تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شعور

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.
Title Cover of book شعور

ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ،ڪا سمجهه ٿي سگهي ٿي؟

ٻولي، ٻول، ڳالهائڻ، ڳالهه، واڪو يا آواز نه هجي ها ته ماڻهو ڇا هجي ها؟ عالم، اديب، شاعر، فلاسافر، فنڪار، سياڻو، سياستدان، سائنسدان، انجنير، ڊاڪٽر، هنرمند ته ٺهيو، پر ڇا هو ماڻهو چئجي/سڏجي سگهي ها ــــــــــ ٻوليءَ کان سواءِ ڪيئن سڏجي يا چئجي ها؟
اچو ته هڪ سوال کڻون.
اسين ڪيئن چئون ته ڪو ماڻهو هڪ وڏو فلاسافر، مفڪر، اديب، دانشور، شاعر، ڏاهو، سياڻو يا سائنسدان آهي؟ سمجهو ته هڪ ماڻهو هڪ وڏي گهر ۾ رهي ٿو. سندس گهر ۾ سوين هزارين قسمن جا ڪتاب رکيا آهن پر هو ماٺ آهي، ڳالهائي نه ٿو، هن لکيو ناهي ــــــــــ ڇا پوءِ به چئي سگهنداسون ته هو وڏو عالم آهي؟ جڏهن ماڻهوءَ کي اها سُڌ ئي ڪانهي ته هن جا خيال ڪهڙا آهن، سندس سوچ ڪيئن آهي، هو دنيا، فطرت، ڪائنات بابت ڇا ٿو سوچي، هن جو نڪتي نظر ڪهڙو آهي، سچ ۽ ڪوڙ بابت سندس نظريو ڪهڙو آهي، ڪهڙو فلسفو ڇو، ڪيئن کيس پسند آهي، هو ڪهڙي سوچ رکي حياتي گذاري ٿو وغيره، ته پوءِ نيٺ ماڻهو اهو ڇو سوچين ته هو ڪو سياڻو، سيبتو، پڙهيل ڪڙهيل، سمجهه رکندڙ ماڻهو آهي؟ ڪيئن سمجهون ته هن اهي ڪتاب پڙهيا، سمجهيا، ڄاتا، سڃاتا، پروڙيا ۽ پڙهيا آهن؟ ڪيئن سمجهجي ته هن ڪجهه پرکيو ۽ کوجيو آهي، هن به ڪو علم پِرايو آهي؟
ڪنهن به خيال، تصور، سوچ، سمجهه جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ان کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر رڳو ٻوليءَ ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو.
ماڻهوءَ راڄ کان اڳ ڪا به ٻولي ڪا نه هئي. پورهيو ڪرڻ، پيداواري عمل ۾ گِهڙڻ، بامقصد سرگرمي ڪرڻ سبب ماڻهو پيداواري ناتن ۾ ڳنڍجي ويو ۽ سماج ٺهي پيو. ڳالهائڻَ، ٻوليءَ پهريائين ماڻهوءَ راڄ ۾ پيداواري عمل دوران جنم ورتو. ماڻهن پنهنجي بقا ۽ بچاءَ جي ويڙهه وڙهندي، جدوجهد ڪندي پنهنجن بنيادي گهرجن جي پُورائي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي اڻٽر گهرج محسوس ڪئي ته اهي هڪ ٻي کي ڪجهه چون. ماڻهوءَ جهڙي ساهواري جي اَڻ گَهڙيل، اڻ اسريل نڙيءَ هوري هوري پاڻ کي تبديل ڪيو ۽ ڳالهائڻ جي عضون هڪ کان پوءِ ٻيو گهگهو، منجهڙيل ٻول ڪڍڻ شروع ڪيو. هوري هوري، سادن سودن، منجهڙيل ۽ گهگهن واڪن مان بامقصد، بامعنى، مفهوم رکندڙ واڪا وجود ۾ آيا ۽ اوسر ۽ واڌاري جون منزلون طيءِ ڪندي، وڌندي، ويجهندي، نوان نوان نرم ۽ نازڪ ٻول پنهنجي جهوليءَ ۾ سوئيندي ۽ مالها ۾ پوئيندي، لطيف ۽ سهڻن احساسن ۽ وڌيل، ڳتيل، سانڍيل جذبن ۽ نون نون لقائن، نين نين شين کي نوان نوان نالا ڏيندي اچي اڄوڪي ماڳ تي پهتي آهي. معنى ۽ مقصد ڀري ٻولي ايئن اسري، وڌي ۽ ويجهي. ٻولي هڪ ٻي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ، ڳانڍاپي ۾ رهڻ لاءِ، هڪ ٻي جو ساٿ وٺڻ لاءِ، هڪ ٻي جي واهر ڪرڻ لاءِ خيالن، سوچن، سَڌن، جذبن يا امنگن جي مٽاسٽا جو وسيلو آهي. خيال، سوچون، سڌون، جذبا ٻوليءَ (آواز، واڪي) کان سواءِ ظاهر نه ٿا ڪري سگهجن ــــــــــ ٻولي ذهني احساسن جو اهو ”خول“، ”ڍڪڻ“ آهي جيڪو مادي (آواز، واڪ) جو ٺهيل آهي.
