تاريخ، فلسفو ۽ سياست

شعور

سنڌي ٻولي ۾ اسان وٽ ورلي ڪي اهڙا ڪتاب لکيا ويا آهن جن ۾ موضوعن تي سائنسي انداز ۾ مضبوط دليلن سان ڳوڙهو بحث ڪيو ويو هجي ۽ شعور اهڙن ڪتابن مان هڪ آهي.
Title Cover of book شعور

اهي ڪهڙا سبب آهن جو ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو ماڻهو ٿي سگهيو؟

اهي حقيقتون اهو ٿيون سيکارن ته بيشڪ ماڻهوءَ جهڙي ساهواري ۾ ماڻهوءَ دماغ، جيئرو دماغ موجود هجي پر ان کي ماڻهو ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ سماج ۾ گڏ هجڻ، سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ان ۾ پلجڻ لازمي آهي.
اهي ڪهڙا سبب آهن جنهنڪري ماڻهوءَ سماج ٺهي سگهيو؟
- رت جي رشتن ۾ اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر جانور جي آڪهه يا رت جي رشتي ۾ ڳنڍيل ماءُ پيءُ ۽ اولاد جوان ٿيڻ تي هڪ ٻي کان غير واسطيدار ٿي وڃن ٿا.
- جنسي لاڳاپن ۾ به اها قوت ڪانهي جا پنهنجي هم نسل مخالف جنس کي لاڳيتو پاڻ ۾ ڪٺو رکي سگهي. هر ساهوارو ڪنهن مخصوص مند يا وقت ۾ جنسي لاڳاپي هيٺ رهي ٿو ۽ پوءِ غير واسطيدار ٿي وڃي ٿو.
- هم نسلي هجڻ ۾ به اها قوت ڪانهي جا راڄن کي گڏ رکي سگهي. هم نسلي ويجهڙائي فطري قيد سبب هڪ ٻي جي ويجهو ته رکي سگهي ٿي پر راڄ ٺهرائي، هڪ ٻي سان سهڪار ڪرائي، هڪ ٻي جي ويجهو، ڳنڍيل رکي نه ٿي سگهي.
پورهيو...
پورهيو ئي اهو پهريون سبب آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، سندس اڳين ڄنگهن کي آزاد ڪري ٻانهون ٺاهيو، پوين ڄنگهن کي وڌيڪ سوکو سگهارو ڪيو، سندس چيلهه جو ڪٻ سنئون ڪيو، کوپڙيءَ کي ڪنڌ جي مشڪن وسيلي ان لائق بنايو جو هڪ حالت ۾ بيٺي چوڦير (اڳيان، پٺيان، کاٻي، ساڄي، هيٺ، مٿي) ڏسي سگهي، سندس آڱرين کي سنهو، ڊگهو، سخت ڪم لائق ۽ سهڻو بنايو، سندس گهگهي نڙيءَ کي ميٺاڄ ڀريو، وڻندڙ آواز ۽ سوين مختلف آواز ڪڍي سگهڻ جي سگهه ڏني، دماغ کي ڀڃ-گهڙ جي عملن جا عڪس ڏنا، حسي ڄاڻ کي وڌائي منطقي ڄاڻ جي درجي تي پهچايو، شين، ڳر جي گهرائي، جوهر، فطرت ۽ اصليت سمجهڻ جي قوت بخشي ۽ اهڙيءَ طرح هن کي نئين کان نئين ڄاڻ جي خزاني سان مالامال ڪندو رهيو. پورهيو ئي آهي جيڪو جياپي لاءِ گڏجي اپائڻ، هڪ ٻي جي ويجهو رهڻ، هڪ ٻي جي مدد ڪرڻ، سهڪار وٺڻ، ساٿ ڏيڻ، گڏجي جيئڻ، ونڊي وراهي کائڻ، وڏن سگهارن هيبتناڪ ويرين، شڪارن، جانورن کي دسڻ، ڪيرائڻ، مارڻ ۽ ڪتب آڻڻ وغيره تي مجبور ڪيو.
