪس به هٽي ويندو، پر آئيني جي عڪس ۽ ڪنهن به ساهواري جي عڪس ۾ گهڻو فرق به آهي. ماڻهوءَ جي دماغ (ڪنهن به ساهواري) ۾ جيڪو ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، ڇهڻ، چکڻ وسيلي عڪس ٺهي ٿو، اهو آئيني جي عڪس جيان ناهي. آئينو رڳو سامهون آيل لقاءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو پر ان جو آواز، بوءِ، ذائقو يا ڇهاءُ عڪسي نه ٿو سگهي، جبلُ واڪي جو عڪس (پڙاڏو) اولڙائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڏٺ، چک، لذت ۽ بوءِ اولڙائڻ جي خاصيت ڪانهي. بي ساهه شيون عڪس جو رڳو هڪ پاسو، ڪو محدود پهلو اولڙائي سگهن ٿيون، جڏهن ته ساهواري ۾ ڪنهن به پيش ٿيل حقيقت بابت ڪيتريون ئي حقيقتون اولڙائڻ جون خاصيتون آهن ۽ ماڻهو سڀ کان وڌيڪ اتم آهي جو هن پاڻ وٽ منطقي ۽ نظرياتي ڄاڻ پيدا ڪري ورتي آهي تنهنڪري هو حقيقت کي گهڻ پاسائون اولڙائي سگهي ٿو ۽ بيشڪ حقيقت هٽي به وڃي پر ان جو عڪس دماغ جي جيو گهرڙن ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين محفوظ رهجي وڃي ٿو ۽ وقت سر ان کي ياد ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته سوين هزارين عڪس ان منجهان ”ميٽجي“ (وسري) به وڃن ٿا. توهان جڏهن پهرين درجي جو ڪتاب پڙهيو تڏهن اهو توهان کي ڪهڙي ترتيب سان ياد هو، ڇا هاڻي جو هاڻي ساڳي ترتيب سان بيان ڪري سگهو ٿا؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي ماڻهو الف-ب به ترتيب سان ياد ڪري نه سگهن، پر انهن تصورن کي، يادگيري کي، وري تازو به ڪري سگهجي ٿو. توهان کي پنهنجي حياتيءَ جا سوين واقعا ياد هوندا. ماڻهوءَ دماغ (ساهوارن جي دماغ) ۾ سوين عڪس هڪ ڊگهي عرصي تائين پنهنجن پورن تفصيلن سميت ياد رهي سگهن ٿا ۽ جياپي لاءِ لازمي ڪيترا ئي اولڙا هن جي جبلت ۾ داخل ٿي وڃن ٿا.
حقيقت جو عڪس اسان جي حواسن (تنتن) وسيلي هلي اسان جي دماغ تائين پهچي ٿو. حقيقت ۽ ان جو عڪس ساڳي شيءِ ناهن. حقيقت مادو يا مادي جو روپ، لقاءُ، ڏيک، عمل، اثر آهي ۽ عڪس، اولڙو، احساس مادو ناهي، مادي جو فوٽو آهي، شبيهه آهي، تصور آهي. اسان جي دماغ ۾ پاڻ جهڙو جيئرو جاڳندو ماڻهو، کاڌا، شيون، جايون، وڻ، پکي، ڌرتي، ڪائنات ويٺل ڪانهي پر انهن جو رڳو عڪس آهي، اولڙو آهي.
ماڻهو پنهنجن حواسن وسيلي جيڪي عڪس وٺي ٿو انهن مان ئي کيس ڄاڻ ملي ٿي. حقيقتن کي پرکيندي سوين هزارين قسمن جا عڪس ماڻهوءَ دماغ تائين پهچندا رهن ٿا. مخصوص مند ۾ مخصوص فصل، گاهه، ميوي جو پيدا ٿيڻ اهڙو ئي پنهنجو عڪس ڇڏي ٿو، وڍ ٽڪ، گهاڙ گهاڙيتو ڪندي به ماڻهو حقيقتن جا ڪيترائي عڪس پرائي ٿو. هڪڙي قسم جي عمل مان ماڻيل ڄاڻ کي ٻي قسم جي حقيقتن سان لاڳو ڪري وري نوان عڪس پرائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سڄي ٻولي لفظن جي صورت ۾ لکين عڪس آهي. انهن عڪسن مان ئي اسان جي ڪل ڄاڻ ٺهي ٿي ۽ ڄاڻ جو واهپو ڪندي عمل ۾ آڻيندي وري نئين ڄاڻ ملي ٿي ــــــــــ اهڙيءَ طرح ڄاڻ جي ذخيري ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
”سڄي دنيا جي فاتح“ سڪندر اعظم (سڪندر مقدوني، يوناني) کي وري جيئاري، رڳو ٽي وي ڏيکارجي يا هوائي جهاز تي ٻه ڦيريون ڏيارجن ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ بٽڻ هيٺ ڪرڻ سان بلب ٻري پوي (يا جيئن ريموٽ ڪنٽرول جو ڪرشمو هلي پيو)، ته ڇا اهو ڏسي اڪبر بادشاهه پاڳل نه ٿي ويندو، جيڪو پاڻ کي خدا جو پاڇو پيو سڏرائي.