ڪو به خيال رڳو تڏهن حقيقي نموني ظاهر ٿئي ٿو جڏهن اهو لفظن، واڪ، ٻوليءَ جو روپ وٺي ٿو. جيستائين خيال ماڻهوءَ جي ذهن ۾ آهي تيستائين اهو ”مردو“، ”مئل“، ”بي جان“ آهي ڇو ته اهو ٻين ماڻهن کي ملي نه ٿو سگهي، ڪو به ماڻهو ان جو ڪاٿو نه ٿو ڪري سگهي، ان جي معنى، مفهوم ۽ مقصد سمجهي نه ٿو سگهي. خيال حقيقت تڏهن بنجي ٿو جڏهن اهو ظاهر ڪيو وڃي ۽ ظاهر ڪرڻ جو رڳو هڪ رستو آهي يعني ٻولي، ڳالهه ٻول. سوچ پنهنجي مادي ”خول“ کان سواءِ ڪڏهن به ٺهي نه ٿي سگهي، ويندي تڏهن به اسان کي لفظن جي ضرورت پوي ٿي جڏهن اسين بي شڪ آواز سان نه ٿا ڳالهايون پر رڳو پنهنجو پاڻ سوچيون ٿا. ٻوليءَ کان سواءِ اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ڪو به ماڻهو جڏهن به، جتي به، ڪجهه به سوچيندو اهو ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ ۾ ئي سوچيندو. سماجَ سمجَهه کي جنم ڏنو، سمجَهه ٻوليءَ وسيلي ٺهي ۽ ٻوليءَ وسيلي ئي ظاهر ٿئي ٿي. ٻوليءَ جي مهرباني، جو نه رڳو اسان جي سوچ ٺهي ٿي پر اها ٻين ماڻهن ڏانهن تبديل به ڪري سگهجي ٿي. ٻي پاسي وري لکيل ٻوليءَ جي مدد سان اسان جي سوچ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙجي ٿي پر هڪ پود کان ٻي پود ڏانهن تبديل به ٿئي ٿي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو به خيال، ڪا به سوچ ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي نموني ظاهر ڪري سگهجي.
هن سڄي ڳالهه ٻول مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي ابتدا کان انتها تائين، ٻالپڻي کان وٺي اوج تائين ماڻهوءَ سمجهه، لفظن، ٻولن، ٻوليءَ جي بنياد تي ٺهي ٿي. ڇا اهو ممڪن آهي ته سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهجي؟ نه، سوچ کي ٻوليءَ کان ڌار ڪري سگهڻ ممڪن ڪونهي. ٻوليءَ ۽ سوچ جي وچ ۾ هڪ اڻٽٽ ايڪو، هيڪڙائي آهي. ان ڪري ئي اسين چئون ٿا ته سوچ رڳو ماڻهوءَ جي خاصيت آهي، ٻي ڪنهن به ساهواري ۾ سوچ، سمجَهه، ذهن ڪونهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ ڪا به ٻولي ڪانهي، ٻي ڪنهن به ساهواري وٽ سماج ڪونهي، ٻيو ڪو به ساهوارو پيداوار ڪري نه ٿو سگهي. لاڳيتي پورهيي ۽ پورهيي جي سکيا ئي منجهڙيل گهگهي آواز کي اوسر، واڌ ڏني، ٺيڪ ڪيو ۽ ماڻهوءَ جهڙي ماڻهوءَ جي دماغ کي هوري هوري وڌائي حقيقي ماڻهوءَ جو ڳتيل دماغ ٺاهيو. سنجهه، ڀري، ڏاهي، سياڻي، سلڇڻي ماڻهوءَ جو دماغ بي سمجهه، جاهل، اياڻي، ڪلڇڻي ماڻهوءَ جي دماغ کان وڌيڪ وڏو ۽ وڌيڪ ڳتيل ٿيندو آهي.