پورهيي ئي ماڻهن جي وچ ۾ گڏجي اپائڻ، گڏجي ڪم ڪرڻ، گڏجي بچاءُ ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو.
هاڻي ماڻهن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا (ناتا، رشتا) ٺهيا جيڪي اڳ موجود نه هئا. اهي گڏجي رهڻ ۽ سهڪار ڪرڻ، جنسي، نسلي يا رت جي لاڳاپن سبب نه هئا پر پورهيو ڪرڻ، اپائڻ، پيداوار ڪرڻ سبب موجود ٿي پيا، تنهنڪري انهن کي پيداواري لاڳاپا سڏجي ٿو.
ماڻهو ئي آهي جيڪو پيداوار ڪري ٿو.
ماڻهوءَ ئي هِتي هُتي ٽڙيل پکڙيل آڏَن ڦڏن پٿرن ۽ لٺين کي پنهنجي پورهيي وسيلي ڪارائتو بنايو. هٿيارُ، اوزارُ اها شيءِ آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي جيئري پورهيو ڪرڻ واري سگهه لڪل آهي ۽ جنهن جي مدد سان پورهيو ڪرڻ ۾ مدد ۽ سهولت ٿئي ٿي.
پورهيو ڪندڙ ماڻهو ۽ پورهيي ۾ ڪم ايندڙ اوزار (هٿيار) پيداواري قوتون سڏجن ٿا ۽ جنهن تي پورهيو ڪجي اهو آهي پيداواري ٿاڪ.
پيداواري ٿاڪ تي (وٽ، ويجهو) پيداوار ڪندڙ کي رهڻو پئجي ويو. پورهيو ئي هنن کي هڪ ٻي جي ويجهو ۽ پيداواري ٿاڪ وٽ رکي سگهيو، پورهيي سبب ئي، پورهيو ڪندڙ ماڻهو هڪ ٻي سان اڻ ڏٺن، اڻ ٻڌن، اڻ سُڻن لاڳاپن ۾ ڳنڍجي ويو.
نت نئين پورهيي، نت نئين اوزار، نت نئين هٿ آيل شڪار، سال ٻي سال نت نئين بدلجندڙ جاگرافيائي ماحول، نون نظارن، لقائن، عملن، وڻن، ٻوٽن، گاهن، جانورن، پکين ۽ نت نيُن لياقتن ماڻهوءَ ۾ اڻٽر گهرج پيدا ڪئي ته هو هڪ ٻي کي ڪجهه چئي، هڪ ٻي سان ڳالهائي.
پهريائين اشارن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اوندهه، طوفان، تيز مينهن، ٻوڏن، ٻيلن وغيره ۾ اشارن وسيلي ڳالهائڻ ڏکيو هو ۽ وڏي ڳالهه ته ان وسيلي سوچن کي پوريءَ طرح ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو،ان ڪري واڪي، آواز کي اشاري سان ڳنڍيو ويو.
هر واسطيدار شيءِ لاءِ هوري هوري مخصوص واڪو ٺهيو ۽ انهن مخصوص واڪن جي سرشتي کي چئجي ٿو ٻولي. ٻوليءَ وسيلي ماڻهو پنهنجي هر قسم جي سوچ، سمجهه، جوش ۽ جذبي، ارادي ۽ اتساهه کي ظاهر ڪري سگهي ٿو.