ڇا ڀلا ايئن نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪن ٻن چئن شين بابت ڄاڻ ڪن ٻين ٻن چئن شين سان لاڳو ٿي وڃي؟ پٿر گَهڙڻ جو عمل ڪاٺيءَ سان لاڳو ڪري ان کي گهڙيو وڃي، پاڻيءَ کي اوٻارڻ بدران پاري کي اوٻارڻ جي ڪوشش ڪجي، ٽامي کي رجائڻ بدران لوهه کي رجائجي، وغيره، ته ڇا ٿيندو؟ هر عمل اسان کي نئين ڄاڻ ڏيندو. سوين تجربن ۽ تعليمن نسل در نسل تبديل ٿي اسان جي ڄاڻ ٺاهي آهي. چهنبدار پٿر جي ايجاد کان اڄوڪي هر ايجاد تائين ماڻهوءَ اهو ئي ڪم ته ڪيو آهي ته ڪنهن به لقاءَ، عمل، اثر، شيءِ وغيره کي ڪنهن به ٻي لقاءَ، عمل، اثر يا شيءِ سان ڀيٽائي، پرکي، پرجهي سگهي. ڪکائين جهوپڙيءَ کان آسمان ڇهندڙ جاين تائين، اڻ گهڙيل پٿرائين ڳوڙهي (ڦيٿي) کان اڄوڪي جديد صنعتي ڦيٿي تائين، ڪني گاهه ڇيڻي جي ڀاڻ کان جديد ڪيميائي ڀاڻ تائين، گاري کان سيمينٽ تائين، پيچرن کان روڊن تائين اهو ئي عمل هلندو پئي رهيو آهي.
ماڻهوءَ نرم مٽيءَ جو گهگهڙو (رانديڪو) ٺاهيو، جيڪو اس ۽ هوا ۾ سڪي سخت ٿيو، باهه ۾ پچي پڪو ٿيو. قسمين قسمين گهگهڙا ٺهيا: هڪ گهگهڙي جو اڌ، مُنُ، چوٿاڙ، مٿو، منڍي، ٻانهون يا ڄنگهون ٻي گهگهڙي سان ڳنڍيون ويون ــــــــــ ماڻهوءَ بت تي شينهن جي منڍي ٺاهي وئي ــــــــــ شينهن-مُنڍيو ماڻهو ٺهي پيو. جيڪو ماڻهو جهنگلي سانَ جي منڍي واري کل اوڍي جانورن جي ڌڻ ۾ گهڙي ويو پئي، ان لاءِ ٻن چئن تصورن کي هڪ ٻي سان ڳنڍڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪا نه هئي. آءٌ اڄوڪي دور جو ماڻهو به ان ڀڃ گهڙ کان واقف آهيان ۽ في الحال رڳو گگارينو جهڙي هٿ-گهڙي تصور تي ڪيترو ئي گهڻو لکي سگهان ٿو، ته ڇا ڪو ٻيو، ٽيون، چوٿون، پنجون ماڻهو هڪ ٻي جي پورهيي، عمل، تجربي، تعليم، تخليق، وغيره جا سوين تصور هڪ ٻي سان ملائي ڪا ٽين شيءِ ٺاهي نه ٿو سگهي؟
ڪهڙو به تخيل هجي، ان جو جيڪڏهن ڇيد ڪبو ته اهو ڪجهه اڳوڻن تصورن جو ميڙ هوندو ۽ هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو عڪس، اولڙو. ياد ڪري ڇڏيو ته هر ڄاڻ عڪسن جو ميلاپ آهي ۽ ان جو هر تصور ڪنهن نه ڪنهن حقيقت جو اولڙو.