اچو ته وري به هڪ مثال وٺون:
(الف) توهان ڪنهن جبل تان بيهي ڪاڇي ۾ هڪ وسندي ڏسي رهيا آهيو. انهيءَ ۾ 100-کن ننڍيون وڏيون ڪچيون جايون ۽ اوسي پاسي پکڙيل ڪجهه جهوپڙيون آهن. ان جون گهٽيون جيتوڻيڪ ويڪريون ۽ ڄار جي ڌاڳن جيان هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهن پر آڏيون ڦڏيون آهن. ڪيترن ئي گهرن ۾ چهچ ساوا، ڊگها، گهاٽا نم ۽ ٻٻر جا وڻ به آهن. ننڍڙا ٻار، ٻڍا، مايون، جانور، گهورڙيا وقت سر اچ وڃ ڪندي نظر اچن ٿا. هڪ پاسي وڏو کوهه به آهي جنهن تي چڙهيل نار کي ڏاچي ڦيرائي رهي آهي ۽ ڪجهه عورتون گهاگهرن ۾ پاڻي ڀري رهيون آهن.
(ب) توهين ڳوٺ ۾ پهچو ٿا. ڪو اڌڙوٽ ماڻهو اوهان کي اوپرو ڀائيندي وڌي اوهان جي آجيان ڪري توهان کان حال احوال خبرون چارون پڇي ٿو ۽ آڇ ڪري ٿو ته توهين سندس اوطاق ۾ هلي ويهو. توهان ڪجهه ڏينهن اتي ٽِڪي پئو ٿا ۽ هوري هوري مختلف ماڻهن، ٻارن، ڪم ڪار جي طريقن، ڌنڌن ڌاڙين، ريتن رسمن ۽ روايتن، وهمن، ويساهن ۽ عقيدن، خيالن، سوچن ۽ جذبن کان واقف ٿيو ٿا...
مثال جي (الف) ۾ توهان جو واسطو حسي تصوير سان پوي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي جانور به انهيءَ وسنديءَ جي منهن مهانڊي، ڏيک ويک جو اهڙو ئي اولڙو محسوس ڪن جهڙو توهان ڪري سگهيا (جيتوڻيڪ اصولن توهان جي پروڙ تيز آهي).
مثال جي (ب) سان ڪنهن به جانور جو ڪو به واسطو ڪونهي، اها هن لاءِ بس رڳو چرپر آهي، آواز آهي. جڏهن ته ماڻهو پرکي، پروڙي، پرجهي، سمجهي، نتيجا ڪڍي ۽ راءِ مقرر ڪري ٿو ته ان وسنديءَ جا رهاڪو ڪهڙي قسم جي حياتي گذاري رهيا آهن، کائن پيئن، رهن، چوَن، اُٿن، ويهن ڪيئن ٿا، انهن جون سوچون، عمل ۽ عقيدا ڪهڙا آهن، اهي ڪهڙي قسم جا ڌنڌا ڪن ٿا، انهن جي آمدني، ڪمائي، خرچ وغيره ڇا آهي، عورتن، مردن، ٻارن، ٻڍن جو هڪ ٻي ڏانهن روَيو ڪيئن آهي، ڪير ڪنهن جو ماءُ پيءُ يا اولاد آهي، مٽ مائٽ ۽ عزيز قريب آهي، وغيره.
مٿين مثال ۾ ڄاڻ جو (ب) حصو منطقي ڄاڻ سان واسطو رکي ٿو. ماڻهو پهريائين سندن حياتيءَ جا عام تصور وٺي ٿو، پوءِ انهن کي ڇنڊي ڇاڻي ۽ انهن بابت پنهنجي راءِ قائم ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻين ماحولن سان ڀيٽ ڪندي انهيءَ سماج بابت نتيجا ڪڍي ٿو.
حسي ڄاڻ کان منطقي ڄاڻ تائين ماڻهو پنهنجي پورهيي، شين جي ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه، هڪڙين شين جي ٻين شين سان ملندڙ ۽ مختلف خاصيتن جي ڀيٽ ۽ ڇنڊڇاڻ،انهن جي وچ ۾ فرقن جي ڄاڻ وسيلي پهچي سگهيو.
ماڻهو جيڪڏهن بامقصد سرگرمي (پورهيو) نه ڪري ها ۽ ٻين جانورن جيان رڳو جبلي اثرن هيٺ جياپي جون گهرجون، جيئن پوريون ٿي سگهن ٿيون، پوريون ڪندو اچي ها، ته هن ۾ ۽ ٻين جانورن ۾ ڪو به فرق نه هجي ها. اهو پورهيو ئي آهي جنهن هر ڪتب ايندڙ شيءِ جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر، جوهر ۽ انهن جي وري ٻين شين جي حقيقت، اصليت، بناوت، ڳر ۽ جوهر سان ڀيٽ وسيلي ڄاڻ مهيا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي اپتائتي عمل ۾ ڳنڍيندي پيداواري ناتن جي لڙيءَ ۾ پوئي هڪ سماجي (راڄوڻي) مالا بنايو، جنهن ماڻهو ٺاهيو، ٻولي ٺاهي ۽ ثقافت کي تخليق ڪيو...
راڄ (سماج) ۾ رهڻ ڪري ئي ماڻهوءَ جي سمجهه وڌي سگهي. هو شين ۽ خود پنهنجي فطرت، اصليت، جوهر کان واقف ٿيو، هو ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کان واقف ٿيو.
ڪنهن به ڪُتي جو انهن ڳالهين سان ڪو واسطو ڪونهي ته هڪ ماڻهو مظلوم آهي، پورهيو ڪرڻ باوجود بکيو ۽ ڏکيو آهي ۽ ٻيو ماڻهو پورهيو نه ڪرڻ باوجود ڍاوَل ۽ سکيو آهي ته ڇو، مظلوم قومن جي آزاديءَ، مظلوم پورهيت عوام جي آزاديءَ سان به ڪنهن ڪتي جو ڪو واسطو ڪونهي. ماڻهوءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي جيڪو ڪائنات، سماج ۽ خود ماڻهوءَ جي ذهن جي هر ذري جو اڀياس ڪري گڏيل نتيجا ڪڍي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو شين جي وچ ۾ هڪ ٻي سان تعلق، ماڻهن جي وچ ۾ هڪ ٻي سان ڳانڍاپي کي سمجهي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو مادي (فطرت) جي قانونن ۽ سماجي قانونن کي سمجهي سگهي ٿو ۽ سماجن ۽ فطرت کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ماڻهو جيڪڏهن پورهيو نه ڪري ها، ته پاڻ ۾ بس ايتروئي ڳنڍيل هجي ها جيترو ڪو به جانور، ته نه سماج هجي ها، نه ٻولي هجي ها، نه ثقافت هجي ها ۽ نه ئي وري ڪا سمجهه.
راڄ (سماج) کان ٻاهر ڪا به سمجهه ٿي نه ٿي سگهي، ماڻهوءَ جي سمجهه رڳو ان ڪري ناهي، جو ماڻهو جيئرو، ڳتيل ۽ اسريل دماغ رکندڙ آهي پر ان سان گڏ ان ڪري به آهي جو ماڻهو سماجي زندگي گذاري ٿو. سماجي زندگيءَ ۾ عملي سرگرميءَ ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کان ڌار رهي ڪا به سمجهه پيدا ٿي نه ٿي سگهي. سمجهه ڪو سماج کان ڇڳلُ، ڌار، اڪيلو لقاءُ ڪونهي. ماڻهو هڪ سمجهه ڀري هستيءَ جو روپ رڳو تڏهن وٺي سگهي ٿو جڏهن اهو ماڻهوءَ راڄ ۾ رهندو هجي.
ڪا به سوچ انساني برادريءَ کان ٻاهر ڪانهي. سماج ۾ سرگرميءَ سبب سوچ پيدا ٿي سگهي، پورهيو (پيداوار) ڪرڻ دوران هڪ ٻي لاءِ پيدا ٿيل لاڳاپن جي نتيجي ۾ ئي سوچ پيدا ٿي سگهي ٿي. پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ کي، ماڻهوءَ راڄ (سماج) کي پيدا ڪيو آهي ۽ پورهيو ئي آهي جنهن ماڻهوءَ دماغ پيدا ڪيو ۽ ماڻهوءَ سمجهه پيدا ڪئي. سمجهه هڪ سماجي پيداوار آهي، سماج کان ٻاهر ڪا به سمجهه ناهي.
جيڪڏهن ماڻهو سماج ۾ رهندڙ نه هجي ها، هڪ ٻي سان لڳ لاڳاپي ۾ نه هجي ها، هڪ ٻي سان ڪا ٻولي نه ڳالهائيندو هجي ها، ته هو پنهنجي ڪنهن به خيال، سوچ، سمجهه کان، پنهنجن تجربن کان ٻي ماڻهوءَ کي، ايندڙ نسلن کي ڪنهن به طرح واقف نه ڪري سگهي ها. ٻوليءَ کان سواءِ ته ماڻهو سوچي به نه ٿو سگهي. ماڻهو جڏهن سوچي ٿو تڏهن ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءِ ۾ ئي سوچي ٿو. سوچ کي سماج کان، ٻوليءَ کان ڪنهن به طرح ڌار ڪري نه ٿو سگهجي.
اچو ته هاڻي هڪ مشين بابت ڪجهه ڳالهيون ڪيون. هڪ اهڙي مشين بابت، جيڪا ”ذهين“ آهي، ”عقلمند“ آهي، ”سوچيندڙ“ آهي. سرمائيدار ملڪن جا ڪجهه ڀورڙا سياستدان ۽ سائنسدان ان کي دنيا جو ”ٻرندڙ مسئلو“ چئي پيش ڪن ٿا ڇو ته هنن لاءِ قومي آزادي، طبقاتي آزادي، انساني آزادي، ظلم جو خاتمو وغيره جهڙا مسئلا ”ٻرندڙ مسئلا“ ناهن.
هن وقت جنهن مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون اها ڪا عام قسم جي مشين يا صنعت ناهي. توهان ڪئلڪيوليٽر (حساب ڪندڙ مشين) بابت ٻڌو هوندو جيڪا لکن ڪروڙن جي انگن جي وڍ، ڪَٽ، ضرب، جوڙ وغيره سيڪنڊن ۾ حل ڪريو ڇڏي. هتي ان جو ذڪر ناهي. اها به هڪ سادي مشين آهي. اسين ته ذهين مشين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون.
اهي مشينون ڏاڍيون ڏکيون ۽ نازڪ قسم جون آپريشنون ڪن ٿيون، اهي ”ياد رکن ٿيون“ ته ڪهڙيون آپريشنون ڪيئن ڪرڻيون آهن، اهي وڏين صنعتن جون پيچيده مشينون هلائن ٿيون، ريل گاڏي ڊوڙائن ٿيون ۽ ”اندازو لڳائن ٿيون“ ته ڪڏهن گاڏي ءَ کي ڍرو ڪرڻو يا بيهارڻو، هلائڻو يا تيز ڪرڻو آهي، اهي هوائي جهاز اڏائن ٿيون ۽ انهن کي ٺيڪ ٺاڪ پاسن ڏي اڏاري گهربل جاءِ تي لاهن ٿيون، اهي هڪڙين ٻولين مان ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪن ٿيون ۽ ايترو تيزيءَ سان جو هڪ ماڻهو جرمن ٻوليءَ ۾ ويٺو ڳالهائي ته ٻيو ماڻهو ان جو آواز انگريزيءَ ۾ ويٺو ٻڌي ـــــــــ هزارين لفظ ۽ انهن جي معنى ياد رکن ٿيون، اهي شطرنج جهڙي راند جون سوين چالون ياد رکن ٿيون ۽ وقت سر کيڏن ٿيون ۽ ڪجهه منطقي مهمون به پوريون ڪن ٿيون.
ڦورو ماڻهن وٺي گوڙ مچايو آهي ته اهي ”ذهين مشينون“ اڳتي هلي ماڻهن تي، دنيا تي، ڪائنات تي حڪومت هلائڻ لڳنديون!
ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ مشين مڪمل طرح ماڻهوءَ دماغ جو بدل هجي؟
انهن مشينن وسيلي کڻي ڪهڙا به ڪارناما ڪيا وڃن پر اهي بهرحال ڪن مشيني پاڻ مرادن (آٽوميٽڪ) عملن تائين محدود آهن. سوچ کي ڪن مشيني پاڻ مرادن عملن تائين محدود ڪري نه ٿو سگهجي. سوچ کي پنهنجو مشيني بڻ بنياد ماڻهوءَ راڄ، سماجي زندگيءَ ۾ آهي. سوچ هڪ راڄوڻي پيداوار آهي ۽ اهڙي باقاعدي حياتيءَ ڀريو (جيئاڪ) پورهيو اصولي طرح بهرحال مشين کي ميسر ناهي. ”ذهين مشينون“ ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال آهن.
”ذهين مشينن“ جي ”ذهانت“ ۾ اڃا به واڌ ٿيندي رهندي ۽ اهو به ممڪن آهي ته انهن وسيلي اڳتي هلي فلسفي جي ڪيترن ئي مسئلن کي به بيان ڪرايو وڃي پر پوءِ به اهي رڳو ايترو ڪري سگهنديون جيترو سندن ”دماغ“ ۾ رکيو ويو هجي. اهي سماجي حالتن جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري نه ٿيون سگهن. اهي بهرحال ڌاتوئي پوشاڪ ۾ ماڻهوءَ جا خيال ئي رهنديون. ماڻهوءَ کان سواءِ ڪا به مشين رڳو هڪ ”مئل“ ڌاتو آهي.
ماڻهوءَ دماغ ڪنهن به مشين کان ڏاڍو مٿاهون ڇو آهي؟
ماڻهوءَ دماغ مشين کان ڏاڍو مٿاهون ان ڪري آهي جو اهو سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. خيال، سمجهه به ساڳيءَ طرح سماجي سرگرميءَ جي پيداوار آهي. دماغ جو ڪم ايترو ئي ڳتيل آهي جيترو سماجي رشتا، سماجي پورهيو، سماجي عمل، سماجي لقاءَ، دنيا جا لقاءَ، ڪائنات جا لقاءَ، مادي ۽ مادي جا لقاءَ. ڪو به ”اليڪٽرانڪ مشيني دماغ“ ان لائق نه ٿي سگهندو جو اهو ماڻهوءَ جي ذهني دنيا، ان جي تخليقي قوت، خيال جي اڏام، هن جي خوابن، فن جي ڳتيل ۽ نفيس دنيا يا ماڻهوءَ جي جذبن کي عمل ۾ آڻڻ جي لياقت پيش ڪري سگهي. ماڻهوءَ دماغ هڪ جيئري هستيءَ جو دماغ آهي جڏهن ته ”مشيني دماغ“ هڪ ”مئل“ ڌاتو.
”ذهين“ مشينون رڳو اهي ڪم ڪري سگهن ٿيون جيڪي مشيني قسم جا آٽوميٽڪ نموني جا هجن. ”ذهين“ مشينون آئنده ڪهڙا به ڪم ڪن، اهي ڪيترو به ماڻهوءَ بدل ثابت ٿين پر اهي بهرحال ماڻهوءَ جون غلام رهنديون. ماڻهو انهن کي پيداواري، تعليمي ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل ڪرڻ ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندو رهندو.
مشين سوچڻ لائق نه آهي. اها سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ ماڻهوءَ جي واهر ڪري سگهي ٿي. ”ذهين“ مشينون ماڻهوءَ جو ذهني ڪم سولو ڪرڻ جي خدمت ڪن ٿيون.